ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو خواب

Editorial-Article-Mubarak Lashari

ھن سانوڻيءَ ۾ جنھن نموني سان برساتون پيون، آسمان وسيو، ڪڪر گجيا، کنوڻيون چمڪيون اھو سڄو ڄڻ ھن ڌرتي واسين لاءِ ڊيڄاريندڙ خواب جيان ٿي ويو آھي، ڪٿي بھ ڪا ڪڪري گڏجي ٿي ڪٿي ڪو ھلڪو جھڙالو لمحو وارد ٿئي ٿو تھ ديس جا ستايل ماروئڙا ڇرڪي ٿا پون، ڄڻ ڪنھن ڏکندڙ رڳ تي آڱر رکي ڇڏي ھجي. اھو سڀ ڪجھه قدرت جو ڪلور نھ ھوندي بھ اھو قدرت جو ڪلور سڏيو ويو، قدرت کي دوشي ٺھرايو ويو، ان لقاءَ کي مصيبت يا آفت سڏيو ويو، جنھن سان جتي قدرت جي دل آزاري ٿي ھوندي اتي سمجھدار ماڻھن جي دل بھ رت جو ڳوڙھا ڳاڙيا ھوندا. غير سائنسي سوچ، ارتقائي طرح بي سمجھي، آفتن جي الرٽ کان ڪن لنوائڻ يا پنھنجن ناڪامين، ڦر لٽ، استحصال يا ناقص سرڪاري منصوبا بنديءَ کي لڪايو ويو ۽ ان سموري مصيبت ۾ جيئن ماڻھن کي اڪيلو ڪري رستن تي، روڊن، جھر جھنگ ۾ اڇلايو ويو بي يار و مددگار ڪيو ويو. اھا ھڪڙي الڳ تاريخ جڙيل آھي پر تازو وزيراعليٰ سنڌ جو بيان نظر مان گذريو جنھن ۾ موصوف فرمايو ٻوڏ جو پاڻي مڪمل نيڪال ٿي چڪو آھي ۽ ھاڻي ڪڻڪ جي فصل جي تياري ٿي رھي آھي. جيڪڏھن ڳالھه بنهھ ايتري آسان ھئي تھ ھن معمولي پاڻي يا ننڍڙي برسات سبب ھيترو جاني يا مالي نقصان ڪيئن ٿيو؟ جڏھن تھ دنيا ۾ ٽاپ 10 ملڪن ۾ پوندڙ برساتن کي ڏسنداسين تھ بنگلاديش، انڊونيشيا، برونائي دارلاسلام، ڪوسٽا ريڪا، پاناما، پاپائو نيو گني، سولومن آئلنڊ اچي ٿا وڃن. دنيا ۾ گھڻن برساتن جي تناسب باوجود بھ اھي ملڪ ترقيءَ جا ڏاڪا پار ڪري رھيا آھن ۽ اھي پنھنجي ايندڙ آفتن ۽ مصيبتن جو درست پلاننگ ۽ عملدرآمد سبب مقابلو ڪرڻ جي سگھه بھ پيدا ڪري چڪا آھن.
ٻئي پاسي پاڪستان ڪيترن ئي سالن کان موسمياتي تبديلي ۽ دنيا جي ڪارخانن جي آلودگي سبب متاثر ٿيندڙ دنيا جي ٽاپ ڏھن ملڪن ۾ شمارجي ٿو. اھو ڪو اوچتو نروار ٿيندڙ لقاءُ نھ ھو جنھن کي منھن ڏيڻ لاءِ رتي برابر بھ منصوبا بندي نھ ڪئي وئي آھي. ھا جيڪڏھن گليشيئر جي رجڻ جو سبب کين معلوم نھ ھجي (جيتوڻيڪ اھا بھ ھڪڙي غير منطقي ۽ ٻاراڻي ڳالھه آھي) پوءِ کڻي ڪجھه سيڪڙو يقين ڪجي ھا پر ان جي باوجود بھ ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن، جيڪي پڇي سگھجن ٿيون.
