ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بيروزگاريءَ جي شرح ۾ واڌ

Editorial

نواز شريف جي گذريل حڪومت ۾ پاڪستان ۾ ترقيءَ جي شرح پي ٽي آءِ ۽ هاڻوڪي پي ڊي ايم جي حڪومت کان ڪافي بهتر هئي. ان زماني ۾ نه ته مهانگائي ايتري وڌيل هئي ۽ نه ئي بيروزگارن جو انگ وڌيل هو. پر جيئن ملڪ ۾ تبديليءَ جي نالي تي پي ٽي آءِ جي حڪومت آئي ته ان نه رڳو عوام مٿان مهانگائيءَ جون ڇپون ڪيرايون پر بيروزگارن جي انگ ۾ به بنهه گهڻو واڌارو ڪيو. ڪئين ادارا بند ٿيا، ڪئين ادارن جي نجڪاري ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ماڻهن لاءِ روزگار جا وسيلا به گهٽجي ويا. سي پيڪ جهڙو اهم پراجيڪٽ به لڳ ڀڳ بند ٿي ويو هو. ان کان سواءِ ڪوبه ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. اهڙي ريت هاڻ جيڪا ملڪ جي معاشي حالت آهي، اها اهڙي ناهي، جنهن سان ملڪ کي ٽيڪو اچي سگهي. تازو آءِ ايم ايف جيڪي رپورٽ جاري ڪئي آهي سا به ڳڻتي جوڳي آهي.
عالمي مالياتي اداري (آ ايم ايف) هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح ۾ ويتر اضافي جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. آ ايم ايف طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان ۾ بيروزگاريءَ جي شرح 6 ڏهائي 2 سيڪڙو مان وڌي 6 ڏهائي 4 سيڪڙو تائين رهندي، جڏهن ته گروٿ ريٽ 19 ڏهائي 9 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال اقتصادي ترقيءَ جي شرح 3 ڏهائي 5 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي، جيڪا گذريل مالي سال دوران 6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هلندڙ مالي سال ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو 2 ڏهائي 5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته پاڪستان ۾ گذريل مالي سال دوران بيروزگاريءَ جي شرح 6 ڏهائي 2 سيڪڙو ۽ گروٿ ريٽ 12 ڏهائي هڪ سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. گذريل سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي لحاظ کان 4 ڏهائي 6 سيڪڙو رهيو.
مٿي جيڪي انگ اکر ڄاڻايا ويا آهن، انهن انگن اکرن وسيلي ڪنهن به ريت ملڪ جي معاشي حالت بهتر نٿي ٿي سگهي. تنهنڪري پي ڊي ايم جي حڪومت کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان جيڪڏهن عوام جي جان پي ٽي آءِ حڪومت کان آجي ڪرائي آهي ته عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. بيروزگاريءَ جي شرح وڌڻ سان ٻيا به ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪي معيشت کي بهتر ڪري وڌ کان وڌ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن.

لا ڪاليجن جي شاگردن جو احتجاج
سنڌ ۾ تعليمي ادارن ۾ وڌندڙ فين خلاف شاگردن جي احتجاج جو سلسلو اڃا تائين هلندڙ آهي. شاگرد ڳريون فيون نٿا ڀري سگهن پر تنهن هوندي به ڪاليج انتظاميه انهن تي ڳرين فين جو بار وجهي رهي آهي. ڪجهه ڏينهن کان لا ڪاليجن جا شاگرد پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن پر انهن جي احتجاج تي ڌيان ڪونه پيو ڏنو وڃي. ڪاليجن پاران بنا جواز ڳريون فيون وٺڻ ۽ سپلي ۾ وڌيڪ في وٺڻ ڪنهن به ريت جائز ناهي، جيڪڏهن تعليم کي ايترو مهانگو ڪيو ويندو ته عام ماڻهو تعليم نه پرائي سگهندو. ٻه ڏينهن اڳ به لا ڪاليجن جي شاگرد احتجاج ڪيو آهي.
سنڌ يونيورسٽي طرفان، سنڌ يورسٽيءَ سان لاڳاپيل سمورن لا ڪاليجن جي شاگردن جا وقت تي امتحان نه وٺڻ، سپلين جي ڳاٽي ٽوڙ فين، پئسا هڙپ ڪرڻ جي آڙ ۾ هٿ ٺوڪيون سلپون هڻڻ ۽ ٻين اهم مسئلن خلاف سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سمورن لا ڪاليجز، سنڌ مهراڻ لا ڪاليج، سنڌ لا ڪاليج، جناح لا ڪاليج، انڊس لا ڪاليج، ايوريسٽ لا ڪاليج، نوشهورو فيروز لا ڪاليج ۽ ٻين ڪاليجن جي شاگردن ابرار هاليپوٽو، ڪبير ڀيل، قدير شر ۽ الطاف بجير جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي اندر وي سي هائوس کان اي سي ٽو تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ۽ زبردست نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي قانون جي شاگردن ابرار هاليپوٽي، ڪبير ڀيل ۽ ٻين چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل هوندي به سنڌ يونيورسٽي انتظاميا سدائين قانون جي شاگردن سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو آھي. قانوني ۽ آئيني لحاظ کان يونيورسٽيءَ کي پنجن سالن جي ڊگري پنجن سالن ۾ ڏيڻ گهرجي، پر يونيورسٽي انتظاميا غير سنجيدگي ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي اسان کي ڊگري 7 سالن ۾ ڏئي ٿي. لا ڪاليجز ذريعي ڪروڙن ۾ يونيورسٽيءَ کي فيون ڏيون ٿا، پر ٽرانسپورٽ کان ويندي ڪا به سهولت استعمال نٿا ڪريون. يونيورسٽيءَ جي پنهنجن ڊپارٽمينٽس ۾ سپلي جي في هڪ هزار رپيا آهي، پر لا ڪاليجز کان 5000 ورتا وڃن ٿا. جيڪڏھن يونيورسٽي انتظاميا جائز مطالبن کي نه مڃيو ته اسان قانون جا شاگرد سنڌ گير تحريڪ هلائينداسين. احتجاج دوران وي سي محمد صديق ڪلھوڙو مظاھرين وٽ پھچي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.
اسين سمجهون ٿا ته شاگردن جا مطالبا جائز آهن. پنجن سالن جي ڊگريءَ لاءِ اجايو سپليون هڻي انهن کي ڊگري ستن سالن ۾ ڏيڻ ڪنهن به ريت بهتر عمل ڪونهي. تنهنڪري هڪ ته فيون گهٽايون وڃن ۽ ان کان سواءِ ڊگريءَ مقرر وقت ۾ فراهم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button