سنڌ

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ هدايت تي چوپائي مال جو چارو فراهم

سنڌ ۾ برساتن کانپوءِ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايت تي لائيو اسٽاڪ کاتي پاران چوپائي مال لا چارو ورهايو ويو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي پرسنل اسسٽنٽ اعجاز کوسو ۽ ٻين کيسانا موري ڀرسان 500 کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن ۾ جانورن لا چارو ورهايو. ان موقعي تي تعلقي ٻهراڙي جي اسسٽنٽ ڪمشنر سرهاڻ اعجاز ابڙو چيو ته جتي برساتن انساني زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي آهي، اتي چوپايو مال پڻ متاثر ٿيو آهي. اسان متاثرن کي ڪئمپن ۾ منتقل ڪرڻ کان وٺي پاڻي لهي وڃڻ کانپو سندن اباڻن گهرن تائين پهچايو ۽ هاڻي به سنڌ سرڪار جي سهڪار سان ممڪن مدد ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڊائريڪٽر صابر شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پاران لائيو اسٽاڪ کاتي جي صوبائي وزير عبدالباري پتافي ۽ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي خاص هدايتن تي لائيو اسٽاڪ کاتي پاران هي ستين ڪئمپ قائم ڪئي آهي. ڪئمپ تي اڄ 500 کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن ۾ چوپائي مال لاءِ چارو ورهايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button