سنڌي مختصر ڪهاڻي فني ۽ فڪري طور انتهائي سگهاري ۽ موضوع ۾ کوڙ وسيع انداز ۾ اڳتي وڌندي رهي آهي. ڪهاڻيڪار تسلسل سان سنڌي ڪهاڻيءَ جي جهوليءَ ۾ سهڻيون ۽ سگهاريون ڪهاڻيون پيش ڪندا رهيا آهن. محترم سڪندر عباسيءَ جو تازو آيل ڪهاڻين جو مجموعو “ڪچي ننڊ جا خواب” به مختلف موضوعن تي سهيڙيل سگهارين ۽ اثرائتين ڪهاڻين جو سهڻو ڳٽڪو آهي. هن کان اڳ سڪندر عباسي سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ چار ڪتاب آڇي چڪو آهي. ان کان سواءِ انيڪ ڊراما اسڪرپٽ پڻ ڏئي چڪو آهي. سترهن ڪهاڻين جي مجموعي “ڪچي ننڊ جا خواب” ۾ جيتوڻيڪ سماجي حقيقت نگاري اهم موضوع آهي پر نفسيات ۽ علامت نگاريءَ تي مشتمل ڪهاڻين جي مضبوط اڻت موضوعن ۾ گهڻ رخي پيدا ڪري وڌي آهي. ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻيون محبت، دوکو، بيوقوفي، اٻهرائي، نفسياتي مونجهارن، انسان ۾ موجود شيطاني بڇڙائين، سماجي مسئلن، مجبورين، لوڀ ۽ لالچ، رشتن جي بي قدري، سماجي ريتن ۾ ڦاٿل هجڻ ۽ مڪاري جهڙا مختلف موضوع سهيڙيل آهن. ان ريت هر ڪهاڻيءَ ۾ الڳ رنگ ۽ مختلف دنيا هجڻ سبب ڪهاڻيڪار وٽ موضوعن جي وسعت ۽ ڪردارن جي گهڻائي پيش ڪرڻ واري مهارت سامهون اچي ٿي.
“سانورا گلاب دل جا” هن ڪتاب جي ٻيو نمبر ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙي جوڙي جي ڪهاڻي بيان ڪيل آهي جن گهري محبت ڪري پاڻ ۾ شادي ڪئي. پر اڳتي هلي مرد ڪنهن ٻي عورت سان محبت ڪرڻ لڳي ٿو. شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل هجڻ سبب مرد پنهنجي زال سان اهو راز نه ٿو سلي سگهي. پر هو محبت ۾ زال کي اهو دوکو ڏيندي پاڻ کي مجرم به محسوس ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڏاڍي ٺهڪندڙ ۽ اثرائتي آهي. جڏهن ان مڙس کي هڪ رات سندس زال جي راز جي خبر پوي ٿي ته اها به ڪنهن ٻئي مرد سان پيار ۾ جڪڙجي چڪي آهي. هيءَ ڪهاڻي انساني جبلت جي ان احساس جو اظهار ڪري ٿي ته انسان سڄي ڄمار هڪ ئي فرد سان محبت تي محدود نه ٿو رهي سگهي. وقت گذرڻ سان دل جي دنيا تي ڪنهن ٻئي فرد جي آمد ٿئي ٿي ۽ پراڻي محبوب بدران انسان ان نئين فرد کان گهڻو متاثر ٿي محبت جي احساسن کي منتقل ڪري وجهي ٿو. يا وري ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته انسان هڪ ئي وقت ٻن فردن سان محبت ۾ جڪڙجي وڃي ٿو ۽ انهن مان ڪنهن به هڪ کي نه ڇڏي سگهڻ واري مونجهاري جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
ٽين ڪهاڻي “مرگھه ترشنا” سنڌي جديد ڪهاڻيءَ جو سهڻو مثال آهي. هيءَ پيدائشي طور جنسي مونجهارن جي ور چڙهيل هڪ نوجوان ڇوڪر جي ڪهاڻي آهي. اهو نوجوان پاڻ ۾ عورتاڻا احساس محسوس ڪري ٿو ۽ ان ريت هو لڪ ڇپ ۾ عورتاڻا ڪپڙا پهري ٿو ۽ ميڪ اپ ڪري پنهنجي عورتاڻن احساسن کي تسڪين ڏيندو رهي ٿو. سندس عادتن ۽ هلڻ ڦرڻ ۾ به عورتاڻا احساس جهلڪڻ لڳن ٿا. هو پاڻ جهڙيون خصلتون رکندڙ نوجوان ڇوڪرن سان ناتا وڌائي ٿو جيڪي پڻ ساڳين مونجهارن مان گذري رهيا هوندا آهن. اهي سڀ نوجوان پاڻ کي عورت سمجهي ڪنهن مرد کان چاهيو وڃڻ جا احساس رکندڙ هوندا آهن ۽ مکيه ڪردار کان سواءِ سڀ ڇوڪر مرد محبوبن سان تعلق ۾ به هوندا آهن. هن ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي پڻ اثرائتو ۽ دلچسپ وڪڙ رکندڙ آهي. ڪهاڻيءَ ۾ اهڙن نوجوانن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي جيڪي ظاهري طور ته ڇوڪرا آهن پر عمر وڌڻ سبب سندن جسم اندر دٻيل هارمونز جي تبديليءَ سبب انهن ۾ عورتاڻيون تبديليون اچي وڃن ٿيون پر تنهن هوندي به انهن کي مرد بڻجي رهڻو پوي ٿو ۽ پوءِ اهي ڪهڙي ڪرب مان گذرن ٿا، اهو درد سندن گهر ڀاتي به سمجهڻ لاءِ تيار ناهن. ان ڏس ۾ اهو به ذهن ۾ رکجي ته تازو ئي ملڪ ۾ ٽرانسجينڊر ايڪٽ تي به وٺ سٺ لڳي پئي آهي.
