سنڌ جي تاريخ ۾ هر دور ۾ قلندر صفت انسان پيدا ٿيا آهن. سنڌ جي مٽيءَ کي اهو شرف حاصل آهي ته سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ڪيئي وڏا عشق جا داستان دفن آهن. جيڪڏهن سنڌ آزاد خطو هُجي ها ته سنڌ ٽوئرزم ۾، تاريخي مهاڳن ۽ دنيا لاءِ فلسفي، علم، ادب، امن ۽ ڀائيچاري جون راهون گامزن ڪري ها پر سنڌ کان سنڌ جي هڪ يگاني عاشق وطن جي مٽيءَ سان بي انتها عشق ڪندڙ انسان جي ايم سيد اها تقاضا رکي پنهنجي فڪر ۾ امن عالم جي ترقيءَ ۾ انسان جو نقطو رکي اسان کي اهو نياپو ڏنو آهي.
بدقسمتيءَ سان اڄ هن نالي ۾ نهال فيڊريشن جي اندر اسان جي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو نٿو ڏنو وڃي، بغض جي انتها اها آهي جو سائين جي ايم سيد اهو محسوس ڪندي جيڪا راهه ڇڏي ويو، ان راهه تي جيڪي عاشق پتنگ جيان جليا ڏيئا به ٿيا ته ڪوئلو به ٿيا. انهن عاشقن جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي پر سائين جمن دربدر اڄ به انهن عاشقن جي لسٽ ۾ نيارو بيٺو آهي.
سائين جي ايم سيد جي سن يونيورسٽيءَ ۾ اچي پنهنجن سڀني مسئلن جو حل ڪڍڻ کان پوءِ سائين جي ايم سيد جي مسئلي جو حل ڪڍڻ وارو ماڻهو به سائين جمن دربدر هو.
جمن دربدر ايڏو وڏو ماڻهو هو جنهن تي گهڻو ڪجھه لکي سگهجي ٿو. هو هڪ غيرمعمولي شاعر هو، جنهن وٺ خيال ايڏا ته گهڻا آهن، جو وطن جي آزادي ڏانهن ڏسي ٿو ته اسان سڀني کي بي نياز ڪريو ڇڏي. توڙي جو اڄ جديد سنڌي ادب ۾ شيخ اياز چنڊ جيان بيٺو آهي. شيخ اياز کي سنڌ جي قومي تراني جي ليکڪ هجڻ جو به شرف حاصل آهي پر شيخ اياز کان پوءِ قومي سياست جي راهه ۾ قومي تراني جي سطح جيتري شيءِ اسان کي جمن دربدر جهڙو غيرمعمولي شاعر ٿو ڏي. جنهن اڳئين ڪڏهن شاعريءَ ۾ ڪي به ڪتاب ڪارا ناهن ڪيا، ڪنهن به مشاعري ۾ نظم ناهن پڙهيا، جو نقاد اسٽيج تي لهڻ کان پوءِ ان تي نقطه چيني ڪري چيڇ وٺي اصلاح ڪَنس پر جمن دربدر جنهن ڏينهن پنهنجو پوتڙو ڇنڊي خيال جي کيتر ۾ نڪتو ته سائين جي ايم سيد جهڙي شخصيت جو مسئلو به حل ڪري وڌو. مان سمجهان ٿو هزارين مشاعرن ۾ مليل واه واه جي ڀيٽائن کان وڌيڪ اها ڪچهري ڪمال جي آهي جنهن ۾ شاعري ٻُڌڻ کان پوءِ هڪ غير معمولي شخصيت جي دانهن نڪري وڃي. اڄ به سنڌ جو نوجوان وٺي هر هر جنم وربو کي عشق جي اهڃاڻ ۽ قومي تراني جي نعم البدل جيتري موٽ ڏئي روحل واءِ جي مٽيءَ جي اُن اَڻ موٽ عاشق جي چيل لفظن کي پنهنجي لبڙن سان لهرائين ٿا.
هو پنهنجي طبيعت ۾ سادو ۽ درويش صفت انسان هو. جنهن وٽ اير نه ڦير. سٻاجهڙو محبتون ورهائڻ وارو جنهن جي قلندر صفت مزاج سائين جمن دربدر کي آريسر صاحب جي سنگت جو هڪ اهم ماڻهو بڻائي ڇڏيو هو. آريسر صاحب جمن دربدر سان جر جهنگ جهاڳيو هو.
جنهن جي ذهن ۾ زر تي هرکجڻ واري ڪا حس ئي نه هئي. بي نيازي ۽ خودداريءَ جي انتها کي ڇهندڙ هيءَ شخصيت نظرياتي طور ڪيڏي نه اڏول ٿي بيٺي رهي.
سياسي طور توڙي جو هو مارڪس، لينن ۽ جديد ادب جي تور ماپ کان آجو هو پر هو سنڌ جي آزاديءَ جي فلسفي کي مضبوطيءَ سان جهليو بيٺو هو. هو سراپا سنڌ هو، پنهنجي شبيهه ۾ سنڌ جهڙو ئي نج سنڌ جي فطري موسمن ۾ پليو. توڙي جو هو روحل واءِ جي لورين ۾ پاڻ پچائي وڻ جي ڇانءَ ۾ اونهارو ڪاٽيندو هو پر اندر جي ٿڌڪار جنهن ۾ سنڌ جي لوڪ ڏاهپ جي خودداري ۽ وڏائپ هئي سا لولين جي گفتار جهڙي هئي جو سنڌ جو نوجوان پنڌ ڪري روحل واءِ ڪچهريون ڪرڻ ويندا هئا.
