بلوچستانپاڪستان

پشين ۾ هٿياربندن جو پوليو ٽيم تي حملو، پوليس اهلڪار فائرنگ ۾ شهيد

بلوچستان جي علائقي پشين ۾ اڻڄاتل هٿياربند موٽر سائيڪل سوارن جي پوليو ٽيم تي فائرنگ پوليو ٽيم تي مقرر پوليس اهلڪار کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليو رضاڪار محفوظ رهيا. مقامي انتظاميه مطابق پشين جي علائقي ترت تهه ۽ ڪلي مرزائي ۾ نامعلوم هٿياربند موٽر سائيڪل سوار ماڻهن پوليو ٽيم تي فائرنگ شروع ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل محمد هاشم شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ملزم فائرنگ بعد موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مقامي انتظاميا مطابق هيڊ ڪانسٽيبل محمد هاشم کي ان وقت گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن هو پوليو ٽيم سان ڪلي مرزائي پشين ۾ ڊيوٽي ڏئي رهيو هو. اطلاع ملڻ تي ايس پي پشين موقعي تي پهچي علائقي کي گهيري ۾ ورتو اڻڃاتل ملزمن جي گرفتاري لاءِ ڳولا شروع ڪئي جڏهن ته شهيد پوليس اهلڪار جي لاش ڊي ايڇ ڪيو پشين منتقل ڪيو ويو ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ سول اسپتال ڪوئٽا ريفر ڪري ڇڏيو. ڊپٽي ڪمشنر پشين ڊاڪٽر ياسر خان بازئي پشين ۾ پوليو مهم دوران پوليو ٽيم تي فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺي سڄي ضلعي ۾ پوليو مهم هلائيندڙ رضاڪارن جي سيڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button