ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئين تاريخ جا نوان اڏيندڙ گهرجن

Editorial-Article- Irshad leghari


عمران خان جي “مختصر – وقتي!!” نااهلي کان پوءِ اڳيان جيڪي به نتيجا نڪرندا، سي ته پاڻ سگهو ئي ڏِسي وٺنداسون پر سوال اهو آهي ته باقي جيڪي اهل ٿيو پيا هلن، سي ان سموري صورتحال ۾ ڪٿي بيٺا آهن؟ ۽ ڪهڙي ڌنڌي سان لڳل آهن اڄڪلھه!! اهي ڌريون جيڪي پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان اها هام هڻي ميدان ۾ لٿيون هيون ته اهي عمراني ٽولي کي انجام تي پهچائي، ملڪ اندر نئون سماجي معاهدو آڻي پوءِ ئي دم کڻنديون!!؟
اها خبر آخر ڪنهن کي نه هئي ته عمران خان خودپسندي جي بيمار ذهنيت ۽ نااهلي جو اهو نمونو آهي، جنهن سان نااهلي ۾ هتي ڪوبه مقابلو نٿو ڪري سگهي. هو جيڪو پوري ڄمار نه زمين تي رهيو ۽ نه ئي آسمان تي. تنهن ڪري هوائن ۾ بنا طرف جي ڦرندڙ اهڙو ڦوڪڻو آخر ۾ ملڪ توڙي عوام جي ڳچيءَ ۾ ته پوڻو ئي هو پر پڇاڻو هاڻ اصل ۾ باقي رهيل ڌرين کان به ٿيڻ گهرجي ته اهي هڪ قدم اڳتي وڌي، نئين سماجي معاهدي واري واعدي کان ڏهه قدم پوئتي ڪهڙي لاچاري سبب پوئتي هٽنديون رهيون!؟ پي ڊي ايم شروع ۾ اهو ڏيک پئي ڏنو ته اهو اتحاد ملڪ جي هر ننڍي وڏي جمهوري ڌر سان رابطو ڪري، انهن کان به صلاحون سهيڙيندو ۽ پوءِ انهن سڀني ڳالهين جي روشني ۾ هڪ اهڙو جمهوري دستوري دستاويز تيار ڪيو ويندو، جنهن ۾ جمهوريت جو نئون خاڪو متعين ڪري سگهجي. پر اهي سموريون تياريون اٿندي ئي پساهه پورو ڪري ويون ۽ پي ڊي ايم پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي اقتداري مفادن واري اڏي تي ايئن ئي ڪُسجي ويو، جيئن ان کان اڳ وارن واعدن جو ڪنڌ لهندو رهيو آهي. ان سموري عمل ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ مان ڪير ڪيترو ذميوار آهي، تنهن بابت هر پارٽي وٽ پنهنجي پنهنجي وضاحت ۽ تشريح آهي پر پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته انهن ٻنهي وڏين پارٽين جي ذاتي گروهي مفادن واري مانڌاڻ جو ئي اهو نتيجو آهي جو عوام نااهل عمراني ٽولي کي ڀوڳي رهيو آهي.
هاڻ صورتحال اتي اچي پهتي آهي جو هن ملڪ اندر مسڪين ماڻهن جي جياپي جي ڪابه گهٽي ۽ واھه ڪانه ٿي ڏسجي.
عام واهپي جي شين جا اگھه هر نئين ڏينهن نوان ٿي رهيا آهن، ۽ انھي ساهه نپوڙيندڙ مهانگائي جي سموري ذميواري وڏي نِرڄائي سان سمورا اقتداري ٽولا هڪ ٻئي تي هڻي رهيا آهن ۽ ڪير به انهن کان اهو پڇڻ وارو ناهي ته جيڪڏهن توهان سڀني کي رڳو اهو ئي رينگٽ ڪرڻو آهي ته: “اسان کان اڳوڻا حڪمران بدعنوان هئا”
ته پوءِ اهو رينگٽ ته توهين سڀ سالن کان ڪري رهيا آهيو. اصل ۾ ٿيڻ ايئن گهرجي ته جيڪو به نئون اچي تنهن کي اهو ثابت ڪرڻ گهرجي ته اوهين اڳين کان ڪيئن بهتر ۽ مختلف آهيو. تنهن ڪري وقت موجب هاڻ اهو حساب سڀني کي ڏيڻو پوندو ته ڪنهن ڪنهن ڇا ڪيو؟ باقي نااهل ۽ خودغرض عمران خان ڪنهن پروگرام ۾ ٻيو ته ٺهيو پر ٻه لفظ فضيلت سان به نٿو ڳالهائي سگهي. هو جيڪو پنهنجي حڪومتي دور ۾ ان لائق به نه هو جو عالمي برادري ساڻس ڪنهن معاملي تي رابطو ڪري ها يا ڪنهن عالمي ڪٺ ۾ کيس ڪا جاءِ ڏني وڃي ها. سندس دور ۾ حالت اها هئي جو دنيا جون ٻه وڏيون طاقتون آمريڪا ۽ چين، جن جا پاڪستان ۾ هر قدم تي مفاد آهن، تن مان به ڪو رڳو ننڍڙي سطح جو ڪارندو آيو ٿي ته اهو به وڃي پنڊيءَ ۾ ٿي پڌاريو ۽ عمران خان هو سو بني گالا ۾ هر وقت اڌ کليل ۽ سُوڻل اکين سان هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي رڳو اوٻاسيون ڏيڻ ۾ پورو هو. وٽس جيڪا به سمري ايندي رهي، تنهن تي اکيون پوري صحيح ڪندو رهيو ۽ منجهس ايتري به صلاحيت نه هئي جو ان سمري آڻيندڙن سان اهو ڳالهائي سگهي ها ته آخر ان سان عوام تي جيڪي اثر پوندا، تنهن جو حل ڪهڙو آهي؟