سڀ کان پھرين ڳالھه تھ سنڌو درياهه سون نھ پر ھزارن سالن کان وھندو پئي رھيو آھي ۽ پنھنجو رخ مٽائيندو رھيو آھي ۽ انڊس ويلي جي تھذيب کي سرسبز ۽ آباد ڪندو پئي رھيو آھي. پري نھ وڃي رڳو چچ نامي ۾ ئي کڻي پڙھجي تھ ڪيئن حجاج بن يوسف محمد بن قاسم کي وري وري ھدايتون پيو موڪلي تھ درياهه ٽپڻ ۾ تڪڙ يا عجلت نھ ڪجان، درياهه جي خاموش ٿيڻ جو انتظار ڪجان، جتي درياهه جو پيٽ سوڙھو ھجي جتان لنگر انداز ٿيڻ آسان ھجي، اتان لنگھڻ جو سوچجان. انگريزن پڻ سنڌوءَ شينھن درياهه جھڙا ڪتاب لکي سنڌو درياهه جي عظمت، ھشمت ۽ طاقت جو اعتراف ڪيو آھي تھ اڄوڪا حڪمران جيڪي ڪيترن ئي ڏھاڪن جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ رھي بھ اھو نٿي سمجھي سگھيا تھ سنڌو ماٿري ھيٺائين تي آباد آھي، جڏھن بھ مٿئين پاسي کان گھڻيون برساتون ٿيون، ٻوڏ آئي، گليشيئر رجيا يا ڊيم ٽٽا تھ اڳ يا پوءِ سنڌ جي آباديءَ کي نقصان جو انديشو آھي تھ ان تحت ھن حڪومت جي ڪھڙي منصوبھ بندي ٿيل ھئي جيڪا پاڻي ٿي وئي؟ جڏھن تھ سنڌو درياهه مان حملي آور قومون بھ خوشحالي واري زندگي گذاري ويون ۽ اڄ بھ سنڌوءَ جي زرخيزي سبب پورو ملڪ پيو خوشحاليءَ ۾ گذاري پيو. اتي سنڌي ماڻھن کي ھيڏو لاچار، غربت سبب “آڻين ۽ چاڙھين” جي حالت ۾ ڪيئن رکيو ويو ۽ ان غربت کي مٽائڻ لاءِ سالڊ گرائونڊ تي ڪھڙا اپاءَ ورتا ويا ھئا، جيڪي اھڙن مصيبتن جي ڏينھن ۾ ايترو بھ پاڻ وٽ نٿا رکن جو جيڪڏھن ڇھه مھينا يا سال فصل نھ ٿين تھ ٻئي ڪنھن اڳيان ھٿ ٽنگڻ بدرانِ پنھنجي زندگي سکي گذاري سگھن؟
بنگلاديش جتي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ برساتون ٿينديون آھن، اتان جي زندگيءَ جو جائزو وٺي وري پنھنجي وطن ڏانھن ڏسون ٿا تھ ڏندين آڱريون اچي ٿيون وڃن. مثال طور بنگلاديش ۾ جيڪڏھن پنجن سالن دوران ماڻھن کي ٻه فصل ٿيڻ جي قدرت وٿي ٿي ڏئي تھ اھي ٻھ فصل انھن ماڻھن جي پنجن سالن جي گذرسفر لاءِ ڪافي ھوندا آھن. اھو انھن جي زراعت، زميني اپت ۽ وڻج واپار جي قابليت آھي جو اھي ماڻھو ھر سال ٻوڏ ۾ دنيا اڳيان ھٿ ٽنگي خيرات نھ وٺندا آھن. پر ھتي زراعت ۽ درياهه يا زمين سان لاڳاپيل ماڻھن کي ڌڪي منصوبا بندي تحت ديوار سان لڳايو ويو آھي. ان جي ذميوار قدرت تھ ناهي.
ٻيو تھ سنڌو درياهه ۽ سنڌو ماٿريءَ جي ھزارين سالن جي ارتقا جي نتيجي ۾ تاريخ ۾ ھي ڪو پھريون ڀيرو نھ ھو جو سيلاب آيو. ھزارين سالن ۾ لکين ڀيرا ايئن ٿيو ھوندو پر پوءِ بھ ھيڏي جٺ ڪڏھن نھ ٿي. ان جو ھڪڙو سبب اھو بھ آھي تھ درياهه جي وھڪرن سبب ان جي پاڻيءَ جا لنگھه بھ قدرتي رھيا آھن، جن سان اضافي پاڻي نيڪال ٿي پنھنجي رستي سان وڃي ھٿيڪو ٿيندو آھي پر ھن دور ۾ اھي لنگھه يا نيون بااثر ماڻھن جي قبضي ھيٺ نظر آيون آھن. ايتري قدر جو درياهه جي پيٽ تي بھ قبضا ٿي چڪا آھن ۽ درياهه سوڙھو ٿي چڪو آھي، ڇا انھي لقاءُ کي بھ قدرتي آفت چئي عوام کي پنڻ تي مجبور ڪيو وڃي؟
