عالمي

برطانوي وزيراعظم لزٽرس ڏيڍ مهيني جي مهمان، عهدي تان استعيفا جو اعلان

برطانيا ۾ حڪومتي سطح تي وڏو انتظامي بحران ٿي پيو، ڏيڍ مهينو اڳ وزيراعظم طور چونڊيل لز ٽرس پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هو صرف 44 ڏينهن وزارت اعظميٰ جي ڪرسي تي رهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب برطانيا ۾ ناڻي ۽ گهرو معاملن جي وزيرن جي استعيفائن بعد خاتون وزيراعظم لز ٽرس به استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. مستعفي ٿيڻ بعد هو برطانيا جي تاريخ ۾ 1827ع کانپو سڀ کان گهٽ مدي تائين وزيراعظم رهندڙ شخصيت پڻ بڻجي وئي آهي. لزٽرس اڳوڻي وزيراعظم بورس جانسن جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد 6 سيپٽمبر تي عهدو سنڀاليو هو. ان حوالي سان لزٽرس جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال ۾ مينڊيٽ مطابق حالتن تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيس، مون پنهنجي استعيفا بابت برطانوي بادشاهه کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب لز ٽرس لا اهم وزيرن جي استعيفائن بعد پنهنجو عهدو برقرار رکڻ ڏکيو ٿي پيو هو، مستعفي ٿيل وزيراعظم کي گذريل ڪجهه ڏينهن اندر مارڪيٽ ۽ معيشت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو، برطانيا جي سياستدانن ۽ ڪاروباري شخصيتن وزيراعظم لز ٽرس جي فيصلن کي ملڪ لا نقصانڪار ۽ تڪڙا ۾ ڪيل فيصلا قرار ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button