پاڪستانسنڌ

شهلا رضا جناح اسپتال پهتي، زيادتي جو شڪار ٻارڙي جي عيادت

ڪراچي: عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير سيده شهلا رضا سنڌ وومين ڪميشن جي چيئرپرسن نذهت شيرين سان گڏ جناح اسپتال جو دورو ڪيو ۽ گذريل ڏينهن ڪلفٽن جي علائقي مان اغوا جي بعد اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو ٿيڻ واري نوجوان ڇوڪري جي عيادت ڪئي. سيده شهلا رضا نوجوان ڇوڪري سان پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ ڊاڪٽرن کان ڇوڪري جي صحت جي حوالي سان معلومات حاصل ڪري ٻارڙي کي سموريون طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايتون ڏنيون. سيده شهلا رضا متاثر ڇوڪري جي والده سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن قانوني مدد جي فراهمي ۽ ڏوهارين جي جلد گرفتاري جو يقين ڏياريو. صوبائي وزير چيو ته ٻوڏ سبب متاثر ڇوڪريءَ جو خاندان متاثر ناهي ٿيو، ڇوڪري جو پيءُ گذاري ويو آهي، جڏهن ته ماءُ غربت کان تنگ ٿي پنهنجي پنجن ٻارن سميت ڪراچي آئي آهي. هن چيو ته ٻارن سان زيادتي جا وڌندڙ واقعا جوابدارن خلاف سخت سزائن جي تقاضا ڪري رهيا آهن، پوليس کي گهرجي ته هو ٻارن سان زيادتي جا ڪيس داخل ڪرڻ ۾ سخت قانوني شقن کي شامل ڪن، جڏهن ته عدالتن کي به گهرجي ته ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن. هن چيو ته اهڙن وحشي درندن جي ڪري سمورو معاشرو مفلوج آهي، اهڙي صورتحال ۾ والدين کي به گهرجي ته هو پنهنجن ٻارن کي اهڙن درندن جي رحم ڪرم تي نه ڇڏين ۽ انهن جو خيال رکن. هن چيو ته ضروري ناهي ته ڪو ٻاهر وارو ماڻهو اوهان جي ٻارن کي نقصان پهچائي، پوليس جي جاچ موجب ٻارن سان زيادتي جي اڪثر ڪيسن ۾ ويجهن ماڻهن جو به پڻ هٿ هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button