رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ سپر 12 جا مقابلا, نيوزيلينڊ هٿان چيمپيئن آسٽريليا کي 89 رنسن تان شڪست

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جا مقابلا شروع ٿي ويا آهن، جنهن جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ميزبان ۽ دفاعي چيمپيئن آسٽريليا کي 89 رنسن تان شڪست ڏئي ڪرڪيٽ جي شوقينن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. نيوزيلينڊ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 200 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ اوپنر فن ايلن جارحاڻي راند کيڏندي 42 اسڪور ڪيو، جنهن ۾ سندس 3 ڇڪا ۽ 5 چوڪا شامل آهن. جڏهن تھ ڪپتان ڪين وليمسن 23، گلين فلپس 12 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڊيوڊ ڪانوي 3 ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان جارحاڻي راند کيڏندي 92 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، اهڙي ريت سندس ساٿ ۾ جيمس نيشام 26 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. آسٽريليا جي بالرن مان جوش هيزل ووڊ 2 ۽ ايڊم زمپا هڪ وڪيٽ ورتي. آسٽريليا جي سڄي ٽيم 111 رنسن جي اسڪور تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ گلين ميڪسويل 28، پيٽ ڪمنز 21، مچل مارش 16، ڪپتان ايرون فنچ 13 ۽ ٽم ڊيوڊ 11 رنسون ٺاهي سگهيا. نيوزلينڊ جي بالرن ٽم سائودي ۽ مچل سينٽنر 3،3 وڪيٽون وٺي ميچ کٽرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. جڏهن تھ ٽرينٽ بولٽ 2 وڪيٽون ورتيون. ڊيون ڪونوي کي ناقابل شڪست رهڻ تي پليئر آف ميچ قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button