ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لانگ مارچ يا رانگ مارچ

Editorial-Article-Ajaz Mangi

آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پريس ڪانفرنس کان پوءِ پاڪستان جي سياست ڪهڙو موڙ وٺندي؟ ان باري ۾ هن مهل ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي.
ڇا اها تاريخي ۽ طوفاني پريس ڪانفرنس عمران خان جي ان لانگ مارچ جي آڏو رڪاوٽ ثابت ٿيندي؟ جيڪو جمعي جي ڏينهن يعني سڀاڻي لاهور کان شروع ٿيندو، ان ۾ اهڙو آخر ڇاهي جو وفاقي حڪومت ”ڪانپين ٽانگ رهي هين“ جو عڪس بڻجي وئي آهي! اڃان ته لانگ مارچ ۾ وقت پيو آهي. پر هاڻي کان گوليون هلڻ، لاش ڪرڻ، مارشل لا لڳڻ جا افواهه ۽ انديشا هوا ۾ ڳجهن وانگر لامارا ڏيڻ لڳا آهن. جڏهن ته فوجي ترجمان جي ڪالهوڪي پريس ڪانفرنس کان پوءِ آمريت اچڻ جا امڪان بحث جو موضوع نه بڻجڻ گهرجن.
ميان نواز شريف ٽوئيٽ ڪيو آهي ته ”عمران خان ڪنهن انقلاب جي ڪارڻ لانگ مارچ نه پيو ڪري. هو پنهنجي مرضيءَ جو آرمي چيف لڳرائڻ چاهي ٿو“ ڇا اهو لانگ مارچ ايترو شديد هوندو جو ان جا اثر حڪومت ته ڇا پر اسٽيبلشمينٽ جي مٿان به پوندا؟
فيصل واڊا جهڙي ڊراماباز شخص آخر ڪنهن جي چرچ تي پارٽي ڊسيپلين ۽ پنهنجي سياسي مستقبل کي ڀڃي ڀوري اها پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، جنهن کي سرڪار پي ٽي وي تي به پيش ڪيو آهي ۽ ان جو نوٽيس نواز شريف به ورتو آهي. هن مهل پوري سوشل ميڊيا ان شور سان ڀري پئي آهي ته نه معلوم ڪهڙو قهر ٿيڻ وارو آهي؟
هن ملڪ ۾ ڪنهن پارٽيءَ جو اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي. پوءِ آخر ايترو خوف ۽ هراس ڇا لاءِ ڦهلايو پيو وڃي؟ ڇا ٿيو آهي؟ ان سوال کان اهم سوال اهو آهي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ ڇا هڪ وڏو واقعو عمل ۾ اچي رهيو آهي؟ هن لانگ مارچ کان اڳ ۾ به عمران خان لانگ مارچ ڪري چڪو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته گذريل لانگ مارچ راڻا ثناءُالله جي سختيءَ سبب شارٽ مارچ بڻجي وئي هئي. جڏهن ته هاڻي لانگ مارچ مختلف صورتحال ۾ ٿي رهي آهي. هن ڀيري پنجاب جي حڪومت مسلم ليگ ن جي ناهي. ان ڪري لانگ مارچ ڪرڻ وارن جي مٿان پنجاب پوليس جا ڏنڊا ۽ ڳوڙها گيس جا شيل نه وسندا. هن ڀيري پنجاب پوليس لانگ مارچ ڪندڙن جي سهولت ڪار ٿيندي. جڏهن ته وفاق وٽ اسلام آباد ۾ ايتري پوليس ئي ناهي جو اها لانگ مارچ ڪندڙ ماڻهن کي منهن ڏئي سگهي. ان جي نتيجي ۾ وفاقي حڪومت جي لاءِ مشڪل صورتحال ته ضرور پيش ٿيندي. جڏهن ته لانگ مارچ سان مهاڏو اٽڪائڻ جي لاءِ سنڌ مان هڪ هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار گهرايا ويا آهن. جڏهن ته هڪ صوبي ۾ ٻئي صوبي جي پوليس ڪيتري ڪارگر ٿي سگهندي؟ اهو خود هڪ سوال آهي. عمران خان حڪومت جي لاءِ اها مشڪل ضرور پيدا ڪري وڌي آهي ته هو نه ته پنجاب مان ۽ نه خيبر پختونخوا مان فورس گهرائي لانگ مارچ کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي.
