پاڪستان جي پنجھتر سالن جي گڙٻڙ گھوٽالن واري تاريخ ۾ شايد ھي پھريون ڀيرو آهي ته فوجي سپاهه سالار جنرل قمر جاويد باجوه ملڪ جي وزيراعظم شهباز شريف کي باقاعدي خط لکي کيس عرض ڪيو آهي ته ڪينيا ۾ واٽ ويندي مارجي ويل سينئر صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ادارن خلاف چميگويون ڪندڙن کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي.
هينئر مون ھڪڙي ٽي وي چينل تان اها نيوز ٻڌي ته ارشد شريف جي لاش جو اسلام آباد جي سرڪاري اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪندڙ آفيشل ٽيم جي ڊاڪٽرن چيو آهي ته ھن لاش جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ ۾ اڃا ٻه ٽي ڏينهن لڳي سگهن ٿا. ڪمال جي گوٿناٿ آهي. ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم ۾ جيڪڏهن ايترو وقت لڳي ويندو ته ان سان ماڻهن جي من اندر شڪ ۽ وسوسا پيدا ٿيندا جيڪي اڳ ۾ ئي وڌي وڻ ٿي ويا آهن.
ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ارشد شريف جي وارثن پاران داخل ڪرايل انهيءَ درخواست تي اڱاري ڏينهن ٿيل ٻڌڻي ۾ سندن وڪيل بئريسٽر شعيب چيف جسٽس کي عرض ڪيو ته پي ڊي ايم حڪومت پاران ٿيندڙ جاچ تي مائٽن کي اعتماد ناهي تنهن ڪري ججن تي مشتمل عدالتي تحقيقاتي ڪميشن جوڙيو وڃي. چيف جسٽس اطهر من الله ان درخواست کي پڙهي وراڻيو ته اڃا عدالتي ڪميشن جي گهرج ڪونهي. في الحال اسان کي سرڪاري جوڊيشل ڪميشن جي جاچ ۾ صحافين جي سچن نمائندن کي شامل ڪرڻ لاءِ اختيار ڌڻين کي درخواست ڏيڻ کپي. اهو واضح ڪري ڇڏيان ته وزيراعظم شهباز شريف جيڪا انڪوائري ڪميشن ٺاهي آهي ان ۾ ھائي ڪورٽ جي ھڪ جج کي شامل ڪرڻ جو به لکيو اٿس. چيف جسٽس طرفان اٿاريل سوال به ويچار جوڳا آهن جنهن رمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ صحافين کي اغوا ڪرڻ جا به گهڻائي واقعا ٿيا آهن جيڪو تمام سنگين مسئلو ٿي ويو آهي، حڪومت کي انھي جو به خاتمو ڪرڻ کپي.
چيف جسٽس چيو ته سرڪار پاران اعلانيل جاچ ڪميشن تي وارثن کي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ان جي فيڪٽ فائينڊنگ تي مطمئن نه ٿيندا ته پوءِ ھڪڙي مڪمل جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ لاءِ ويچار ڪيو ويندو. اسان کي سوين گم ٿيل جوانن جي به ڳڻتي آهي جن جو ڪوبه اتو پتو نه پيو ملي، حڪومت جو فرض آهي ته انهن جي ڳولھا واسطي به قدم کڻي.
ھتي اھو ضروري سمجهان ٿو ته شھيد صحافي ارشد شريف بابت پنهنجي ڄاڻ مطابق سچي را ڏيان. سال 2007 ۾ 27 ڊسمبر تي بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ آئون اسلام آباد ڇڏي جڏهن واپس پنهنجي گهر حيدرآباد موٽي آيس ته ان وقت تائين ارشد شريف نالي ڪنهن صحافي کي مون ڪڏهن قومي اسيمبلي يا پريس ڪلب ۾ نه ڏٺو ۽ نه ٻڌو هو. آئون 1973 ۾ آئين پاس ٿيڻ واري ڏينهن کان وٺي اسلام آباد ايندو ويندو رهندو هئس. ٽن سنڌي اخبارن جو بيورو چيف بڻجي، 1973 ۾ ھلال پاڪستان جو بيورو آفيس، 1985 ۾ عبرت جو دفتر ۽ 1994 ۾ برسات جي آفيس مون پاڻ قائم ڪئي.
