اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف لانگ مارچ دوران ريڊ زون ڏانهن نه وڃڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اسلام آباد ۾ لانگ مارچ دوران ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڪير به قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪندو ۽ نه ئي ريڊ زون ۾ داخل ٿيندو، اسلام آباد ۾ نظر ايندو ته عوام ڪنهن سان گڏ بيٺل آهي. ٻئي طرف پارٽي ذريعن موجب چيئرمين عمران خان لانگ مارچ تائين پنجاب ۾ ئي ترسڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هو جمعي تائين عوامي رابطا مهم هلائيندو ۽ مارچ جي تيارين جي نگراني پڻ ڪندو. تحريڪ انصاف اڳواڻ مسرت جمشيد چيما چيو ته پي ٽي آ پنجاب لانگ مارچ لا حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، هر ضلعي مان 6 هزار ڪارڪنن کي مارچ ۾ آڻڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button