پاڪستانسنڌ

خانپورمهر ۾ پي پٽ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو ڌرڻو، باهيون

خانپورمهر: خانپورمهر ۾ ڳوٺ ٻانهو گڏاڻي ۾ 4 سال اڳ قتل ٿيل جمعدار گڏاڻي ۽ ڏيڍ مهينو اڳ قتل ٿيل سندس پي محمد گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لا وارثن اشفاق گڏاڻي، مولوي محمد امين گڏاڻي، شاهجهان گڏاڻي، ابرار گڏاڻي، خادم حسين، علي حسن ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي دوران پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. مظاهرين چيو ته 4 سال اڳ اسان جي نوجوان جمعدار گڏاڻي کي قتل ڪيو ويو ۽ ڏيڍ مهينو اڳ مقتول جمعدار جي پي محمد خان گڏاڻي کي پڻ قتل ڪيو ويو آهي، پر هن وقت تائين خانپورمهر پوليس قاتل گرفتار نه ڪيا آهن، جوابدار ڪيس تان هٿ کڻائڻ لا گهرن تي فائرنگ ڪن ٿا. هنن آ جي سنڌ، ڊي آ جي سکر ۽ ٻين کان تحفظ جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button