جڏهن کان هي ڌرتي وجود ۾ آئي آهي تڏهن کان ڌرتي تي ڪيتريون ئي اٿلون پٿلون ٿينديون پئي آيون آهن ڪڏهن ھو برف سان ايتري ڍڪيل رهي آهي جو مٿس رهندڙ سموري جيوت فنا ٿي وئي آهي ۽ ڪڏهن ايتري گرم رهي آهي جو مٿس رهڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي ۽ سموري جيوت فنا ٿي آهي.
ھن تي الائي ڪيترا طوفان، زلزلا، بارشون ۽ ٻوڏيون اينديون رهيون آهن جو مٿس رهندڙ مخلوق فنا ٿيندي رهي آهي جنهن کي فطرت جون اره زورائيون چئجي ته غلط نه ٿيندو!
انسان اهڙي ڌرتي تي پيدا ٿيندڙ نسلن جي ترقي يافته شڪل آهي ڌرتي پنهنجي جيوت سميت مسلسل متحرڪ صورت ۾ موجود آهي مٿس پل پل نوان لقا رونما ٿين ٿا جيڪي ڪڏھن ڪڏھن سڄي جيوت کي جهنجهوڙي ٿا ڇڏين!
شروعاتي دور ۾ ڌرتي تي جمادات ۽ پاڻي هو ان مان نباتات جو جنم ٿيو نباتات مان حيوانات وجود ورتو ۽ حيوانات مان انسان ذات جو ظهور ٿيو اها ٻي ڳالهھ آهي ته منجهس اڃان تائين حيواني جبلت اتم درجي ۾ موجود آهي پر ڌرتي جي جيوت جي تاريخ ۾ انسان سڀ کان وڌيڪ افضل مخلوق جو درجو رکي ٿو جنهن جي سرگرمي جي نتيجي ۾ انسان بيشمار مخلوقات کي تهس نهس ڪري هتي پهتو آهي جو کيس پنهنجو وجود عزيز آهي اها هر مخلوق جي فطري خاصيت آهي ته هو پنهنجي وجود جو تحفظ ڪري ان کي وڌيڪ آسان ۽ پرسڪون بڻائڻ جي جستجو ڪري!!
ڌرتي جي تاريخ جي هڪ دور ۾ انسان انهن فطري آفتن زلزلن، طوفان، مينهن، گجگوڙ ٻوڏن جو سبب اڻ ڏٺل ۽ لڪل طاقت کي سمجهيو انهن انسانن مان ڪجھه وڌيڪ غور فڪر ڪندڙ انسانن اهو سوچيو ته انهن آفتن جو سبب ديوتائن جي ڪاوڙ ۽ ناراضگي آهي تڏھن هرطرف تباهي آهي ۽ جڏهن ديوتا راضي ٿيندا آهن ته هرطرف خوشحالي هوندي آهي هنن ان آڻ ڏٺل ديوتائن کي راضي ڪرڻ لا مذهب تخليق ڪيو ۽ عام انسان کي ٻڌايو ته مينهن جي ديوتا کي ڪيئن راضي ڪجي، طوفان جي ديوتا کي ڪيئن ايلاز ڪجن ۽ باهه جي ديوتا کي ڪيترو ٻاڏائجي انهن عام انسانن کي عبادت ڪرڻ جا طريقا سيکاريا گڏوگڏ ان جي عيوض ۽ پنهنجي وجود جي ضرورت خاطر هنن عام ماڻهن کي ان ڳالهھ تي قائل ڪيو ته جيڪڏهن اوهان ديوتائن جي قهر کان بچڻ گهرو ٿا ۽ چاهيو ٿا ته هو سدائين توهان تي ٻاجھارا رهن ته پو اوهان ان کي نذرانا پيش ڪريو ان ۾ اوهان پنهنجي استعمال جون شيون ڏيئي سگهو ٿا جنهن ۾ اناج، ميوا، ڀاڄيون، ڪپڙا لٽا، ٿانو ٿپا، پکي، جانور ۽ پيسو ڏوڪڙ آهي ديوتا سڀ نذرانا قبول ڪندا، اسان انهن کي راضي ڪنداسي ڇو ته هو صرف اسان جي ڳالھه سمهجن ٿا ۽ رڳو اسان ئي انهن جو حڪم ۽ خواهش کي سمجهي سگهون ٿا اهڙي ريت اڄ مينهن جي ديوتا کي راضي ڪرڻو آهي نذرانو ڏيو سڀاڻي طوفان جي ديوتا کي نذرانو ڏيڻو آهي ايئن ديوتائن جي پوڄارين وٽ نذرانن جي دولت گڏ ٿيڻ لڳي هو امير ٿيندا ويا وٽن ايتري طاقت اچي وئي جو هو بادشاھه بڻجي ويا ۽ ٻئي پاسي ماڻهن ڏٺو ته آفتون گهٽ ڪونه پيون ٿين، ساڳي ڪار لڳي پئي آهي طوفان، ٻوڏون، زلزلا ۽ مينهن ساڳيا آهن ايترو نذر نياز ڏيون ٿا پو به ڪا سڻائي ڪونه ٿي ٿئي پوڄاري رڳو ڏٽا پيا ڏين هو پاڻ اسان جي پيسي تي امير ٿي ويا، اسان جا حاڪم بڻجي ويا ايئن عام ماڻهن ۾ پوڄارين خلاف نفرت ۽ ڪروڌ وڌڻ لڳو، جيڪڏھن واقعي پوڄاري ديوتائن کي خوش ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ جي لائق هجن ها ته نه علم نجوم ايجاد ٿئي ها نه ڪو ٻيو علم وجود وٺي ها نه ئي انسان جي ذهن ۾ مينهن، طوفان ۽ زلزلن بابت سوال اٿن ها هو سڄو ڏينهن آسمان ۾ اکيون کپائي تارن جي چرپر تي غور نه ڪري ها هو ته پو پوڄاري جي پوئلڳي ۾ غلطان هجي ها پر ڇاڪاڻ ته هٿرادو خدائن کان سڌي ريت پنهنجي ڳالهھ مڃرائڻ پوڄارين جي وس ۾ نه هو انهي ڪري خود انهن لا ۽ ٻين لا اڳتي وڌڻ جي جستجو اڻ ٽر ٿي پئي.
آهستي آهستي آبادي وڌڻ لڳي محنت جي قوت ۾ واڌ ٿي ته پيداوار ۾ به واڌ اچڻ لڳي، هر قسم جي ترقي ڪرڻ لا واڌو پيداوار ضروري آهي انساني سماج ترقي جي راهه تي تڏهن قدم وڌائي سگهي ٿو جڏهن هو پنهنجي ضرورتن کان وڌيڪ دولت پيدا ڪري ٿو، سماج ۾ هر فرد جي واڌو پيداوار هڪ هنڌ تي گڏ ٿيڻ ڪري جيڪا شئي وجود ۾ اچي ٿي انهي کي”قومي ناڻو” چئجي ٿو.
انهن عام ماڻهن مان ڪجھه ماڻهن وري غور و فڪر شروع ڪيو ته ان واڌو پيداوار کي ڪيئن استعمال ڪجي جنهن سان اڃان وڌيڪ ناڻو حاصل ڪري سگهجي انهن واڌو پيداوار جي جنسن جي مٽا سٽا شروع ڪئي پنهنجي واڌو شئي ڏيئي پنهنجي ضرورت جي شئي وٺڻ لڳا، ان نئين سماجي چر پر کي واپار سڏيو ويو ان لا سماج ۾ هڪ نئون طبقو پيدا ٿيو جنهن کي واپاري چئجي ٿو اهو واپاري طبقو جنسن جي مٽا سٽا ڪرڻ وارو سماجي ڪم فرض سمجهي ادا ڪونه پيو ڪري پر ان ۾ هن کي فاعدو ٿيڻ لڳو واپارين جي اها فطري خواهش هئي ته جيتري واڌو اپت ٿيندي اوتري مٽا سٽا جي عمل ۾ تيزي ايندي ۽ واپارين جو منافعو به اوتري تيزي سان وڌندو پر ان دور ۾ ملڪ ننڍڙا ننڍڙا هئا ۽ محنت جي قوت پيداوار به ايتر گهڻي ڪونه هئي اهڙي صورتحال ۾ واڌو اپت ڪا گهڻي ڪونه هئي ۽ ان جو گهڻو حصو وري پوڄارين وٽ نذر نياز جي صورت ۾ گڏ ٿيندو پئي ويو جيڪڏھن نذر نياز جي انهي طريقي کي ٻنجو ڏنو وڃي ها ته واڌو اپت مٽا سٽا جي ڪم اچي پئي سگهي ۽ اهڙي ريت واپارين جي آمدني ۾ واڌارو ٿي پئي سگهيو انهي سوچ واپارين ۽ پوڄارين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪئي ۽ واپارين چاهيو پئي ته پنهنجي مفاد لا پوڄارين جي حيثيت کي پائمال ڪن ۽ سندن هٿرادو ٺاهيل ديوتائن جي وجود کي ختم ڪرڻ جا جتن ڪن