سنڌي عوام جي ٻوڏ جي دوران ۽ ٻوڏ کان پوءِ جيڪا حالت ۽ منظر نظر پيا اچن انهيءَ درد ۽ پيڙا کي بيان ڪرڻ لاءِ شيخ اياز جي لکيل اوپرا
” ڀڳت سنگهھ کي ڦاسي” جون ڪجهھ سٽون ترجمانيءَ جي لاءِ ڪنهن حد تائين ڪافي آهن ديس جي مظلوميت ۽ ويڳاڻپ جو منظر هنن لفظن ۾ بيان ٿيل آهي “هي ديس نماڻيءَ رڍ جيان، ڄڻ آهي ساڻيءَ رڍ جيان، ان جي چئني طرف بگھڙ، چيرڻ ڦاڙڻ ۾ سڀ ڀڙ، تن تي جيڪو وار ڪري، ويھه تي اتياچار ڪري، سو جنم جنم اپرادي آ….” سنڌ ۾ اهڙوئي منظر نظر پيو اچي جڏهن سنڌ ٻڏي تڏهن سنڌ جو حڪمران طبقو سنڌ حڪومت ۽ ان جو نفسياتي فطرتي طبقاتي اتحادي ڀوتار ۽ ڪامورو ڏسندو رهيو. لڙهندڙ ۽ ٻڏندڙ سنڌ جي عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ ماڻهن جي درد تي سوچڻ ۽ ان جي ڏک کي ڪجھه گھٽائڻ جي لاءِ هڪ تر جيترو به احساس انهن جي بيحس مزاج تي نه گذريو ها جيڪڏهن انهن جي دماغ ۾ ڪجھه ڦري رهيو هو ته اهو هي جو هاڻي ٻوڏ متاثرن لاءِ عوام جو گڏ ڪيل پيسو رليف جي مد ۾ ايندو ۽ انهيءَ کان پوءِ انهن جي بحالي لاءِ ملندڙ امداد جيڪا گھڻي ڀاڱي عالمي ادارن ۽ ٻاهرين ملڪن طرفان ايندي ته پوءِ ان ٽولي جي لاءِ ٻڏي سنڌ جا ٻارنهن سندن اڳيان ائين محسوس ٿيندو جيئن بگھڙن جي اڳيان گوشت.
هن وقت تائين رليف تي ٿيندڙ خرچ متاثرن تائين ڪيترو پهتو آهي انهيءَ جو جواب اسان کي سنڌ جي تمام متاثر علائقن مان ملندڙ خبرون ۽ نماڻا اٻوجھه نمل چهرا بيمار دربدر ٿيندڙ خاندان جوان، ٻڍا، عورتون، نوجوان ڇوڪريون ۽ ٻار ڏسندي ئي محسوس پيا ڪرائن ته انهن تي ڪهڙي قيامت گذري ۽ هن وقت تائين هو نام نهاد سرڪاري رليف ڪيمپن ڀوتارن جي بنگلن، ڪامورن جي آفيسن ۾ ڀٽڪندي ڪو سمجھڻ ڏکيو ناهي. جواب لفظن جي بجاءِ وجودن جي پيڙا مان ٻڌي ۽ محسوس ڪري سگھجي ٿو. بري وقت ۽ درد کي سڀ کان وڌيڪ گھٽ ڪرڻ جي دعويٰ صرف ۽ صرف مستقبل جي اميد هوندي آهي پر جڏهن اميد جون ڪيفيتون روشني جي ڪرڻن ٿيڻ جي بجاءِ اونداهي گھٽين ۾ دٻجندي محسوس ٿين ته پوءِ درد وڌيڪ شدت سان پيڙا ٿو ڏئي ۽ ائين ئي پيو ٿئي عام مسڪين ۽ مظلوم ماڻهو جنهن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح بنگلن، ڀوتارن يا ڪامورن سان ڪو تعلق ناهي، اهو صرف ۽ صرف ڊٿل گھرن کي اداسيءَ مان پيو ڏسي ڪي ئي مسڪين هڪ ٻئي کان اهوئي ٿا پڇن ته ” هي سنڌ سرڪار بحالي لاءِ ڪهڙو اعلان ڪيو آهي ڪنهن وٽ وڃڻو پوندو ۽ ڪنهن کي ٻڌائڻو پوندو؟”
