اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان اظهار جي آزادي يقيني بڻائي، ارشد شريف جي موت جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي:آمريڪا

آمريڪا ڪينيا جي حڪومت کان پاڪستاني صحافي ارشد شريف جي موت جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان را جي اظهار جي آزادي کي يقيني بڻائڻ لا قدم کڻي. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان نرڊ پرائيس چيو آهي ته ارشد شريف جو تحقيقاتي ڪم سڄي دنيا جي سامهون هو، سندس ڪم کان هر ڪو واقف آهي، خبر ناهي ته سندس موت جا ڪارڻ ڪهڙا هئا، اسان ارشد شريف جي ڪٽنب سان تعزيت ڪريون ٿا. آمريڪي پرڏيھي ترجمان چيو ته ڪينيا جي حڪومت کي چونداسين ته پاڪستاني صحافي جي موت جي ڀرپور ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي. آمريڪي ترجمان عمران خان جي نااهلي بابت پڇيل سوال جو جواب نه ڏنو. نرڊ پرائيس چيو ته آمريڪا پاڪستان جي اندروني سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ٿو ڪري سگهي، اسان پاڪستان جي عدليا ۽ سياسي نظام وچ ۾ تڪرار تي بحث نٿا ڪري سگهون، صحافين جا حق معاشري جو اهم حصو هجڻ گهرجن، آمريڪا کي خبر آهي ته دنيا ۾ ڪٿي ڪٿي صحافين جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، پاڪستاني اختياريون را جي اظهار جي آزادي کي يقيني بڻائڻ لا قدم کڻن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button