عمران خان کي جڏهن کان اقتدار تان ھٽائي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي تڏهن کان ھو شايد ننڊ به نه ٿو ڪري ۽ گرفتاري کان بچڻ خاطر روزانو لکين ماڻهن جي ميڙ ۾ پناھه ٿو وڃي وٺي ته جيئن گرفتار ٿيڻ شرط جوش ۽ جذبي ۾ چارج ٿيل ماڻهن جو لشڪر جسماني طرح پوليس ۽ ٻي قوت سان مزاحمت ڪري کيس ڇڏائي سگهي.
ٻئي پاسي عدالتن جا جج به کيس بار بار ضمانت منهنجي خيال ۾ انهيءَ مجبوري وچان ڏيو ڇڏين ته ڪٿي نواز شريف جي زماني ۾ سپريم ڪورٽ تي ٿيل حملي وانگر ڪو وڏو گھمسان نه ٿي وڃي. ڪوبه جج پبلڪ پريشر آڏو پاڻ کي ايڪسپوز نه ٿو ڪرڻ چاهي.
پر سوچيان ٿو ته آخر ڪيستائين عمران خان کي ضمانت تي آزاد رکي سگهندا ڇاڪاڻ ته فارين فنڊنگ ڪيس ۾ آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 ۾ صادق ۽ امين وارو جيڪو سخت شرط لکيل آهي ان کي ڪيئن ھيٺ مٿي ڪري سگهبو. پر وري ڏسون ٿا ته پاڪستان جي جن حڪمرانن تي باقاعدي فرد جرم لاڳو ڪري سزائون ڏنيون ويون هيون انهن کي به جيڪڏهن نواز شريف جيان بيماري جي ڪوڙي بھاني آزاد ڪري سگهن ٿا ته پوءِ عمران خان ته سزا کاڌل ڪونهي، سو ھن شخص کي گرفتار ڪري پنهنجي لاءِ آزار پيدا ڪرڻ کان نه رڳو عدالتون پر ملڪ جا ظاهري توڙي اصلي حاڪم به هاسيڪار لنوائي رهيا آهن.
اصل ۾ سڀني ڌرين کي ڊپ ڏياريندڙ ڳالھيون ھي آھن: ھڪ ته مھانگائي، بيروزگاري ۽ اڻ ھوند جي ڪري پنجاب ۽ خيبر پختون خواه جي خلق مڇرجي پيئي آهي. ٻيو اڄ سوشل ميڊيا جو دور آهي جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو، محمد خان جوڻيجو ۽ بينظير ڀٽو جي زماني ۾ ڪونه ھو ۽ ماڻهو ويچارا وڏي عرصي تائين مارشل لا جون سختـيون به سھي نٿي سگهيا. تنهن ھوندي به 1983 آگسٽ کان شروع ٿيل ايم آر ڊي واري زبردست پر سنڌ تائين محدود ٿي ويل تحريڪ جنرل ضيا جي حاڪميت کي ڌوڏي ڇڏيو ھو. مجبور ٿي کيس غير جماعتي چونڊون به ڪرائڻيون پئجي ويون. عمران خان کي اڄ جيڪا ڇوٽ مليل آهي ان ۾ سوشل ميڊيا جي برڪتن سان پنجاب ۽ خيبرپختونخواه ۾ پکڙيل سجاڳيءَ جي ڪري فوجي سربراهه پڻ ڇتي تنقيد جو نشانو بڻجي رهيو آهي. واڳ ڌڻي گهڻا ئي ڀيرا اهو ورجائي چڪا آهن ته هنن جو سياست سان ڪو به لاڳاپو ناهي ۽ هنن کي سياست ۾ نه گهليو پر مڇريل ماڻهن کي سندن انهيءَ ڳالهھ تي اعتبار نه ٿو اچي. اچي به ڪيئن جو سوشل ميڊيا ذريعي ھر ھڪ حقيقت صاف ظاهر ٿيو وڃي.
