پاڪستانسنڌ

اين ٽي ايس پاس استادن جي وزيراعليٰ هائوس وڃڻ جي ڪوشش، ڪيترائي گرفتار

ڪراچي: 8 سال اڳ 2013ع ۾ اين ٽي ايس پاس ڪندڙ استادن آفر ليٽر نه ملڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ۽ وزيراعليٰ هائوس وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي درجنين استادن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب 2013ع ۾ جونيئر ايليمينٽري اسڪولن جي استادن، پرائمري اسڪولن جي استادن ۽ هاءِ اسڪول جي استادن جي مقرري لاءِ اين ٽي ايس پاس ڪيل اميدوارن آفر ليٽر نه ملڻ تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ۽ وزيراعليٰ هائوس وڃڻ جي ڪوشش ڪئي.

پوليس مظاهرين کي روڪڻ لاءِ رڪاوٽون ٺاهي ڇڏيون، جنهن کي پار ڪندي استادن وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪيو ۽ درجنين اميدوارن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس مرد ۽ عورت استادن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته اسان نيشنل ٽيسٽنگ سروس 2013ع جا اميدوار سڄي سنڌ مان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران گڏ ٿيا آهيون، هنن چيو ته 7 مهينا اڳ سنڌ هائي ڪورٽ اسان جي حق ۾ فيصلو ڏئي چڪي آهي پر انصاف نه ٿيو آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته اين ٽي ايس ۽ آءِ بي اي لاءِ گڏيل پاليسي جوڙي وڃي ۽ اسان کي مقرري جا ليٽر جاري ڪيا وڃن، هنن گرفتارين جي پڻ مذمت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button