ڇهين ڪهاڻي “ڪارا ڪنگڻ” فن ۽ فڪر جي سگهاري مجموعي جي اڻت جو نتيجو آهي. اثرائتي ڊائيلاگ بازي مرد ۽ عورت جي سوچ ۽ فڪر کي بيان ڪرڻ ۾ ڏاڍي مددگار آهي. ڪهاڻيءَ ۾ عورت ۽ مرد جي رشتن، محبت ۽ رنگن جي فلسفي تي بحث انتهائي موهيندڙ آهي. هيءَ ڪهاڻي مرداڻي سماج ۽ مرداڻي غيرت جي پڻ عڪاسي ڪري ٿي. اهو مرد جيڪو پنهنجي لاءِ ته هڪ کان وڌيڪ عورتن سان محبت ونڊڻ کي درست سمجهي ٿو ۽ ان کي مختلف گلن جي سرهاڻ مان فائدو وٺڻ جيان سمجهي ٿو پر اهو ساڳيو مرد ڪنهن عورت کي هڪ کان وڌيڪ مردن سان محبت ونڊڻ واري ڳالهھ برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هيءَ ڪهاڻي منڍ، وچ ۽ پڄاڻيءَ سميت ڊائيلاگن ۽ فن توڙي فڪر ۾ انتهائي سگهاري ۽ شاندار آهي، جيڪا ڪهاڻيڪار جي فني ۽ فڪري پختگي ۽ ڪهاڻي اڻت تي سندس مڪمل ضابطي جو بهترين مثال آهي.
ٽائيٽل ڪهاڻي “ڪچي ننڊ جا خواب” کي ڪتاب ۾ ستين نمبر تي رکيو ويو آهي. هيءَ هڪ رومانوي المياتي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ٻن محبت ڪندڙن جي گهري محبت جو المناڪ انت ڏيکاريل آهي. سندن وڇڙڻ ۾ هيرو يا هيروئن مان ڪنهن جي به غلطي ناهي. ڏوهه سڄو انهن سببن ۽ واقعن جو آهي جيڪي سندن الڳ ٿيڻ جو سبب بڻجن ٿا. پر ڪهاڻيڪار اهي سبب ۽ واقعا اهڙي ته اثرائتي انداز ۾ جوڙيا آهن جو انهن جو وقوع مڪمل فطري ۽ حقيقي محسوس ٿئي ٿو. سندن محبت جو الميو اهو آهي جو ڇوڪري پنهنجي محبوب ڇوڪر جي پيءُ جي زال بڻجي سندس گهر ۾ ويڳي ماءُ طور اچي وڃي ٿي. هيءَ ڪهاڻي اتي پوري ٿئي ٿي پر الميو اتي ختم ناهي ٿيو. اصل الميو اتان شروع ٿيو آهي جيڪو پڙهندڙ پاڻ محسوس ڪري سگهي ٿو ته ٻه هم عمر محبوب هڪ ئي گهر ۾ ويڳي ماءُ ۽ ويڳي پٽ جي رشتي ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙي حالت ۾ رهي سگهندا؟
ان کان پوءِ “خالي آسمان” نفسياتي مونجهارن جي ور چڙهيل هڪ نوجوان ڇوڪر ۽ هڪ سلجهيل، سلڇڻي ۽ سهڻي ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ اها سلجهيل، سهڻي ڇوڪري ننڍپڻ جي مڱڻي واري رسم نڀائيندي ان ذهني مريض سان شادي ڪري ٿي. شاديءَ جي پهرين رات کان ئي سندس زندگي ڪرب ۽ مصيبتن جي ور چڙهي وڃي ٿي. سندس ذهني مريض مڙس مٿانهنس هر ڳالھه ۾ شڪ ڪري ٿو ۽ کانئس عجيب قسم جا اذيت ڏيندڙ سوال ڪندو رهي ٿو. ڪهاڻيءَ جي اڻت ۾ ان نفسياتي مونجهارن جي ور چڙهيل نوجوان جي عجيب ڪيفيتن ۽ احساسن کي ڏاڍي سهڻي نموني پيش ڪيو ويو آهي. سندس زال سان ورتاءُ، شڪ ڪرڻ، شدت اختيار ڪرڻ، ڳالهھ جو غلط مقصد ڪڍي غلط رخ ڏيڻ ۽ زال کي ڪرب مان گذرندي ڏيکارڻ سميت انت تائين انصاف ۽ مهارت سان اڻت ملي ٿي. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ان ذهني مريض جي موت تي ٿئي ٿي پر ڪهاڻيءَ ۾ ڇوڪريءَ جي سٻاجهڙي ڪردار ۽ ذهني مريض جي چريائپ وارين حرڪتن سبب اهو موت وارو الميو به ان معصوم ڇوڪريءَ جي مصيبت، درد ۽ ڪرب کان ڇوٽڪارو ۽ آزادي بڻجي وڃي ٿو. ان ريت ڪهاڻي ڪنهن جي موت تي به خوشگوار احساس ڇڏي وڃي ٿي.