عجيب صورتحال آهي پاڪستان جي جتي سياسي ڀڃ ڊاهه جو ھر ڀيري ابتو نتيجو نڪتو آهي. مثال طور جنرل ضيا سياسي پارٽين تي ۽ سياسي سرگرمين تي 4 جولائي 1977 تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ڊاھي مارشل لا مڙھڻ مھل ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان (ياد رکو ته ان وقت سوشل ميڊيا ته ڇا پرائيويٽ ٽي وي چينلز به نه هئا) ٻه اعلان ڪيا جيڪي ھڪ ٻئي جي ابتڙ هئا جيئن اڄڪلهه مبينه بيانيو جو استعمال عام ٿيندو وڃي!
ھڪڙو اعلان ڪيائين ته اڄ کان سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي سياسي سرگرمين تي پابندي لڳائي ويئي آهي تنھن ڪري جيڪا به پارٽي احتجاج يا ڪنهن به قسم جي سياست ۾ حصو وٺندي، ان تي فوجي عدالتن ۾ ڪيس ھلائي کين سزائون ڏنيون وينديون.
ٻيو متضاد اعلان ڪيائين ته فوج به سياسي سرگرمين ۾ حصو نه وٺندي بلڪ نوي ڏينهن اندر عام چونڊون ڪرائي، اقتدار اليڪشن کٽيندڙ پارٽي حوالي ڪيو ويندو. ھاڻي سوچيو ته ھڪ ئي تقرير ۾ ٻه ابتڙ واعدا ڪري ڇڏيائين ۽ انهن تي نوي ڏينهن ته ڇا نوي ھفتن يا نوي مھينن ۾ به عمل نه ڪري سگهيو ڇو ته سندس نيت ئي خراب هئي. جنرل ضيا فقط ٽن مهينن کان پوءِ جيڪا وزارت ٺاهي تنهن ۾ پيپلزپارٽي حڪومت جي مخالفت ڪندڙ 9 ئي سياسي پارٽين کي شامل ڪري ڇڏيائين. نئين ٽھي جي ڄاڻ لاءِ جنرل ضيا جي ٺاهيل ڪابينا جي ڪجهھ وزيرن جا نالا لکان ٿو ته جيئن انهن جي نسل کي سڃاڻڻ ۾ کين سولائي ٿئي.
مولانا مفتي محمود، پروفيسر غفور، الاهي بخش سومرو ۽ سندس پيءُ حاجي مولا بخش سومرو، ظفر الله جمالي، خواجه آصف جو پيءُ خواجه صفدر حسين، مخدوم جاويد هاشمي ۽ ساڳئي وقت ميان نواز شريف کي پنجاب جي خزاني جو وزير (1985 جي غير جماعتي اليڪشن بعد چيف منسٽر پنجاب) ۽ ٻيا گهڻا ئي واعدا ھن پنھنجن وطن واسين سان پورا نه ڪيا. ظلم، جبر ۽ بندوق جي طاقت پنج وقت نمازي جنرل ضيا کي ايڏو ته مغرور ڪري ڇڏيو جو ڪجهه عرصي اندر پنهنجي هٿن سان ٺاهيل ڪابينا کي ھٽائي مجلس شوريٰ جو اعلان ڪري ڇڏيائين.
جنرل ضيا وانگر اڄ سندس شاگرد به چوندا هڪڙي ڳالهه آهن ۽ عمل ان جي ابتڙ ڪندا آهن. اڄ عمران خان سگهاري ڌر يعني اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ ڏکيون حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. لاڏ ڪوڏ ۾ پاليل لاڏلو ئي نيٺ پنھنجن مائٽن لاءِ عذاب بڻجي ويندو آهي. ۽ اها حقيقت ياد رکجو ته آزاديءَ سان ماڻهن جا ميڙاڪا ڪندڙ هي عمران خان جنهن ڏينهن جيل ۾ واڙيو ويو، ان ڏينهن کان پوءِ عوام لاءِ گهٽ پر اسٽيبلشمينٽ لاءِ وڌيڪ مٿي جو سور بڻجي سگهي ٿو.
