پاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف جو جمعي کان لانگ مارچ جو اعلان،ارشد شريف کي پرڏيهه وڃڻ جو مشورو مون ڏنو هو: عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف حقيقي آزادي جي نالي سان لانگ مارچ جمعي کان لاهور شهر مان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي ٽي آ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان جو لانگ مارچ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ۽ پرامن اجتماع هوندو، سينيئر صحافي ارشد شريف جو قتل ٽارگيٽ ڪلنگ هو، ارشد کي ڌمڪيون ملڻ تي مون ئي پرڏيهه وڃڻ جو مشورو ڏنو هو. تفصيل موجب تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مون فيصلو ڪري ورتو آهي ته لانگ مارچ جو هاڻي اعلان ڪجي، آئون جمعي جي ڏينهن کان لاهور مان لانگ مارچ شروع ڪري رهيو آهيان، اسان صبح جو 11 وڳي لبرٽي چوڪ تي گڏ ٿينداسين ۽ اسلام آباد ڏانهن وينداسين. هن چيو ته مون کي غير ذميوار قرار ڏئي چيو ويو ته ملڪ ڏکيائين ۾ آهي، توهان ڏکئي وقت ۾ لانگ مارچ ڪري رهيا آهيو، اسان کي حڪومت ملي ته معاشي بحران هو، مٿان وري ڪرونا جو بحران آيو، فضل الرحمان اسان جي خلاف ٻه لانگ مارچ ڪيا، هڪ مارچ بلاول به ڪيو، مريم نواز به هڪ لانگ مارچ ڪيو، جيڪو گوجر خان ۾ ئي رهجي ويو، ان وقت ته ڪنهن کي به خيال نه آيو ته ملڪ جون معاشي حالتون ٺيڪ نه آهن. هن چيو ته مئي ۾ اسان جي پرامن احتجاج تي تشدد ڪيو ويو، 25 مئي تي رڳو ملڪ جي خاطر لانگ مارچ جو سڏ واپس ورتوسين، سنڌ هائوس ۾ ماڻهن کي خريد ڪري اسان جي حڪومت کي ڪيرايو ويو، مون تي ڪيسن جو وسڪارو ڪيو ويو، منهنجي خلاف 20 کان وڌيڪ ايف آءِ آرز ڪٽيون ويون، هينئر لانگ مارچ ۾ هزارين نه پر لکين ماڻهو هوندا، جن جي اڳيان پوليس ڪجهه به نه ڪري سگهندي، جڏهن اسان پرامن مارچ ڪڍنداسين ته پو مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته سنڌ مان اضافي پوليس نفري ڇو گهرائي وئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ جا سمورا چور پنهنجا ڪيس معاف ڪرائڻ ۾ پورا آهن، اسيمبلي جي اندر ويهي اهڙيون ترميمون ڪيون ويون، جن سان اهي چور بچي ويا، لانگ مارچ سياست کان گهڻي مٿانهين ڳالهه آهي، هي حقيقي آزادي جو مارچ آهي ۽ هي سياست نه پر جهاد آهي، جيڪو فيصلو ڪندو ته پاڪستان ڪهڙي پاسي ويندو ۽ چورن جي غلامي ڪرڻي آهي يا نه، انهن جا هينڊلر سمجهن ٿا ته اسان ڪي ٻڪريون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته سياسي پارٽيون بندوقن سان نه پر ڳالهين سان مسئلا حل ڪنديون آهن، اسان جا دروازا بيڪ ڊور ڳالهين لا هميشه کليل رهيا پر مون کي هاڻي پورو يقين ٿي ويو آهي ته هاڻي هي اليڪشن ڪنهن به صورت ۾ نه ڪرائيندا، ڇاڪاڻ ته هنن کي خوف آهي ته پنهنجو ذاتي اليڪشن ڪمشنر هجڻ جي باوجود چونڊن ۾ شڪست کائيندا. ٻئي طرف پشاور ۾ وڪيلن جي ڪنويشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته آئون صحافت ۾ ارشد شريف جي سڀني کان وڌيڪ عزت ڪندو هيس، ڪير ڪجهه به چئي مون کي خبر آهي ته ارشد شريف جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي وئي آهي، ارشد کي اڻڄاتل نمبرن تان ڌمڪيون ملنديون هيون، مون کي اطلاع مليو ته هاڻي ارشد شريف کي مارڻ لڳا آهن ته هو سچ نه ڳالهائي ته مون کيس 2 ڀيرا مشورو ڏنو ته پاڪستان کان ٻاهر هليو وڃ. عمران خان چيو ته هي ارشد شريف کي واپسي گهرائي اعظم سواتي وارو سلوڪ ڪرڻ وارا هئا، 75 ورهين جي اعظم سواتي کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ڪيو ويو، دنيا ۾ پاڪستان جو مذاق اڏايو ويو، مون فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين جيئرو آهيان هنن ظالمن جو مقابلو ڪندس. عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪا به قوم انصاف لاءِ جدوجهد نه ڪندي ته تباهه ٿي ويندي آهي، اسان کي وڪيل برادري جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، انساني معاشري ۾ قانون جي اڳيان سڀ برابر هوندا آهن، برطانيا ويس ته اتي قانون جي بالادستي ڏٺم پر پاڪستان ۾ ڪڏهن به قانون جي بالادستي نه ڏٺي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button