تيرهين ڪهاڻي “ڄار” ۾ محبت، دولت ۽ شهرت ماڻڻ لاءِ اڻيل ڄار جي ڪهاڻي آهي. اها مڪاريءَ سان جوڙيل ڄار ڪهاڻيءَ ۾ تجسس پيدا ڪري رکي ٿي ۽ ڇرڪائيندڙ پڄاڻي ڪهاڻيءَ کي هڪ الڳ رخ ڏئي ٿي. پر پڄاڻيءَ تي به سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪي ٻين کي دوکو ڏئي مارائي سگهن ٿا ته ڇا اهي اڳتي پاڻ ۾ سچائيءَ سان رهي سگهندا؟ هيءَ ڪهاڻي فيشن ۽ گليمر جي دنيا ۾ محبت ۽ دولت جي ڳولا جي عڪاسي پڻ ڪري ٿي.
آخري ڪهاڻي “آئيني جو الميو” هڪ تمثيلي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ هڪ اهڙي آئيني جو ذڪر آهي جيڪو انسانن کي سندن ظاهري چهرن بدران اصل چهرا ڏيکاري ٿو. جنهن سبب سهڻي فريم ۾ جڙيل ان آئيني جو ملھه گهٽبو وڃي ٿو. هر خريدار اهو آئينو دڪاندار کي واپس ڏئي وڃي ٿو. آخر ۾ هڪ مريد پنهنجي مرشد کي اهو آئينو تحفي ۾ ڏئي ٿو. ظاهري طور نيڪ بزرگ جنهن جا هزارين عقيدتمند هوندا آهن، جڏهن آئيني ۾ کيس به سندس عملن ۽ ڪرتوتن موجب اصل چهري جي جهلڪ نظر اچي ٿي ته اهو بزرگ ماڻهن منجھه سندس راز کلڻ واري ڳالهھ جي ڊڄ کان ان آئيني کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏي ٿو. تمثيل مان درس اهو آهي ته هن دنيا ۾ حق سچ چوندڙ، سچو ۽ کرو ماڻهو بي قدر بڻيل رهي ٿو. جڏهن ته چاپلوس ۽ اجايو تعريفن جا بند ٻڌندڙ ماڻهن کي هر هنڌ پسند ڪيو وڃي ٿو.
سڪندر عباسي جي هنن ڪهاڻين ۾ منڍ، وچ ۽ پڄاڻي ملي ٿي. پڙهندڙ ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ بابت جلدي ۾ ڪو اندازو نه ٿو هڻي سگهي. ڪهاڻين ۾ نواڻ ۽ تازگي ملي ٿي. ڪهاڻين ۾ شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ جا موضوع ملن ٿا جنهن مان ليکڪ جي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي ۽ زندگيءَ جي مختلف پاسن کي بيان ڪرڻ واري گرفت ۽ سندس تخيل ۽ مشاهدي جي وسعت ظاهر ٿئي ٿي. ڪهاڻين ۾ هڪ کوٽ شدت سان محسوس ٿئي ٿي جيڪا منظرنگاريءَ جي آهي. پهرئين ڪهاڻيءَ ۾ اس سبب ٻار جي سڙندڙ پيرن واري منظر کي پڙهندڙ پاڻ به ڏسندو محسوس ڪري ٿو پر باقي ڪهاڻين ۾ اهڙي ڪنهن به قسم جي منظرنگاري ناهي آئي.
ڪهاڻين ۾ فن ۽ فڪر سان انصاف ٿيل ملي ٿو. پهرين ڪهاڻي ڪجھه رکي ۽ اڻ ٺهڪندڙ ڊرامائي انداز واري ۽ جلدبازيءَ ۾ پوري ڪيل محسوس ٿئي ٿي، جڏهن ته باقي سورهن ڪهاڻين ۾ اهڙي ڪا به تڪڙ محسوس نه ٿي ٿئي. ٻين ڪهاڻين ۾ ڪٿي به اجايو جو مصنوعي پڻو نه ٿو ملي. سمورين ڪهاڻين ۾ ٺهڪندڙ ۽ فطري جملا، احساس، واقعا ۽ اسباب ملن ٿا، جنهن مان ڪهاڻيڪار جي مهارت واضع ٿئي ٿي. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪهاڻين جو هيءَ مجموعو سنڌي مختصر ڪهاڻيءَ ۾ سگهارو ۽ مٿانهون مقام ماڻيندو.