پاڪستان ۾ سياسي انجنيئرن جي کوٽ ڪانهي. هڪ ٻئي کان وڌيڪ ذهين ماڻهو پيا آهن جيڪي سياست جي بساط تي مختلف مهرا آڻيندا ۽ انهن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق فتح يا شڪست سان همڪنار پڻ ڪندا رهيا آهن. اهڙي نموني جڏهن به ڪا سياسي پارٽي حڪومت ۾ هوندي آهي تڏهن سندس قيادت اهو چوندي نه ٿڪبي آهي ته عوام جا آزار اجهو ٿا هميشه لاءِ ختم ٿين. ساڳي وقت جيڪا پارٽي اقتدار کان ٻاهر هوندي آهي اها وري اها دعوى ڪندي رهندي آهي ته عوام جي آزارن جو علاج حڪمران سياسي پارٽي يا اتحاد وٽ ته ٿي ئي نه ٿو سگهي اها گدڙ سنگهي اسان وٽ آهي. جيئن ئي اسان کي وارو مليو، اسان حڪومت ۾ اچي وينداسين ۽ ايندي ئي عوام جا سڀ ڏک سُور دور ڪري ڇڏينداسين. اهڙي صورتحال ۾ هڪ عام پاڪستاني اهو سوال ضرور ڪندو آهي ته ايترن دانائن ۽ هر مرض جو علاج ڄاڻندڙ حڪيمن هوندي به ملڪ ۽ عوام جي حالت ايتري خراب نيٺ ڇو آهي؟ ڳالهه رڳو 90 يا 180 ڊگريءَ جي قلابازين تائين محدود ڪانهي بلڪ هتي ته 360 ڊگريءَ کان به معاملو چڙهيل آهي. هن ملڪ ۾ نااهل سياستدان اهل ٿي ويندا آهن. غدار محبِ وطن ۽ محبِ وطن غدار بڻجي ويندا آهن. هتي ماکيءَ کي شراب ۽ شراب کي زيتون جو تيل بڻجڻ ۾ دير نه لڳندي آهي. نيب جو چيئرمين باباءِ چوما چاٽي ثابت ٿيندي به نيب جو چيئرمين ئي رهندو آهي ۽ ٽي ڀيرا وزيرِ اعظم رهندڙ ڪو شخص هڪ اهڙي ڏوهه ۾ عمر ڀر لاءِ سياسي عمل کان تڙيو ويندو آهي جيڪو ثابت به نه ٿي سگهندو آهي ۽ پوءِ ٿوري وقت کان پوءِ ئي اها نااهلي هوا ۾ اڏامي ويندي آهي. چوٿون ڀيرو وزيرِ اعظم بڻجڻ جي سندس آخري خواهش پوري ڪرڻ لاءِ ٻهاري ڇنڪار جو ڪم تيز ڪيو ويندو آهي. اهڙي ڪرشماتي ملڪ ۾ عمران خان کي به اليڪشن ڪميشن سان ڪُوڙ هڻڻ جي ڏوهه ۾ پنجن سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي.
هن ملڪ ۾ سياسي انجنيئرنگ جي تاريخ تمام پراڻي آهي. مثال طور جنرل ضيا الحق کان پوءِ آئي جي آئي جو پليٽ فارم تيار ڪيو ويو جنهن جي سربراهي ته ميان نواز شريف ڪري رهيو هئو پر بعد ۾ جنرل حميد گل ان سموري معاملي تان پردو کڻندي چئي ڏنو ته ان اتحاد جو اصل سربراهه جنرل صاحب هئو، ميان نواز شريف ته بس ڏيکارڻ لاءِ هڪڙو مهانڊو هئو. خير، ان انجنيئرنگ منجهان به ڪو خاص فائدو نه پيو. معمولي ئي سهي پر اڪثريت وري به پيپلز پارٽيءَ کي ئي ملي. حڪومت بينظير ڀٽو شهيد جي ئي ٺهي. ان ئي زماني ۾ بينظير جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ جي ناڪام انجنيئرنگ به ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ نيٺ ايوانِ صدر جون خدمتون حاصل ڪري بينظير حڪومت منجهان جان ڇڏائي وئي. تاريخ شاهد آهي ته بعد ۾ ميان نواز شريف سان به سندس پهرين، ٻين ۽ ٽين حڪومت دوران اهڙي ئي حالت ٿيندي رهي. ڪجهه عرصي لاءِ ائين لڳو پئي ته ٻنهي (بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف) سمجهي ورتو آهي ته اهي هڪ ٻئي جي هروڀرو مخالفت ڪندا رهيا جنهن جي نتيجي ۾ فائدو ڪنهن ٽئين جو پئي ٿيو. اهڙا ڪجهه آثار نظر به آيا ٿي جهڙوڪ: ميثاقِ جمهوريت کان پوءِ 2008 ۾ ٿيل چونڊن ۾ نواز ليگ پاران پيپلز پارٽيءَ جي ڪاميابيءَ کي قبولڻ ۽ اهم ترين آئيني ترميمن تي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ وغيره. 