اسلام آبادپاڪستان

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سان ملاقات

اسلام آباد :آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن جي امداد تي آمريڪا جو شڪريو ادا ڪيو، پرڏيهي وزير ۽ آمريڪي سفير وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي بهتري تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران عالمي ۽ علائقائي سڪيورٽي سميت واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ واڌ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان گرين انرجي جي شعبي ۾ آمريڪي سرمائيداري سان وسيع بنيادن تي لاڳاپا وڌائڻ چاهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button