سنڌ

ٻوڏ متاثر آبادگارن کي مفت ٻج ۽ ڀاڻ ڏيڻ جو منصوبو

ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ ڊويزن جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ٻوڏ متاثرن ۾ شفاف طريقي سان ٻج ۽ ڀاڻ ورهائڻ کي يقيني بڻائين. مختيارڪارن ۽ تپيدارن جي ڏنل سروي رپورٽ ۽ تصديق بعد ورهاست جو عمل شروع ڪيو وڃي. اهڙي هدايت هن پنهنجي آفيس ۾ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني. ڪمشنر حيدرآباد وڌيڪ چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين ۾ مفت ٻج ۽ ڀاڻ ورهائڻ جو پروگرام جوڙيو آهي، جيڪو پهرين مرحلي ۾ پهرين نومبر 2022 کان شروع ڪيو ويندو. ٻج ۽ ڀاڻ ورهائڻ وقت ترجيح ان آبادگار کي ڏني ويندي جنهن گذريل سال به ڪڻڪ جي پوکي ڪئي هجي، جنهن بابت کيس زمين جو کاتو ۽ سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پوندو. گڏجاڻي ۾ بريفنگ ڏيندي ڊائريڪٽر زرعي توسيع اسلام الدين راجپوت ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڪمشنرن جي اڳواڻي ۾ جوڙيل تعلقي سطح جي ڪميٽين جو اهم ڪردار هوندو. هن ٻڌايو ته ٻج جي ورهاست لاءِ فوڪل پرسن نامزد ڪيا ويا آهن، جنهن تحت حيدرآباد لاءِ ايڊيشنل ڊائريڪٽر شير حسين چانڊيو 03337531040، دادو لاءِ ايڊيشنل ڊائريڪٽر شاهنواز ڀنڊ 03023466137، ڄامشورو لاءِ ايڊِيشنل ڊائريڪٽر محمد عثمان جاگيراڻي 03003021830، مٽياري لاءِ ايڊِيشنل ڊائريڪٽرمحمد رفيق 03053509393، ٽنڊوالهيار لاءِ ايڊِيشنل ڊائريڪٽر لکي بوزدار 03003084929، ٽنڊو محمد خان لاءِ ايڊِيشنل ڊائريڪٽرمحمد عثمان کيل 03005916640، بدين لاءِ ايڊِيشنل ڊائريڪٽر امتياز علي ڀٽو 03337540919، ٺٽي ۽ سجاول ضلعن لاءِ ايڊِيشنل ڊائريڪٽر ممتاز حسين جنڊڻ 03073338445 کي فوڪل پرسن نامزد ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button