ماما جمن، حاجي ساند ۽ حليم باغي جي ٽڪنڊي تي اڄ جي نوجوانن جي ترجماني جو هڪ پورو دور بيٺل آهي. سو سنڌ جي تاريخ جي صفحن هڪ خوبصورت باب جيان رهڻو آهي.
انسان پنهنجي زندگيءَ جي وجودي بحران کي ڪنهن نه ڪنهن نظرياتي پيچرن ۾ پوئين سڄي زندگي ان سهاري گهاري ڇڏيندو آهي. جٽادار نظريا ئي فردن جي داخلي بحرانن کي ڀري سگهندا آهن. محرومين جو خال ڀري سگهندا آهن. هو سڄي زندگيءَ جي ايم سيد جو پوئلڳ رهي ايڏو ته اطمينان بخش رهيو جو چڱا ڀلا اُٺ ڪتابن جا پڙهيل لکيل وڃي مُنهن ڀر ڪريا. ان نظرياتي مالي خوليا تي اياز جڳ مڙئي سپنو ۾ ڪيڏو نه ڪمال لکيو آهي.
“(جهمپير) سٺ جي ڏهاڪي جي هڪ رات، رات جو اسان ماني کائي سمهي پياسين. علي الصبح جو چئين بجي هن مون کي ننڊ مان ڌونڌاڙي اٿاريو ۽ چيائين ته “امرت ويلو آهي، اٿي ته نيرو پيون!” پوءِ هو ۽ هن جا ساٿي کجين تي چڙهي ڪيئي مٽڪا نيري جا لاهي آيا ۽ نيرو ائين ڳيت سان پيئڻ لڳا ڄڻ هومر جي “آڊيسي” جا ڪجهه ڪردار هئا. مون به هنن سان ساٿ نڀايو. اڃان باک مس ڦُٽي هئي ته سواءِ منهنجي، اسان مان هر هڪ ٻه ٻه مٽڪا پي ويو هو. مان نئون پياڪ هوس، ان ڪري مون گهٽ پيتو هو پر تڏهن به مون کي ڪافي خمار چڙهيا هُئا. اوچتو مون ڏٺو ته ڪامريڊ سامهون کجيءَ سان مٿو ٽڪرائي رهيو هو. مان اٿي هن ڏانهن ويس. هو بار بار چئي رهيو هو، “آخر هي چيني ۽ روسي پاڻ ۾ وڙهن ڇو ٿا؟” هر ڀيري هن اهو چئي کجيءَ جي ٿُڙ سان مٿو ٿي ٽڪرايو ۽ هن جي نرڙ مان ٻه ٽي رت جا ڦُڙا نيري وانگر کجيءَ جي ڇوڏن تان ٽپڪڻ ٿي لڳا. مون هن کي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، “ڪامريڊ! خروشيف مائوءَ سان نٿو وڙهي. دراصل اسٽالن موت کان پوءِ به روسي ذهن تي ائين ڇانيل آهي، جيئن مائوءَ هن وقت چيني ذهن تي ڇانيل آهي. خروشيف مائوءَ جو بت ڊاهي ڄڻ ته اسٽالن جو بت ڊاهي رهيو آهي.” پر ڪامريڊ مون کي ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري وري کجيءَ سان مٿو ٽڪرائي چيو، “ڌرتي ماءُ، هي روسي ۽ چيني پاڻ ۾ وڙهن ڇو ٿا!”
“ڪجهه وقت کان پوءِ اسان ناشتو ڪري سمهي پياسين ته گهري ننڊ اچي وئي. منجهند جو جڏهن جاڳ ٿي تڏهن مون ڏٺو ته ڪامريڊ جي نرڙ تي سڪل رت ڦڙا ڪارن موتين وانگر لڳي رهيا هئا. هن ٿوري دير کان مون کي چتائي ڏٺو ۽ پوءِ اٿي پنهنجي گهر ويو ۽ اتان هڪ ڪتاب کڻي آيو. جو “ڊان وهي رهي آهي” جو اردو ۾ ڪيل ترجمو هو….پوءِ هن مون کي چيو، “ڪامريڊ! تو صبح جو ائين سمجهيو هو ته مان نشي ۾ آهيان ۽ ان ڪري کجيءَ سان مٿو ٽڪرائي رهيو آهيان. ڏس! هي شولوخوف ڇا لکيو آهي.” …مون ڪامريڊ کي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، “انهي ڪتاب کي لکئي گهڻا سال ٿيا؟”
ڪامريڊ پنهنجو مٿو کٽ جي پائي سان ٽڪرائي چيو، “گهڻا سال ٿيا؟ اهو نه ٿو پڇين ته مون گهڻا سال انهيءَ نظرئي ۾ اعتبار ڪيو آهي؟ هن وقت مان پنجاهه سالن جو آهيان…” ڪامريڊ وري کٽ جي پائي سان مٿو ٽڪرائي چيو، “هو مون کان منهنجي زندگيءَ جا پنجويهه سال ٺڳي ويا، پنجويهه سال ٺڳي ويا، پنجويهه سال ٺڳي ويا. ” ڪامريڊ جي اکين مان لڙڪ تاڙيءَ جي ڦڙن وانگر ٽپڪڻ لڳا (شيخ اياز)
پنهنجي نظرياتي اڏولتائن ۾ آسمان کي ڇُهندڙ سن يونيورسٽيءَ ۾ دربدريءَ سان گڏ آزادي جهڙي عظيم موضوع جي ڊگري يافته ماما جمن جي عظمتن کي ڪروڙين سلام.