ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پرڏيهي شڪاري ۽ ناظم جوکيي جو قتل

Editorial

سنڌ ۾ هر سال عرب ملڪن مان شهزادا شڪار ڪرڻ لا پهچي ويندا آهن، انهن کي شڪار ڪرائڻ لا سموريون سهولتون پڻ ڏنيون وينديون آهن. اهي شڪاري گهڻو ڪري تلور پکي جو شڪار ڪندا آهن. پاڪستان جي حڪومت جيئن ته شڪار ڪرڻ لا انهن کي لائسنس ڏيندي آهي، ان ڪري انهن لا سڄي ملڪ ۾ شڪار ڪرڻ ڪو مسئلو ناهي ۽ مقامي سطح تي سنڌ جا وڏيرا ۽ بااثر ماڻهو انهن جي جي حضوري ڪرڻ ۾پورا هوندا آهن. جڏهن ته تلور پکي جو نسل وڏي وقت کان اڻلڀ آهي پر تنهن هوندي به وفاقي حڪومت پرڏيهين کي لائسنس جاري ڪندي رهندي آهي. تازو ئي ٺٽي جي ڪوهستان واري علائقي ۾ نوجوان جي قتل وارو واقعو پيش آيو آهي، انهي جو پسمنظر به شڪار آهي. اهو سلسلو وڏي وقت کان هلندڙ آهي.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب ٺٽي جي ڪوھستان پٽي پرڏيھي مھمانن لاءِ پناهه گاهه بڻجي وئي ۽ مقامي ماڻھن لاءِ مقتل گاهه بڻجي وئي آهي. ڌاٻيجي جي ڳوٺ آچار سالار جي رھواسي ناظم جوکيو پنھنجي ڳوٺ ڀرسان شڪار لاءِ آيل عربن جي گاڏي جي وڊيو رڪارڊ ڪئي، جنھن کانپو کيس ڌمڪيون ملي ته وڊيو ڊليٽ ڪر نه ته تنھنجي لاءِ سٺو نه ٿيندو، جنهن کانپو ٻئي ڏينهن تي نوجوان ناظم جوکيو جو ڄام ڳوٺ مان لاش مليو. ان ڏس ۾ مقتول نوجوان ناظم جوکيو جي ڀاءُ اڳوڻي ضلعي ڪائونسلر افضل جوکيو ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان ناظم جوکيو ڪوهستان ۾ شڪار ڪندڙ عرب شھزادن جي موبائيل تي لائيو وڍيو ٺاهي، جنهن کانپو کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ رات دير سان ناظم جوکيو کي زبردستي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ ايم پي اي ڄام اويس گھرام جوکيو جي ماڻھن ھٿياربند ٿي کڻائي ڪارو جبل ڀرسان بااثر سياسي شخصيت جي اوطاق تي پهچايو، جتي کيس تشدد ڪرڻ کانپو ڄام ڳوٺ ملير پھچايو، جتي سڄي رات تشدد ڪري قتل ڪيو ويو ۽ هاڻي اسان جي نوجوان جو لاش به نٿو ڏنو وڃي. ھنن گھر ڪئي ته اسان سان انصاف ڪري نوجوان جو لاش حوالي ڪري قتل جو ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ۽ عرب شڪارين جي شڪار تي پابندي مڙھي نوجوانن جون زندگيون بچايون وڃن. هوڏانهن احتجاج دوران لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن کي جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم کانپو اباڻي ڳوٺ آندو ويو، جتي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو. ان کانسوا ان واقعي جي ايف آر به داخل ڪئي وئي آهي. سنڌ توڙي ملڪ ۾ شڪار تي ڪا پابندي ناهي پر ڇا شڪارين جي گاڏي جي وڊيو ڀرڻ ڪو ايڏو وڏو ڏوهه آهي، جنهن تي ڪنهن ماڻهو کي قتل ڪري ڇڏجي. گذريل ڪيتري عرصي کان سنڌ عرب شڪارين جي آمد جو سلسلو جاري آهي. انهن لا ماڻهن جا لنگهه بند ڪيا ويندا آهن، اتان جي مقامي آبادي سخت متاثر ٿيندي آهي، ائين لڳندو آهي ته انتظاميه ڪڙو چاڙهي ڇڏيو هجي. هن وقت سياسي پارٽيون هن واقعي خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن. پر ڇا ڪنهن به سياسي پارٽي جي منشور ۾ جانور، پکين ۽ ٻي جيوت جي تحفظ جو ڪو پروگرام شامل آهي. هن وقت تائين ڪابه سياسي پارٽي اهڙي ناهي، جنهن ان لا ڪو عملي ڪم ڪيو هجي. ايستائين جو ملڪ جي آئين ۾ اهڙي ڪا شق شامل ناهي. ان ڪري سياسي پارٽين کي ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ جهنگلي جيوت کي تحفظ ڏيڻ لا وڌ کان وڌ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن رڳو ڳالهيون ۽ بيان بازي نه ڪئي وڃي پر ان جي عملي شڪل به نظر اچي. ناظم جوکيي جو قتل هڪ اهم ترين واقعو آهي. جيڪو هن وقت ملڪ جي اهم ترين معاملي طور سامهون آيو آهي. تنهنڪري ان معاملي جي جاچ ٿيڻ ضروري آهي.
اسين سمجهون ٿا ته جيڪي ماڻهو به ناظم جوکيي جي قتل ۾ ملوث آهن، انهن کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ گهڻي شڪار تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي ته جيئن پکين ۽ جانورن جو ناياب نسل بچي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button