پاڪستان

عام ماڻهو جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻو پوندو: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب کي بهتر مستقبل لا گڏجي ڪرڻو پوندو، سماجي ۽ معاشي ترقي لا عورتن جو بااختيار هجڻ به ضروري آهي. سعودي عرب جي دوري تي موجود وزيراعظم هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته مستقبل بابت سعودي قيادت جو ويزن ساراهه جوڳو آهي، سعودي ولي عهد ملڪ جي مستقبل لا تمام گهڻو متحرڪ نظر اچي رهيو آهي، اسان کي عام ماڻهو جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لا قدم کڻڻا پوندا، جديد ٽيڪنالاجي ذريعي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، جڏهن ته معيشت جي بهتري لا عورتن کي مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪرڻو پوندو. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو نوجوان طبقي تي مشتمل آهي، نوجوان نسل کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهن ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، جڏهن ته معيشت جي بهتري لا اي ڪامرس تي ڌيان ڏيڻ به ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button