ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪمند جي آبادگارن جي پريشاني

Editorial

سنڌ ۾ هر قسم جو فصل اپائيندڙ آبادگار احتجاج ڪندو رهندو آهي. ڪڏهن اهو احتجاج پاڻيءَ جي کوٽ خلاف هوندو آهي، ڪڏهن نقلي ٻج ۽ ڀاڻ خلاف هوندو آهي ته ڪڏهن وري اهو احتجاج شگر ملون نه هلڻ خلاف هوندو آهي. سنڌ ۾ ڪمند جا آبادگار وڏي وقت کان احتجاج ڪندا پيا. ان جو سبب ڪمند جا مناسب اگهه مقرر نه ڪرڻ آهي. آبادگار سدائين حڪومت ۽ شگر مل مالڪن کان مطالبو ڪندا رهيا آهن ته ڪمند جو مناسب اگهه مقرر ڪيو وڃي ته جيئن انهن جيڪو پئسو ڪمند جي فصل تي سيڙايو آهي، ان جو خرچ نڪري سگهي پر هيستائين ائين ٿيندو رهيو آهي جو آبادگارن ۽ شگر م مالڪن تي سدائين ڪمند جي اگهه ڳالهيون ناڪام ٿينديون رهيون آهن. شگر ملڪ مالڪ پنهنجي مرضيءَ اگهه وٺي چمنيون ٻاريندا آهن يا وري اهي آبادگارن جي چوڻ تي چمنيون ٻارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڪمند جا آبادگار سدائين پريشان رهندا آهن ۽ اهڙي ريت انهن جي مطالبن تي ڪن ڪونه ڌريا ويندا آهن. ڪمند جو مناسب اگهه نه ملڻ ڪري هڪ پاسي زراعت متاثر پئي ٿئي ٻئي پاسي ڪمند جي آبادگارن جي معاشي حالت به بهتر نه پئي ٿئي. تنهنڪري آبادگار لاءِ مسئلا ئي مسئلا آهن. ائين محسوس ٿو ٿئي حڪومتي عملدار شگر مل مالڪن هٿان بليڪ ميل ٿي رهيا آهن. تنهنڪري ان مسئلي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ٻه ڏانهن اڳ به شگر مل مالڪن آبادگارن جون ڳالهيون مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ايوان زراعت سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري مير عبدالڪريم ٽالپر مل مالڪن پاران شگر ملون 5 نومبر تائين هلائڻ کان انڪار ڪرڻ ۽ ڪمند جو اگهه مقرر نه ٿيڻ کي سنڌ جي آبادگارن سان ناانصافي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاسما ۽ شگر مل مالڪن آڏو حڪومت بيوس بڻيل آهي، ٻوڏ جي ڪري موجوده حالتن ۾ اهو انتهائي ضروري هو ته شگر ملن جي چمني 5 نومبر تائين ٻري وڃي ته جيئن ڪڻڪ جي پوکي ممڪن ٿي سگهي، ڇو ته سنڌ ۾ زمينون اڃا تائين ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ گهيريل آهن، جن هنڌن تي ڪمند بيٺو آهي، اهي ئي زمينون ڪڻڪ جي پوکي ۾ ڪم اچي سگهن ٿيون. هونئن به عام طور تي سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوکيءَ لاءِ 25 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪمند جي ڪٽائي کان پوءِ خالي ٿيندڙ زمين تي ٿيندي آهي پر جيئن ته هاڻ زمينون برسات ۽ ٻوڏ واري پاڻيءَ جي حوالي ٿيل آهن، ان ڪري گهڻي قدر ان ئي زمين تي ڪڻڪ جي پوکي گهڻي ٿيندي جتان ڪمند جو فصل نڪرندو ۽ اهو شگر ملون وقت تي چالو نه ٿيڻ جي صورت ۾ ممڪن ناهي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ زراعت کاتي جي صوبائي وزير جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ پاسما آبادگارن جي هڪ به ڳالهه نه ٻڌي، اجلاس ۾ نه شگر ملون چالو ڪرڻ جي ڪا تاريخ ڏني وئي نه ئي ڪمند جو اگهه مقرر ڪيو ويو. اسان جو مطالبو هو ته ڪمند جو اگهه 400 روپيا مقرر ڪري شگر ملون 5 نومبر تائين هلايون وڃن پر ٻنهي ڳالهين تي شگر مل مالڪ راضي نه ٿيا، جنهن ڪري اجلاس جو ڪو به نتيجو نه نڪتو. ان قسم جا اجلاس وڏي وقت کان ٿي رهيا آهن. پر اهي اجلاس بنا نتيجي جي ختم ٿي ويندا آهن. جڏهن ته آبادگارن لاءِ وري به مسئلا اتي جو اتي موجود هوندا آهن. هاڻ جڏهن ڪمند جو فصل لهي پيو ۽ شگر ملن جون چميون ٻرڻ جو وقت اچي ويو آهي ته شگر مال بهاني بازي ڪري رهيا آهن. ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شگر مل مالڪ پنهنجي پسند جو اگهه وٺڻ چاهين ٿا ۽ اهي پنهنجي مرضيءَ موجب آبادگارن کان ڪم وٺي پيڙائي ڪرڻ چاهين ٿا. ٻوڏ اچڻ کان پوءِ سنڌ جو آبادگار هونئن تباهه لڳو پيو آهي ۽ ان تباهي کان پوءِ ان جو ڪو فصل جيڪڏهن بچي به ويو آهي ته ان مان هو اپت ڪرڻ چاهي ٿو پر هن صورتحال ۾ جڏهن آبادگارن کي وڌيڪ سهائتا جي ضرورت آهي ته زراعت کاتو ۽ شگر مل مالڪ هڪ هٽي لايو ويٺا آهن ۽ آبادگارن کي پنهنجي مرضي موجب اگهه ڏيڻ لاءِ تيار آهن پر جيڪو جائز اگهه آهي اهو ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهن.
اسين سمجهون ٿا ته ڪمند جي آبادگارن سان هر سال ناجائزي ٿيندي پئي اچي ۽ اهڙي ريت اهي شگر مل مالڪن هٿان بليڪ ميل ٿيندا پيا اچن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪمند جي آبادگارن جا مطالبا ٻڌا وڃن، انهن کي اهي اگهه مقرر ڪري ڏنا وڃن، جن سان انهن کي به ٻن پئسن جو فائدو ٿئي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ به اهي ڪمند جو فصل پوکي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button