پاڪستانسنڌ

نوري آباد لڳ مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

نوري آباد: نوري آباد لڳ ايم نائن موٽروي تي نوري آباد ويجهو دادا ڀائي سيمينٽ فيڪٽري وٽ حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ روڊ تي ڪوريئر سروس جي مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڊرائيور ساجد بلوچ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏنهن ته ذيشان حبيب شديد زخمي ٿي پيو. زخمي کي نوري آباد جي ايڌي رضاڪارن ۽ موٽروي پوليس جي مدد سان نوري آباد ٽرامه سينٽر نيو ويو، جتي کيس طبي امدا فراهم ڪئي وئي آهي. فوتي ڊرائيور جي مڙهه کي نوري آباد پوليس ضروري ڪارروائي ڪرڻ لا ٿاڻي تي آندو ويو. ڪارروائي بعد لاش پوسٽ مارٽم لا ٿاڻي بولاخان نيو ويو. فوتي ڊرائيور ۽ زخمي ڪراچي ملير جا رهواسي هئا، جن کي ايڌي رضاڪارن جي مدد سان ڪراچي منتقل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button