پي ايف يو جي نالي صحافين جي شاندار تنظيم جا اھم اڳواڻ افضل خان، اياز امير، طارق چوڌري، نصرت جاويد، اظهر مسعود، ايم ضيا الدين، شاهين صھبائي، افضل بٽ ۽ ٻيا گهڻا ئي دوست اڃا جيئرا آهن، ڪئين وفات ڪري ويا، تن سان لاڳاپيل رهيو آهيان. پر آئون اڄ تائين ارشد شريف سان نه ملي سگهيس ڇاڪاڻ ته 2007 تائين ھو ڪو ناليوارو صحافي يا اينڪر نه ٿيو هو. کيس جنرل مشرف جي دور ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ ڪنهن ٽي وي چينل تي ڏٺم پر تڏهن به هن کي نه سڃاتو ھئم. 2013 ۾ هن آج ٽي وي تان ھڪڙو پروگرام ڏيکاريو جنهن ۾ آمريڪي سي آئي اي جي فنڊنگ سان ھلندڙ پاڪستان جي سمورين اين جي اوز جي لسٽ ۽ کين ھر سال ڊالرن ۾ ملندڙ رقم جا خود سي آئي اي پاران جاري ڪيل انگ اکر ڏنل هئا.
ھي اھو گرما گرم دور ھو جڏھن ڪجهه مھينا اڳ 2012 ۾ تڏهوڪي صدر آصف علي زرداري سنڌ جي بلدياتي سرشتي ۾ اهڙي وطن دشمن ڦير ڦار ڪئي جو ٻٽو نظام جڙي ويو جنهن جي خلاف اسان ڪراچيءَ ۾ رهندڙ اديبن، شاعرن ۽ صحافي دوستن گڏجي سنڌ رائيٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم جوڙي سنڌ جي حاڪمن خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيا هئا.
جيئن چوندا آهن ته ميرن کي گهران لڳي تيئن اسان جي تنظيم کي به گهر ۾ ٻاريل اسان جي ئي ڏيئن ساڙڻ شروع ڪري ڇڏيو!
ارشد شريف جو سي آئي اي جي پگهاردار تنظيمن بابت تفصيل به ارشد شريف انھن ئي ڏينهن ۾ پنهنجي پروگرام ذريعي ظاهر ڪيو. ڪنهن ڪمپيوٽر جي ڄاڻو دوست مون کي اھا لسٽ اماڻي لکيو ته ھي اين جي او فلاڻي جي آهي جنهن کان اوهان پنهنجن سمورن ساٿين جي روبرو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مزار اندر اھو حلف پڙهائيو ھو ته سنڌ رائيٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم سان سڄي حياتي وفادار رهندس ۽ سنڌين جي دشمن حڪمرانن جو ڪڏهن به ساٿ نه ڏيندس.
مون نه رڳو اھا لسٽ پنهنجي فيس بوڪ وال تي رکي پر ڀٽ شاهه تي حلف پڙهندڙ دوست کي به بروقت موڪلي ڇڏيم. هو چڙي پيو ۽ فون ڪري چيائين ته رڳو مون سان شيئر ڪريو ھا. سڄي دنيا ۾ ڍنڍورو ڇو ڏنو اٿئو؟
بھرحال ان فھرست منهنجو ڌيان ارشد شريف ڏانهن ڇڪايو ڇاڪاڻ ته هن وانگر اسان جي تربيت به سامراج دشمن ھئي. مون کي گھڻن سالن تائين سندس بي ريائي وڻندي رهي. اوچتو ڏٺم ته پنهنجن پروگرامن ۾ ارشد اھڙيون ڳالهيون ڪيون جن مان صاف ڏسڻ ۾ آيو ته ھمراهه اسٽيبلشمينٽ جي پاليسي تحت عمران خان جا ڳيچ ڳائيندو وتي.
منهنجي ذهن ۾ ھڪدم سنڌ جي انهن صحافين، ليکڪن ۽ اين جي اوز وارن جو اولڙو اچي ويو ۽ سوچيم ته مار ھي ارشد به تخليق ڪارن جي نيلام گهر ۾ وڏي اگھه اگھاڻو!
پر آئون حيران ٿي تپرس ۾ ان ڏينهن پئجي ويس جڏهن عمران خان جي خلاف بي اعتمادي واري رٿ سوڀاري ٿي ته ھن شخص اسٽيبلشمينٽ جي خلاف دليلن ۽ ثبوتن سان پروگرام شروع ڪري ڇڏيا ۽ ڏاڍو مقبول ٿي ويو. عمران خان جي حڪومت ڊھڻ کان پوءِ ارشد شريف ھڪ جھادي سورمو بڻجي باقاعدي پاڪستاني واڳ ڌڻين تي الزام مڙهڻ شروع ڪيا جيڪي منهنجي لاءِ دلچسپ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ هئا. ھي شخص آخرڪار اسان جھڙي خلق جيان انسان ھو ۽ ڪو فرشتو نه ھو. پر ڇا اھڙي دلير ۽ سچار صحافي کي مارائي ڇڏڻ پاڪستان جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ انساني حقن جي بھتر مستقبل لاءِ ضروري هو؟ ڪڏهن به نه مرندڙ تاريخ ۽ وقت وڏو بادشاهه نيٺ اصل قاتلن کي بي نقاب ڪندو.