اخبارن جي زينت بڻيل سنڌ سرڪار جي اعلانن جي جيڪا ڀرمار لڳي پئي آهي ۽ ٻئي طرف سرڪار پاران مقرر ڪيل ٻوڏ متاثر جي رليف ۽ بحاليءَ لاءِ اسپوڪس مين وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ جنهن انداز ۽ لهجي سان ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ بحالي جو ذڪر ڪندو آهي ان شاهاڻي انداز تي الڳ هڪ پوري مضمون لکڻ جي ضرورت آهي. ٻوڏ جي سانحن تي ۽ مستقبل جي لاءِ حڪومتي رٿابندي تي ميڊيا کي معلومات ڏيندي هو جڏهن به پريس ڪانفرنس ڪندو آهي ته اڌ کان وڌيڪ ٽائيم هو پي ٽي آءِ ۽ عمران خان تي تنقيد ڪندي گذاريندو آهي پر سندس ڏنل هاڻي تائين معلومات مطابق 20 آڪٽوبر جي پريس ڪانفرس ۾ ٻڌايو اٿئين ته اڍائي لک ڊٿل گھرن جي سروي مڪمل ٿي چڪي آهي جزوي ۽ متاثرن گھرن لاءِ رقم ملندي پر هن هي ٻيو انڪشاف ڪيو آهي ته مڪمل ڊٿل گھرن جي اڏاوت پيپلز هائوسنگ ڪمپني ڪندي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ اهو به چيو اٿئين ته هو اين جي اوز کي شامل پيا ڪن انهيءَ کان علاوه آبادگارن کي ٻجن لاءِ رقم ست ارب روپيا ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو اٿئين پر ان جي ٽرانسپرينسي ڪيئن هوندي ڪهڙي طريقي سان غير سرڪاري تنظيمون يا فرد ان جي شفافيت کي چيڪ ڪري سگھندا يا ڏسي سگھندا هن وقت تائين انهيءَ جو ڪو به ذڪر ناهي اچي سگھيو. صاحب موصوف اهو به ناهي ٻڌايو ته ڊٿل ۽ متاثر گھرن جي رجسٽريشن واري سروي جو طريقيڪار يعني ڪاغذي ڪارروايون ڪهڙي انداز سان ڪيو ٿو وڃي غريبن جا گھر جيڪي اڪثريت ۾ زميني رجسٽريشن ناهي ٿيل ۽ ڪيترائي ڳوٺ، ڳوٺ رجسٽريشن کان رهيل آهن شهرن ۾ ڪچيون آباديون جن جي وڏي اڪثريت سالن کان يعني نسل در نسل اهڙن آبادين تي مشتمل آهي، جن جي سڪني سٽي سروي جي اندر ڪا به داخلا ناهي.
پوري سنڌ جي شهرن ۾ وارڊن جا نالا ته آهن پر گھٽين جا نالا نالي ماتر آهن هن وقت به گھر نمبر جيڪي آدم شماري جي حوالي سان ڳڻيا ويا آهن يا لکيا ويا آهن انهن جي خبر ان گھرن ۾ رهندڙن کي به ناهي ميونسپل ڪميٽيون پنهنجي اوور اسٽاف جي باوجود گھٽين جي ڪا رجسٽريشن نٿيون ڪن، هتي صرف ۽ صرف پاڙي جو پتو نالي يا ڪنهن خاص جڳھه جي حوالي سان لکيو ويندو آهي هي ايڪيهين صدي ۾ گذاريندڙ سنڌ آهي جنهن جا شهر پوري جا پورا ڊاڪيومينٽيشن جي پراسس کان خالي آهن پ پ پ جنهن “اٽي، لٽي ۽ اجھي” جو نعرو ڏنو هيو انهيءَ کان اها ڪڏهن به اها تڪليف ناهي ٿي ته سرڪاري پلاٽن تي رهندڙن کي سندون ڏين انهن جي رجسٽريشن ٿئي پاڻ ڪافي دفعا مضمونن ۾ اهو دهرائي چڪا آهيون ته هيڏي وڏي تباهي جي گذرڻ کان پوءِ به سنڌ حڪومت کي عوام جي لاءِ ڪا ڳڻتي نه هجڻ جو وڏو ثبوت اهو آهي ته وارڊن ۽ يونين ڪائونسلن ۾ ڪا ڪمپلين ۽ رجسٽريشن ونڊو ناهي قائم ڪئي وئي جتي متاثر ماڻهون وڃي ڪري پنهنجو نقصان لکائي سگھن.