اهو ضروري هو ته ڏن ۽ ٻليدان جي انهي طريقي ڪار کي بند ڪيو وڃي ڇو ته سماج ۾ واڌو اپت کي ڪٺو ڪرڻ هڪ ڪارائتو سماجي عمل هو جنهن سان واپار وڌي ٿي سگهيو ۽ پوڄارين کي نذر نياز ۾ مليل اپت سماج لا ڪارائتي ٿي پئي سگهي جيڪا پوڄارين وٽ فالتو جمع ٿيندي پئي وئي واپارين جو اهو طبقو انهي سماج ۾ نئين حيثيت ۾ اڀريو هو انهن لا اهو لازم ٿي پيو هو ته ديوتائن جي مداخلت کي ختم ڪري واڌو سماجي اپت کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻين انهي کانسوا واپاري جنهن کان به واڌو اپت حاصل ڪندا ھئا موٽ هو ان کي ڪجهه نه ڪجهه ڏيندا هئا ٻئي پاسي هو جڏهن ديوتا کي ڀيٽا ڏيڻ ۾ جيڪا اپت وڃائيندو هو ان کي موٽ ۾ پوڄاري سکڻا دم دلاسا ۽ ڏٽا ڏيئي گهر روانو ڪري ڇڏيندو هو انڪري آهستي آهستي واپاري طبقي کي پوڄارين تي فوقيت حاصل ٿيندي وئي نتيجي ۾ واڌو اپت جو وڏو حصو واپارين جي طبقي ڏانهن وڃڻ لڳو ۽ ديوتائن جي نذر نياز ۾ گهٽتائي اچڻ لڳي پوڄاري قدرتي طور تي ان طريقي کي ناپسند ڪرڻ لڳا ڇو ته اهو انهن جي جيئڻ جو وسيلو هو هو ٻيو ڪو ڪم نه ڄاڻيندا هئا ڪاهل ۽ ڪم چور هئا سندن جا سمورا ڪم چيلا ڪندا هئا جن کي هو رڳو ماني ۽ ڪپڙو ڏيندا هئا جڏهن پوڄارين جي نذر نياز واري آمدني گهٽ ٿي ته ھو به ڇتا ٿيا ۽ واپارين تي طرحين طرحين جا الزام لڳائڻ لڳا ته هو ناستڪ ۽ دهريا آهن ديوتائن جا دشمن آهن پو ٻنهي گروهن ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي جن اڳتي هلي ڪيترن انقلابن کي جنم ڏنو.
واپارين جي جماعت انساني سماج جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو سدائين سفر ۾ رهندا هئا سفر ماڻهو جي سوچ ۽ فڪر کي وڌائيندو آهي واپاري ڊگھا سفر ڪندا هئا اهي به گهڻو ڪري سامونڊي هجن ته اهڙن سفرن ۾ فطرت جو مادي نظام سمجهھ ۾ اچي ٿو سفر ڪندڙ جي سوچ سمجهه وڏي ٿئي ٿي اهڙن ماڻھن هن سنسار ۾ فلسفن کي جنم ڏنو جيتوڻيڪ ان ۾ هنن جو پنهنجو مفاد هو بهرحال واپارين جو طبقو هن سنسار ۾ پهريون طبقو هو جنهن فطري حادثن جي مادي طريقن ۽ اصولن کي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن کين معلوم ٿيو ته مينهن،کنوڻ ۽ طوفان پٺيان مادي سبب آهن انهن حادثن سان ديوتائن جو لڳ لاڳاپو ناهي ته اهڙي صورتحال ۾ پوڄارين جي حيثيت غير ضروري بڻجي پئي ان حالت ۾ ديوتائن کي خوش ڪرڻ واسطي پوڄارين کي رشوت ڏيڻ جي ڪا ضرورت ڪانه رهي ۽ انهن کي نذر نياز ۽ ڏن ڏيڻ فضول خرچي کانسوا ڪجھه به ڪونه هو. عقل جي ڪسوٽي تي فطري حادثن جي پرک کانپو جو نتيجو اهو نڪتو جو پوڄارين جو زور ٽٽڻ لڳو هڪ زبردست ذهني انقلاب رونما ٿيڻ لڳو جنهن اڳتي هلي بيشمار علمن، هنرن، فلسفن،نظرين ۽ انقلابن کي جنم ڏنو!!