نه، بلڪل به نه. عمران خان جو ان سان ڪو تعلق ئي نه هو ته عوام تي ڇا وهي واپرجي رهيو هو. هن کي پٽي پڙهائيندڙن کيس جيڪو رٽايو، سو ئي هو ٻوليندو رهيو. ۽ پوءِ مزو اهو ٿيو جو جن کيس آندو، آخر ۾ انهن جي به ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. اهڙي موڙ تي سنڌي جي اها مشهور لوڪ فهم واري چَوڻي سورنهن آنا سچ ثابت ٿي ته:
“بيوقوف بازار ۾، سنگتي نه کڻجي ساڻ
پهرين ڪُٽائي پاڻ، پوءِ سار لهي سنگت جي”
ان تناظر ۾ عمران خان پنهنجي سياسي ساک پَت کي ڪارنهن مَلي، هاڻ سنگت جي به سار لهڻ لڳو آهي.
مطلب ته پاڻ هڪڙي بي مقصد ۽ بنا نتيجي واري هڪ اهڙي فلم ڏسي رهيا آهيون، جنهن ۾ ڪوبه ڀاڳيو ناهي، سڀ جا سڀ چور ئي آهن. هڪ گينگ ٻي گينگ سان وڙهي رهي آهي، ۽ ان ويڙهه ۾ عوام جو الهه تلهه برباد ٿي چڪو آهي.
ياد رکو!! اهو سڀ انهي ڪري آهي، جو پاڻ عوام پنهنجو عملي ڪردار گهربل انداز ۾ ادا ڪرڻ بدران انهن جي انتظار ۾ آھيون، جيڪي اسان جا نه ڪلھه هئا، نه اڄ آهن ۽ نه ئي سڀاڻي انهن مان ڪا اميد آهي. هڪڙي اسٽيبلشمينٽ آهي ۽ ٻيا ان جا واري واري سان حصيدار جاگيردار ۽ سرمائيدار ساٿاري. سو اهي پنهنجا ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟ پاڻ کي پنهنجي ٻارڻي پوندي، پنهنجي گهوٽڻي پوندي. عوام کي پنهنجي سُورن جي ڪهاڻي واري تاريخ بدلائڻ لاءِ پاڻ مان پنهنجي نئين قيادت کي چونڊڻو پوندو. ان کان سواءِ انهن ڦورو طبقن مان نجات جو ٻيو ڪوبه رستو ناهي.
ان ڳالهھ کي پاڻ اڃان به جيڪڏھن واضح ڪيون ته مثال طور عمراني ٽولي جي انتها درجي واري نااهلي کان پوءِ پيپلز پارٽي توڙي نواز ليگ جي وات ۾ پاڻي آيل آهي ۽ اهي ٻئي پارٽيون پنهنجن پنهنجن حلقن کي پنهنجي پر ۾ اها خوشخبري ڏيڻ لڳيون آهن ته هاڻ اڳيان ايندڙ اليڪشن ۾ به اهي ئي هوندا. جيڪڏهن واقعي ايئن ٿئي ٿو ته ظاهر آهي ايندڙ حڪومت انهن ئي روايتي پارٽين ۾ ورهائي، کين حصا پتيون ڪري ڏني ويندي. اها ٻي ڳالھه آھي ته ان ورهاست ۾ ڪهڙي پارٽي کي ڪيترو حصو ملي ٿو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا شريف خاندان جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن سان انصاف ٿي سگهندو يا زرداري جي جاگير ۾ ڳرندڙ هارين نارين جو حال تبديل ٿيندو؟ نه، ڪڏھن به نه. هن مالڪ جا هاري پورهيت سڀ جا سڀ ايئن ئي ڀوڳيندا رهندا، جيئن ڀوڳيندا آيا آهن يا اڄ به ڀوڳي رهيا آهن. انهن پورهيتن ۽ هارين جو حال تڏهن ئي بحال ٿي سگهي ٿو، جڏهن اهي پنهنجي تاريخ جا پاڻ اڏيندڙ بڻبا. جيستائين ايئن نه ٿيندو تيستائين هي سڀ بدعنوان ٽولا ملڪ ۽ عوام جي واري واري سان ايئن ئي ڀينگ ڪندا رهندا. سو اٿو، پنهنجي قسمت پاڻ لکو ۽ پنهنجي ڪهاڻي جا پاڻ اڏيندڙ ٿيو ته جيئن اسان جا ايندڙ نسل وقار سان رهي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button