پاڪستانسنڌ

ماما جمن دربدر جي موڪلاڻي، سندس ئي گيتن سان ڌرتي ماءَ حوالي

عمرڪوٽ: سنڌ جو ناميارو قومي ڪارڪن سيد ۽ سنڌ جو عاشق ماما جمن دربدر 80 سالن جي ڄمار ۾ دل بيھڻ سبب عمرڪوٽ لڳ پنھنجي اباڻي ڳوٺ روحل وا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وڇوڙي جي خبر سڄي سنڌ ۾ ڏک جي لهر پکيڙي ڇڏي. جڏھن ته لاڏاڻي بعد وڏي تعداد ۾ اديب، ليکڪ ۽ سياسي سماجي اڳواڻ سندس تڏي ڳوٺ روحل وا تي پُھتا. جڏھن ته سڄي سنڌ مان قومپرست اڳواڻن، دانشورن، اديبن ۽ قومي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ جمن دربدر جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم جي جنازي نماز نامياري عالم دين مولانا عبدالقادر جمالي پڙھائي. جڏھن ته سندس مڙهھ کي جڏھن پنھنجي آخري آرامگاهھ ڏانھن کنيو ويو ته سڄو ماحول سوڳوار ٿي ويو، ڪيترائي قومي ڪارڪن، اديب، شاعر ۽ ساٿي اوڇنگارون ڏئي لڙڪ لاڙيندا رھيا. آخري رسمن وقت سندس مڙھه کي جيئي سنڌ جي جھنڊي ۾ ويڙھيو ويو ۽ آخري سفر دوران سنڌ جي نامياري صوفي راڳي مانجھي فقير پنھنجي سُنگ سميت شريڪ ٿي چپڙي ۽ يڪتاري سان سندس مشھور گيت وٺي ھر ھر جنم وربو ڳائي ڀيٽا پيش ڪئي. گيت دوران وڏي انگ ۾ شريڪ قومي ڪارڪنن جيئي سنڌ جا نعرا ھڻي کيس قومي سلام پيش ڪندا رھيا، جنهن کان پو ماما جمن دربدر کي ھزارين سوڳوارن جي موجودگي ۾ ڳوٺ روحل وا جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو. تدفين بعد سندس آخري آرامگاھه تي قومي ڪارڪنن قومي ترانو ڳائي سلامي پيش ڪئي. جنازي نماز ۽ تدفين واري آخري رسمن ۾ ايس يو پي سنڌ جي صدر سيد زين شاهه، جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، اديب تاج جويو، اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، ڊاڪٽر خوشحالداس ڪالاڻي، صحافي لالا رحمان سمون، علي آڪاش، نياز پنهور، ناز سهتو، شوڪت ميمڻ، ڌڻي بخش باريجو، صوفي راڳي مانجهي فقير، شفيع فقير، سڪندر شفيع فقير، مٺو سانگهڙائي، قومپرست اڳواڻن جي ايم ڀڳت وڪيل علي حسن چانڊيو، حسين بخش ٿيٻو، خليل ڪنڀر، دولت رام کتري، سڪيلڌو راھمون، علي اڪبر راھمون، ڪامريڊ نندلال مالھي، فقير نور جادم منڱريو، سيد سرفراز شاهه، سيف الله خالد سراج سومرو، دلاور مالڪاڻي، ناز سهتو، اڳوڻي ايم پي اي حاجي علي مراد راڄڙ، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، محمد علي خشڪ، سورھيه سنڌي، آڪاش ملاح، عطا چانھيون، وڪيل اندرجيت لوھاڻو، ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو، ڌڻي بخش سولنگي، امير آزاد پنھور، ڪرشن شرما، جميل ڌونڪائي، ارباب ڀيل، جلال ڪوري، پروفيسر انعام ڀٽي ۽ ٻين معززين شرڪت ڪئي. جمن دربدر جو ڀاڻيجو حليم باغي، حاجي ساند ۽ اسحاق ساند پُڻ شاعر آهن. جڏهن ته ماما جُمن دربدر پونئرن ۾ پنج نياڻيون ۽ پنج پٽ علي محمد سگهڙ، هوشو، راڻو ۽ سرور سوڳوار ڇڏيا آهن. سندس تڏو اباڻي ڳوٺ روحل وا ۾ وڇايو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button