2013 جي چونڊن ۾ 2 ڀاڱي 3 اڪثريت حاصل ڪرڻ باوجود نواز ليگ پاران پهريان تحريڪِ انصاف کي حڪومت ٺاهڻ جي آڇ ڪرڻ جو جمهوري رويو ساراهه جوڳو هئو. پر حقيقت اها آهي ته اسان جي ملڪ جا سياستدان ڪالهه به ۽ اڄ به هڪ ٻئي خلاف استعمال ٿيڻ لاءِ تيار آهن. ڪالهه به سندن بنيادي ۽ اهم ترين مقصد اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ ان تي قبضو برقرار رکڻ هئو. اڄ به سندن بنيادي ترين مقصد ساڳيو ئي آهي. انجنيئرن ميان نواز شريف کي ٺاهي جوڙي تيار ڪيو هئو جيڪو بعد ۾ جمهوري بڻجي ويو. ان کان مايوس ٿيڻ کان پوءِ اهي ڊگهي عرصي تائين سندس متبادل ڳوليندا يا تيار ڪندا رهيا جيڪو نيٺ خان صاحب جي صورت ۾ هٿ آيو هئو پر هاڻي ان منجهان به جان ڇڏائڻ جو وقت اچي ويو هئو ڇاڪاڻ ته ان جي کوپڙيءَ ۾ به بدقسمتيءَ سان دماغ هئو ۽ ان کي به گهٽ ۾ گھٽ ڏهه سال اقتدار ۾ رهڻ جي ڳڻتي هئي. ماڻهو پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي اقتداري ٻيگهيءَ کان ٿڪجي پيا هئا. ڊگهي عرصي تائين ٻنهي پارٽين جو واري واري سان اقتدار ۾ اچڻ ۽ نالائقي نااهليءَ جي انتهائن هوندي به ڪرپشن ۽ اقربا پروريءَ جي بازار گرم رکي مزا ماڻڻ سبب ماڻهن عمران خان کي 2018 واري زماني ۾ پنهنجو مسيحا سمجهڻ شروع ڪيو هئو. هڪ اهڙو هيرو جنهن ملڪ کي ڪرڪيٽ جو ورلڊ ڪپ کٽرائي ڏنو هئو جنهن ڪينسر اسپتال جوڙائي هئي ۽ جيڪو هڪڙو پڙهيو لکيو، صاف سٿرو ۽ محبِ وطن اڳواڻ سمجهيو پئي ويو پر سندس مختصر مدي واري اقتدار سموري لاک لاهي ڇڏيس. 1997 وارين عام چونڊن ۾ عمران خان جي پارٽيءَ هڪڙي سيٽ به نه کٽي هئي. حالانڪه ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو هيرو ۽ ڪينسر اسپتال جو باني اهو تڏهن به هئو. اڃان به ان زماني ۾ ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽڻ واري ڳالهه ڪا گھڻي پراڻي ڪانه ٿي هئي. 2002 وارين عام چونڊن ۾ هُو جيئن تيئن ڪري بس هڪڙي سيٽ کٽي سگهيو هئو. 2002 واري زماني ۾ عمران خان وس ڪيو ته جنرل پرويز مشرف سندس مدد ڪري هُو اليڪٽبلز جي مدد سان ملڪ جو وزيرِ اعطم بڻجي وڃي. ان زماني ۾ هن پرويز مشرف جي صدارتي ريفرنڊم ۾ به وڏي جوش سان حصو ورتو هئو. پرويز مشرف جي پاليسين کي تمام گھڻو ساراهيو هئائين. پر جڏهن پرويز مشرف عمران خان بدران چوڌري ڀائرن تي هٿ رکيو ته خان صاحب مايوس ٿيو ۽ چوڌري پرويز الاهيءَ کي پنهنجي تقريرن ۾ پنجاب جو سڀ کان وڏو ڌاڙيل ڪوٺيندو رهيو جيڪو هاڻي عمران خان جي پارٽيءَ جي سهڪار ۽ پٺڀرائيءَ سان