نمبر ٽين ڳالهھ تھ درياهه يا پاڻيءَ تي گذارو ڪندڙ ماڻھو جن کي زرعي سماج جا ماڻھو چئجي تن سان سرمائيداري استحصال جو اھو نتيجو آھي جو ننڍو وڏو ھاري يا زميندار بھ زراعت تي ڪجھه بچت ڪري رکي نٿو سگھي ۽ جيڪڏھن ھڪ فصل بھ تباهه ٿيو وڃي تھ اھي سمورا لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ٿا پون. ايئن ڇو ٿيو آھي ۽ ان جي ذميوار بھ قدرتي آفت آھي يا اسان جي ناقص پلاننگ ۽ خراب ترين حڪمراني آھي؟
چوٿين نمبر تي جيڪا دشمني زراعت سان زراعت کاتي ذريعي ڪئي وئي آھي، اھا بھ انتھائي ڀيانڪ آھي. جھڙوڪ ڪڻڪ، ڪپھه، چانور، جوئر، ٻاجھري وغيره جا ھائبرڊ ٻج متعارف ڪرائي زراعت کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ھائبرڊ ٻج سان فصل ڪجھه وڌيڪ تھ لھي ٿو پر اھو ٻج ايندڙ سال لاءِ رکي نٿو سگھجي. نتيجي طور جيڪي ھاري پنھنجي فصل جو ٻج پاڻ وٽ ايندڙ سال لاءِ رکندا ھئا، اھي ھر سال مارڪيٽ مان خريد ڪن ٿا ۽ ھر سال واپاري ۽ سرمائيدار ٻج سان گڏ دوائون ايتري مھانگي اگھه تي پيا وڪرو ڪن جو غريبن جي گندي ۾ ٻھ ٽي داڻا اچن بدران رڳو خرچو ئي نٿو لھي ۽ جيڪڏھن ھڪڙو فصل ٻوڏ، بيماري يا سوڪھڙي سبب نٿو ٿئي تھ مورڳو ڪيترائي سال قرضن لاھڻ ۾ پورا آھن. ڇا اھو عمل بھ قدرتي آفتن ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو؟
حڪومت جي دعوائن ۽ اعلانن جي ساک ايتري آھي جو ڪير بھ اعتبار نٿو ڪري تھ ڪو ايئن ٿي سگھي ٿو. جھڙوڪ ٻوڏ دوران عمران خان دعويٰ ڪئي تھ ڪجھه ڪلاڪن ۾ اربين رپيا امداد ملي آھي. ان جي جواب ۾ وري بلاول ڀٽو اعلان ڪيو تھ کيس ٻيڻ تي امداد جي رقم ملي آھي. مٿان گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل آيو جنھن لاءِ ذريعا چون ٿا چئوڻ تي امداد ڏني آھي. ساڳئي وقت سنڌ جي ٻڏڻ جي قرباني عيوض ملڪ جو قرضبنا وياج جي ھڪ سال لاءِ ري شيڊيول ٿيو آھي. جيڪڏھن مٿيون سموريون ڳالھيون سچ آھن تھ سنڌ ايتري رقم ۾ سون جي وري ٺھي سگھي ٿي پر اڄ بھ سنڌ جا اٻوجهھ ماڻھو، غريب ماڻھو بي اجھا ۽ بک تي ويٺل آھن، جن کي ٽينٽ جي امداد بھ پوري نھ ملي سگھي آھي. حيدرآباد کان لاڙڪاڻي انڊس ھاءِ وي تي وڃو يا نوابشاهه کان مھراڻ ھاءِ وي تھ وڃو تھ ڪنبن ۽ خيرپور تائين سموري زمين پاڻي ھيٺ نظر ايندي. اڃا تھ ھاءِ وي بھ پاڻيءَ کان آجو نھ ٿي سگھيو آھي تھ زمينن مان پاڻيءَ جي نيڪال جي دعويٰ الائي ڪيتري درست آھي. سکر کان گھوٽڪي وڃو يا ميرپور ماٿيلي کان سومر موري ۽ پير پکوڙائي وڃو تھ ڪٿي بھ سڪل زمين نظر نٿي اچي تھ ڪڻڪ جو فصل ڪيئن ٿيندو؟
جيڪڏھن بحاليءَ جي ڳالھه اچي ٿي تھ جيڪي ماڻھو پنھنجي فصلن مان لکين رپيا اپت کڻي پنھنجو خاندان پاليندا ھئا، اھي ھن سال پنھنجي ڪپھه يا سارين جي فصلن جو خرچو ڪٿان آڻيندا؟ ايندڙ سال لاءِ ڇا رکندا ۽ ڇا کائيندا؟ ڪھڙن ماڻھن جي مالي ۽ جاني مدد ڪئي وئي آھي. ڪٿي ڪنھن کي نظر اچي تھ ضرور ٻڌائين. پر جنھن نموني سنڌ جا شھر ڌارين جي حوالي ڪيا ويا آھن ۽ ٻھراڙيون وڏيرن ۽ غربت حوالي ٿيل آھن، ايڏي گھري کڏ ۾ اڇليل قوم لاءِ وزيراعليٰ سنڌ جو اھو بيان درد جي دوا آھي يا ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آھي؟ ھن سادي قوم سان اھا مشڪري آخر ڪيستائين جاري رھندي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button