هن وقت وفاقي حڪومت اسلام آباد تائين محدود ٿي وئي آهي. ڇو ته اها پنڊيءَ ۾ به ڪا رڪاوٽ کڙي ڪري نه ٿي سگهي. پنڊي توڙي مريءَ ۾ پنجاب حڪومت آهي. اها حڪومت عمران خان جي آهي. ان حوالي سان اهو به چئي سگهجي ٿو ته هن مهل ٻه صوبا مخالف ڌر سان ملي وفاقي حڪومت خلاف عملي طور تي ميدان ۾ لٿا آهن. ان صورتحال ۾ ڇا ٿيندو؟ ان صورتحال ۾ اهوئي ٿيندو ته عمران خان بنا روڪ ٽوڪ جي اسلام آباد ۾ داخل ٿي ويندو ۽ هن کي اسلام آباد مان ڪڍڻ به وفاقي حڪومت جي وس ۾ نه هوندو. ان سلسلي ۾ صرف هڪ صورت مختلف ٿي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن ان صورت کي عمل ۾ آندو ويو ته پوءِ يقيني طور تي پاڪستان لاءِ مشڪل ترين صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. اها صورت آهي، لانگ مارچ کي روڪڻ جي لاءِ فوج کي تحرڪ ۾ آڻڻ!

ملڪ جي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته لانگ مارچ کي روڪڻ جي لاءِ اڳيان ايف سي ۽ ان جي پويان فوج هوندي. جڏهن ته هن مهل تائين فوج ڪڏهن به احتجاجي عوام جي مٿان نه ڪڙڪي آهي. ڇو ته فوج نه چاهيندي آهي ته اها عوام سان ٽڪراءَ ۾ اچي ۽ خاص طور تي ان صورت ۾ جڏهن احتجاج ڪرڻ وارن جي اڪثريت جو تعلق پنجاب ۽ ڪي پي ڪي سان هجي. اسان کي اها ڳالهه فراموش نه ڪرڻ گهرجي ته فوج جو وڏو حصو انهن ٻن صوبن سان تعلق رکي ٿو. ان ڪري اهو ممڪن نه هوندو ته فوج پنهنجي ماڻهن جي مٿان سياسي مقصدن سبب تشدد ڪري. خاص طور تي ان وقت جڏهن فوج کي پنهنجي حوالي سان سوشل ميڊيا تي نشانو ٿيڻ جي ڪري تمام گهڻي تشويش آهي. فوج ڪڏهن به نه چاهيندي ته اها پي ڊي ايم حڪومت جي ڪري پنهنجي دامن مٿان داغ لڳائي. ڇو ته هن مهل تائين فوج اهڙي ڪنهن عمل ۾ ملوث ٿيڻ کان صاف انڪار ڪيو آهي، جنهن ۾ هن جو عوام سان سڌو ته ڇا پر اڻ سڌو به ٽڪراءُ ٿيندو هجي. فوج ته فوج آهي پر فوج پنهنجي اداري ايف سيءَ کي به عوام خلاف ايڪشن وٺڻ نه ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ اسان کي نه وسارڻ گهرجي ته جڏهن ٽي ايل پي احتجاجي مارچ ڪري رهي هئي، تڏهن حڪومت ايف سي کي ان جو رستو روڪڻ لاءِ چيو هو پر ايف سي ڪنهن به قسم جي سختي نه ڪئي هئي.