سروي اهڙي انداز سان ڪئي ٿي وڃي جو علائقي جي ماڻهن کي ڪا خبر ئي ناهي منهنجي خود ذاتي معلومات ۾ اهو آيو آهي ته ٻهراڙين جي اندر جيڪا ٽيم ڊي سي موڪلي رهيو آهي انهيءَ ۾ هڪ ڪلارڪ، هڪ تپيدار، انهيءَ سان ٻه فوجي ۽ هڪ يونين ڪائونسل جو سيڪريٽري موڪليو ٿو وڃي. هڪ يونين ڪائونسل جي سيڪريٽري مون کي پنهنجي سروي جي متعلق نالي نه ٻڌائڻ جي شرط تي ٻڌايو ته “سروي جي لاءِ اسان جڏهن ڊي سي کان خرچ جي گھر ڪئي ته ان اهو چيو ته خرچ تپيدار ڪندو ۽ تپيدار چيو مون وٽ پيسا ناهن يوسي سيڪريٽري پاڻ خرچ ڪري هفتي کان پنهنجي گاڏي تي ۽ خرچ تي ٽيم کي وٺي يوسي ۾ وڃان ٿو ماني ۽ چانھه پاڻي جو خرچ گاڏي جا ڪرايا اسان جي ڳچي ۾ آهن باربار گھرڻ جي باوجود ڊي سي صاحب جواب ٿو ڏئي آخر ۾ دڙڪو ڏئي خاموش ڪري ڇڏي ٿو، هاڻي جڏهن وسائل ئي محدود هوندا ته سروي ڪهڙي ڪري سگھنداسي؟”
پوري ضلعن جي اندر جيڪو به نالي ماتر سروي جو ڪم هلي پيو انهيءَ کي مڪمل صيغا راز ۾ رکيو ٿو وڃي جيئن ڪو سيڪيورٽي جا مسئلا هجن. ٿيڻ ته ائين گھرجي ته روز جي بنياد تي سروي جا انگ اکر ميڊيا کي ٻڌايا وڃن ۽ انهيءَ کان علاوه هر ضلعي جي اندر هڪ ويب سائيٽ هجي جنهن تي سروي اپ ڊيٽ ٿيندي اچي ته جيئن عوام معلومات حاصل ڪري ۽ رجسٽريشن کان رهجي ويل يعني سروي کان رهجي ويل متاثر مقرر آفيس جي ونڊوز ۾ وڃي ڪري نقصان لکرائي سگھجن هي اربين رپيا جيڪي ماڻهن کي نئين زندگي جي جياپي جي لاءِ دنيا کان ۽ ملڪي ناڻي مان ملي رهيا آهن اها رقم ڪرپشن کان بچائڻ کان واحد طريقو شفافيت جو عمل آهي پر اسان کي جيڪو نظر ٿو اچي جڏهن سروي جي رقم صحيح خرچ نه ٿيندي ته اها سروي ڪيتري مڪمل ٿيندي ۽ شفافيت جي نيت هن ٻئي مرحلي ۾ ان جي پرائمري يعني پهرين قدم کان ئي ظاهر ڪيو ٿو وڃي ته ماڻهن کي ڇا ملندو ۽ درج ڇا ٿيندو.
هن وقت حڪومت ۽ ڪامورن مان اها اميد رکڻ ته هو متاثرن جي تعمير ۾ پنهنجو فرض ۽ قومي ڪردار نڀائيندا، بلڪل هڪ ٻئي سادگي ۽ احمقي هوندي تنهن ڪري ضرورت ان شيءَ جي آهي ته سڄاڻ ڌريون عوام دوست تمام جو تمام سياسي جماعتون جن ۾ لبرل قوم پرست ۽ مذهبي سڀئي اچي ٿا وڃن انهن کي گھرجي ته هو پنهنجي طرفان يونين ڪائونسل ۽ وارڊ سطح تي پنهنجي آرگنائزيشن جي طرفان ونڊوز پوائنٽ کولين جيڪڏهن اهو به نٿا ڪري سگھن ته هڪ ٽيليفون جي ذريعي ماڻهن کي آگاهي ڏين ته هو پنهنجون شڪايتون ٻڌائن ته جيئن انهن جي شڪايتن جي روشني ۾ معلومات حاصل ڪري سرڪار تي دٻاءُ وڌو وڃي ۽ هي طريقو به غلط آهي ته نون گھرن جي تعمير جو ڪم پيپلز هائوسنگ ڪمپني جي حوالي ڪيو وڃي ٿيڻ ائين گھرجي ته ملڪي ۽ غير ملڪي تعميراتي ڪمپنين کان گھٽ منافعي جي شرط تي ٽينڊر گھرائجن باقي تعميراتي ڪم جي ڪوالٽي سنڀالڻ جي لاءِ اهي ماڻهو پاڻ هوشيار آهن جن جو گھر ٺهي ٿو سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي تعمير سنڌ جي عوام دوست ڌڙن ۽ جماعتن سان گڏوگڏ باشعور فردن لاءِ هڪ وڏو چيلئنج آهي ته هو عوام جي لاءِ مليل اربين روپين جي امداد کي عوام تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.