
منهڙو: منهڙو ۾ پي ايس ٽي پاس اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف سيد حبيب شاھه، ظفر لاشاري، سهراب ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ منهڙو پريس ڪلب اڳيان مورو ٻانڌي روڊ تي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اميدوارن چيو ته ضلعي شهيد بينظيرآباد جي ٻين تعلقن سڪرنڊ، نوابشاهھ ۽ دوڙ ۾ 41 ۽ 40 مارڪون کڻندڙن کي آفر آرڊر ڏنا پيا وڃن، پر تعلقا قاضي احمد جي 40 کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوارن سان ماٽيلي ما وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي ۽ سيٽون به ظاهر نه ڪيون ويون آهن، جيڪا اسان سان سراسر ناانصافي آهي. هنن صوبائي وزير سردار شاهه ۽ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي.