پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي مڪاني چونڊون لاءِ هر وقت تيار آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي مڪاني چونڊون لاءِ هر وقت تيار آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط لکيو هو ته برسات جي ايمرجنسي سبب سنڌ حڪومت وٽ اهلڪارن جي کوٽ آهي. مڪاني ادارن جون چونڊون ٻن مرحلن ۾ ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي پر اليڪشن ڪميشن اسان جي تجويز منظور نه ڪئي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن قابل احترام ادارو آهي، 15 هزار اميدوارن کي يقين ڏياريو وڃي، سنڌ حڪومت 23 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊن لاءِ تيار آهي.

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 37830 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير امدادي سرگرمين بابت جاري پريس بيان ۾ چيو ته بدين ۾ 500 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا آهن. اهڙي طرح دادو ۾ 4000، حيدرآباد ۾ 3000، سکر ۾ 4100، ميرپورخاص ۾ 1000، جيڪب آباد ۾ 1000، لاڙڪاڻو ۾ 3510، قمبر-شهدادڪوٽ ۾ 6500، خيرپور ميرس ۾ 6320، ٺٽو ۾ 2500 ۽ شڪارپور ۾ 5400 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. مجموعي طور تي 1762669 خاندانن ۾ راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button