جيتوڻيڪ آئون ذاتي طرح سنڌ بابت عمران خان جي سوچ کي گھڻن ئي دوستن جيان زھريلو سمجهان ٿو پر جيئن ته گذريل چوڏهن سالن ۾ سنڌ جي حاڪمن پنهنجن ئي ڪروڙين سنڌين کي دربدر ۽ ذليل خوار ڪيو آهي. اھڙو ظلم ڪرڻ جي جرئت ته ڪنهن مارشل لا ڊڪٽيٽر کي به نه ٿي سگهي. جيڪي به مارشل لا مڙھڻ وارا ھئا سي ڄاوا پنجاب ۽ انڊين برٽش آرمي ۾ ڀرتي ڪيل زماني جا ھئا يا جنرل اسلم بيگ ۽ جنرل مشرف جي ماءُ پيءُ وانگر هندستان مان لڏي اچي ھتي آباد ٿيا هئا. اصل حڪمران ته پاڪستان جا اهي ئي رهيا آهن ۽ سويلين سرڪار مڙئي نالي ماتر.
پر اسان جي سنڌ سرڪار کي ڇا چئجي ته ٻوڏ جي تباهي کان ٻچڙن کي بچائڻ خاطر ھڪڙي پڙهيل لکيل سٻاجهي سنڌي آفيسر علي اڪبر مغيري مرحوم جا پونئير سپر هاءِ وي تي ڏھه ڏينهن اڳ ٿيل دردناڪ حادثي جي شهيدن سان عذر خواھي لاءِ به نه وڃي سگهيا. علي اڪبر مغيري جيڪو 1973 کان منهنجي جوانيءَ جو سچو ساٿي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو توڙي ڊي سي ڪراچي ويسٽ (جنهن کي 9 سال اڳ ملير ضلعي ۾ شامل ڪري پ پ حڪومت کپايو) پنهنجي دور ۾ سنڌي قوم جي زمينن مان ڪنهن هڪڙي انچ تي ناجائز قبضو ڪرڻ نه ڏنو ان جو خاندان ايئن بي موت مارجي وڃي، ھڪڙو سوال پيدا ڪري ڇڏيو آهي ته ڇا سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪا ھستي آهي!
وڏ ڦڙن وسڪارن کي به پورا ٻه مھينا لنگهي ويا آهن پر اڃا تائين سنڌ جا نام نهاد حاڪم اتر سنڌ ۽ لاڙ جي ڪيترن ئي ضلعن منجهان مينهن جو پاڻي ڪڍي نه سگهيا آهن. اسان سنڌ واسين کي چڱي طرح خبر آهي ته انگريزن جو ٺاهيل آبپاشي نظام ڪنهن ڪنهن برباد ڪيو. سنڌ جا ماڻهو آخر ڇو پيا دانهون ڪن، جي کي ڪو به نه ٿو ورنائي. اتر جون ٿڌيون هوائون گهلڻ لڳيون آهن. ڇا سنڌ حڪومت جي ذميوارن کي اھا ڄاڻ آهي ته سياري جي لڱ ڪانڊاريندڙ سي ۾ اڃا ڪيترا معصوم ٻارڙا ۽ ٻڍڙا بيمارين وگهي مرندا ۽ هر ڏينهن ھر رات مڙندا رهندا.
هاڻي نئين خبر سنڌ ڪابينا جي ھي آهي ته اڱاري تي ڪيل گڏجاڻيءَ ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ کي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان ڪڍڻ لاءِ 4800 ڪروڙ منظور ڪيا آهن. سنڌ جي رليف منسٽر کي سڄي سنڌ ۽ سڄي دنيا سڃاڻي ٿي. ڇا هي سنڌي ماڻهن جي قومي خزاني مان خرچ ٿيندڙ تمام گهڻي رقم سچ پچ بي گهر ۽ دربدر ٿيل سنڌين کي سندن گهرن ۾ ٻيھر آباد ڪرڻ واسطي ڪم ايندي يا کنڀ ھڻي اڏامي وڃي پرڏيهي ملڪن جي بئنڪن ۾ جمع ٿيندي! 2010 ۾ اعلانيل بينظير ڀٽو شهيد ھائوسنگ اسڪيم ۾ ڇا اڄ ڏهن سالن ۾ به ڪنهن ھڪڙي بي گهر ٿيل خاندان کي آباد ڪيو اٿئو، سنڌ جا نام نهاد حاڪمئو!