ملڪي ماضيءَ جي پس منظر ۾ هي لانگ مارچ تمام گهڻي مختلف صورتحال ۾ ٿي رهي آهي. ڇو ته ٻن ٽن هفتن ۾ ملڪ جو آرمي چيف تبديل ٿي رهيو آهي. عمران خان ڪنهن به طرح سان ڪنٽرول ۾ نه پيو اچي. هن مٿان حڪومت جا ٿيندڙ وار گسي رهيا آهن. هو پنهنجي پوري قوت سان اڳتي وڌي رهيو آهي. هن جي لانگ مارچ کي عدليا جي معرفت روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر عدليا به عمران خان کي لانگ مارچ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ هن مهل صرف فوج ئي آهي، جيڪا عمران خان جا اسلام آباد طرف وڌندڙ قدم روڪي سگهي ٿي. پر سوال اهو آهي ته فوج اهڙو عمل ڇو ڪندي؟ ڇا اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ سان ملڪ جي سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي؟ آخر اڳ ۾ به عمران خان ڊي چوڪ تي طويل مدت وارو ڌرڻو هڻي چڪو آهي. ان وقت ڇا ٿيو هو جو هاڻي ٿيندو؟ اسلام آباد ۽ پنڊيءَ وارن کي هر شام جو مفت ۾ مزا ملندا هئا. هن ڀيري به اهوئي ڪجهه ٿيندو. ڇو ته عمران خان ڪڏهن به اهڙو قدم نه کڻندو، جنهن سان هن جي سياسي ساک جي مٿان نه ڌوپي سگهڻ جهڙو داغ لڳي. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن طاهرالقادري جي ماڻهن پي ٽي وي ۾ گهڙي ٽوڙڦوڙ ڪئي هئي ته عمران خان اهڙي عمل کي ننديو هو. هن چيو هو ته اسان جو ڪو ماڻهو اهڙي عمل ۾ شريڪ نه ٿيو آهي. ساڳي طرح سان هن ڀيري به عمران خان اهڙو ڪو قدم نه کڻندو، جنهن سان هن جي سياسي ڪيريئر جي مٿان ڪو ڪارو نشان لڳي.
عمران خان ڪنهن به طرح سان مهم جو ماڻهو نه رهيو آهي. هو تمام گهڻي مزاحمت ڪرڻ وارو اڳواڻ آهي پر هن ڪو اهڙو ايڊوينچر نه ڪيو آهي، جنهن سبب هن کي غيرذميوار هجڻ جو الزام برداشت ڪرڻو پوي. جيڪڏهن هو ايڊوينچر پسند هجي ها ته هو اڳين ڀيري اسلام آباد مان ائين نه موٽي ها. هن جي قافلي جي ڪلهي تي ڪيترائي لاش هجن ها. جڏهن ته هن ڀيري اهڙو ڪو امڪان ناهي. ڇو ته پنجاب حڪومت نه هجڻ سبب وفاقي حڪومت بنهه بيوس ۽ لاچار آهي. جيڪڏهن پنجاب پوليس وفاقي حڪومت وٽ هجي ها ته هن مهل تائين لاهور کان اسلام آباد طرف ويندڙ ٻيئي رستا مڪمل طور تي سيل ٿي چڪا هجن ها. پر هن ڀيري ته لانگ مارچ جي راهه ۾ ڪو اسپيڊ بريڪر به ناهي. اهو پنهنجي مرضي واري رفتار سان بنا ڪنهن رڪاوٽ جي اسلام آباد ۾ داخل ٿي ويندو. ان سلسلي ۾ صرف فوج جو فيڪٽر ئي سڀ کان وڌيڪ اهميت وارو آهي. ڇو ته جيڪڏهن فوج اسلام آباد ۾ ڪنهن به احتجاجيءَ کي داخل ٿيڻ نه ڏيڻ جو ذمو کنيو ته اهو به هڪ وڏو واقعو هوندو.
