عالمي

50 سالن بعد زوري وهنجاريل ايراني شخص وفات ڪري ويو

پنجاهه سالن کان وڌيڪ عرصي کان نه وهنجڻ سبب بدبو ڪري ويل ايراني شخص پهريون ڀيرو وهنجاڻ جي ڪجهه مهينن بعد طبيعت بگڙجڻ تي وفات ڪري ويو آهي. 94 سالن جي پيرسن عمو حاجي کي ڪيترين ئي ڏهاڪن کان نه وهنجڻ تي “دنيا جو سڀ کان گدلو انسان” قرار ڏنو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق عمو حاجي اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين نه وهنتو ۽ نه ئي پنهنجي صفائي جو خيال رکندو هو، تنهن ڪري سندس جسم تي مٽي جا تهه ڄميل رهندا هئا ۽ بدن مان بي انتها ڌپ ايندي هئي. هڪ ايراني عملدار موجب عمو حاجي بيمار ٿيڻ جي خوف کان وهنجڻ کان بس ڪئي هئي پر ڪجهه مهينا اڳ پهريون ڀيرو کيس ڳوٺ وارن وهنجايو، جنهن بعد سندس طبيعت خراب ٿي پئي ۽ هن پساهه پورا ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button