پنجاب جو وڏو وزير بڻيل آهي. اهڙيءَ طرح اڄ هُو جنهن کي ڪرپٽ ۽ ڊيزل پيو ڪوٺي ان کي مير ظفر الله جماليءَ جي مقابلي ۾ وزيرِ اعظم جي اميدوار طور ووٽ ڏنو هئائين. اسٽيبلشمينٽ پاران 2010 ۾ وڃي اهو فيصلو ڪيو ويو هئو ته عمران خان کي گود وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي. تڏهن وڃي سندس ڀاڳ کليو. عمران خان پنهنجي مالڪن کي مايوس ڪيو. معيشت کي ڪوئي سهارو نه مليو. ڪرپشن ختم ڪانه ٿي سگهي. پرڏيهي پاليسي مذاق بڻجي وئي ۽ لڳاتار يوٽرن وٺڻ سبب اخلاقي قدرن جو به ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيائين. مالڪن جي مرضيءَ جي ابتڙ ڳالهائڻ ۽ عمل ڪرڻ شروع ڪيائين. اختيار ۽ اقتدار ملڻ کانپوءِ پنهنجو پاڻ کي واقعي به ملڪ جو وزيرِ اعظم سمجهڻ جي غلطي ڪري ويٺو جنهن ڪري اڄ ان حالت تائين پهچايو ويو آهي ۽ جيئن جيئن نومبر ويجهو ايندو ويندو اڃان به بري حال کي پهچندو.
روس ۽ اولهه جي طاقتن خاص ڪري آمريڪا ۽ عام طرح سندس يورپي اتحادين وچ ۾ جنگ جهڙي صورتحال جڙي وئي آهي. روس جي نخرن سبب يورپ ۾ توانائيءَ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي. سعودي عرب ۽ اوپيڪ جا ٻيا ملڪ آمريڪا جي روڪ ٽوڪ کي نظر انداز ڪري تيل جي پيداوار وڌائي ان جون قيمتون گھٽائي رهيا آهن. آمريڪا پاڪستان کي دنيا جي اهڙي خطرناڪ جڳهه بيان پيو ڪري جتي ايٽم بم ته آهي پر اهو محفوظ هٿن ۾ ڪونهي. اهڙي صورتحال ۾ جتي پاڙيسري ملڪن سان اسان جا لاڳاپا بگڙيل آهن. تڏهن به اسان ٻه وکون اڳتي آهيون. گھڙي کن لاءِ بيهي پنهنجي پاليسين ۽ روين تي سوچڻ ۽ انهن جو جائزو وٺي غلطين منجهان سکڻ ۽ انهن کي درست ڪرڻ بجاءِ اسان کوهه ۾ ٽپو ڏيڻ لاءِ تيار بيٺا آهيون. اسان اڃان تائين اندروني تضادن ۽ جهڳڙن کي ماٺو ڪرڻ جي باري ۾ نه پيا سوچيون. 75 سالن جو ٿي وڃڻ کان پوءِ به پاڪستان ۾ معاشي استحڪام اڻ لڀ آهي. اڃان تائين سياسي استحڪام اڻ لڀ آهي. اڃان تائين اهو ڊپ موجود آهي ته اسان وٽ ايٽم بم ته آهي پر اهو نيٺ لڪايون ڪٿي، جتي محفوظ هجي؟ اڃان تائين اهو کٽڪو آهي ته ملڪ جو ڏيوالو نه نڪري وڃي. اسٽيبلشمينٽ، عدليا ۽ حڪومت چاهي ٿي ته عمران خان پارليامينٽ ڏانهن موٽ کائي ۽ پنهنجا مسئلا ان فورم تي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري جيڪو سياسي ۽ جمهوري طريقو آهي. لانگ مارچ ۽ اسلام آباد جو گهيراءُ ڪرڻ واريون ڳالهيون ڇڏي ڏئي ڇاڪاڻ ته انهن منجهان ڪجهه ڪين ورندو. مسئلي جو حل لانگ مارچ يا اسلام آباد جو گهيراءُ ڪرڻ ڪونهي بلڪ ائين ڪرڻ سان ته اڃان وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيندا. اڃان وڌيڪ بيچيني پيدا ٿيندي. پر خان صاحب کي خبر آهي ته هن ملڪ ۾ جمهوري طريقن ۽ شرافت جو مظاهرو ڪرڻ سان ڪو به مسئلو حل ڪونه ٿيو آهي. ان ڪري اهو لانگ مارچ ۽ گهيراءُ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سوچي رهيو آهي.