عمران خان جي لانگ مارچ ۾ فوج جو ڪهڙو ڪردار هوندو؟ هن مهل تائين فوج طرفان ڪو اشارو نه مليو آهي ته اها عمران خان جي ڪارڪنن ۽ حامين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي. ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ته اها صورتحال بنهه ڪليئر ٿي وڃي ٿي. جڏهن انصاف جو ادارو هن معاملي ۾ حڪومت جي مفاد ۾ فيصلو نه ڏئي ته فوج اهڙو قدم ڪيئن کڻندي، جنهن سان ملڪي حالتون وڌيڪ انتشار طرف وڌن. خاص طور تي ان وقت جڏهن ملڪ جي مشهور صحافي ارشد شريف جو پراسرار حالتن ۾ خون ٿيو هجي ۽ ان جو بين الاقوامي سطح تي نوٽيس ورتو ويو هجي. هن وقت بظاهر حالتون عمران خان جي حق ۾ آهن ۽ حڪومت تمام گهڻي دٻاءَ هيٺ آهي. نواز شريف حڪومت کي پنهنجو چوندي به لفظ چٻي چٿي رهيو آهي. مريم نواز پنهنجو دامن ڇڏائي پرڏيهه پهچي چڪي آهي. سنڌ مڪمل طور تي پاڻيءَ هيٺ آهي. عالمي امداد جو اهو روپ ۽ رنگ هن مهل تائين پڌرو ٿي نه سگهيو آهي، جنهن جي حوالي سان هن حڪومت کي وڏي اميد هئي. حڪومت جي سياسي ساک توڙي سياسي سگهه اهڙي ناهي جو اها بحران ۾ ورتل ملڪ کي ان طرح سان سنڀالي سگهي، جنهن طرح سان پاڪستان کي هن مهل سنڀالڻ جي ضرورت آهي. ان صورتحال ۾ عمران خان جي لانگ مارچ اٺ جي پٺ تي آخري ڪاٺي رکڻ واري عمل جيان محسوس ٿي رهي آهي.
هن وقت حڪومت وٽ صرف هڪ راهه رهي ٿي ۽ اها آهي امن امان کي قائم رکڻ جي سلسلي ۾ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ! عمران خان کي گرفتار ڪرڻ سان ملڪ ۾ جيڪي احتجاجي حالتون جنم وٺنديون، انهن کي ڪير روڪي سگهندو؟ جيڪڏهن عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جيترو زور هن حڪومت جي ٻانهن ۾ هجي ها ته اها پنجاب ۾ هن مهل تائين گورنر راڄ لاڳو ڪري چڪي هجي ها ۽ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ سان ئي عمران خان پنهنجي لانگ مارچ جو فيصلو هيڏي هوڏي ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پوي ها. هن مهل تائين پنجاب ۾ گورنر راڄ لاڳو نه ٿيو آهي.
عمران خان جو لانگ مارچ ان مهل رانگ مارچ جي صورت نظر اچي ٿو، جنهن مهل ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ هن مٿان امين ۽ صادق نه هجڻ جي تهمت هڻي کيس ملڪ جي سڀ کان حساس اداري کي تڪراري بڻائڻ جو الزام هڻي رهي آهي. هن وقت تائين پاڪ فوج ڪنهن هڪ سياستدان متعلق خاص پريس ڪانفرنس نه ڪئي آهي. هاڻي جڏهن فوج عمران خان کي ٻين لفظن ۾ ملڪ جي لاءِ نامناسب سياستدان قرار ڏئي چڪي آهي ته ڇا ان جي باوجود به عمران خان جي لانگ مارچ اقتدار جي منزل ماڻي سگهي ٿي؟
پاڪستان جي تاريخ ۾ هي وقت نهايت حساس آهي. ايترو نازڪ مرحلو هن ملڪ جي زندگيءَ ۾ اڳ ڪڏهن نه آيو هو. ڪڏهن به نه!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button