ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مسافرن لاءِ غيرمحفوظ انڊس ھاءِ وي

Editorial-Article-Tariq Khoso

صوفي طارق علي کوسو

دنيا ايڪويھين صديءَ ۾ جنھن نموني سائنس جي ميدان ۾ داخل ٿي آھي، جھڙي نموني ترقي ماڻي رھي آھي، ان جو ماضي ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. سڌريل ملڪ سائنس ذريعي مختلف مشاھدا ۽ تجربا ڪري چنڊ ۽ مريخ کان پوءِ ٻين گرھن تي وڃڻ جون تياريون ڪري رھيا آھن. اھي تياريون اھي ئي ڪري سگھن ٿا جن پنھنجي ملڪن ۾ موجود ھر اداري کي مضبوط ۽ بااختيار بڻايو آھي. انھن ادارن کي ايترو بااختيار بڻايو آھي جو اھي پنھنجن ادارن جا بھترين فيصلا پاڻ آسانيءَ سان ڪري سگھن ٿا. انھن ادارن جي اندر ڪنھن طرفان ڪنھن به قسم جي مداخلت نه ھوندي آھي. اھو ڀلي ڪامورو، جاگيردار توڙي ايم پي اي، ايم اين اي ھجي يا ائين چئجي ته ملڪ جو صدر ھجي. اھا مداخلت انھيءَ ڪري ڪير نه ڪري سگھندو آھي ڇاڪاڻ ته اتي قانون جي سختي آھي. انھن سببن جي ڪري ڪوبه ماڻھو ڪنھن به اداري توڙي ماڻھوءَ جي ڪمن ۾ مداخلت نه ڪندو آھي. جيڪڏھن ڪنھن به فرد انھن ادارن جي اندر غير قانوني ڪم ڪيو ته انھيءَ جو جواب به قانوني طور ورتو ويندو آهي.
ڪنھن ملڪ ۾ جيڪڏھن غير قانوني ڪم ٿئي ٿو ته اتان جي حڪومت حرڪت ۾ ايندي آهي. جيڪڏھن حڪومت انھيءَ عمل کي روڪرائڻ ۾ ناڪام ويندي آھي ته پوءِ عوام کي اڳيان اچڻو پوندو آھي. جنھن لاءِ ھڪ مثال ڏيندس ته تازو جڏھن ترڪيءَ ۾ فوجين مارشل لا ھڻن پئي چاھي. انھن فوجين جمهوري حڪومتي ماڻھن کي مڪمل يرغمال ڪري مارشل لا لاڳو ڪرڻ پئي چاھيو ته ترڪيءَ جا ماڻھو فوجين سان مھاڏو اٽڪائي روڊن تي نڪري آيا. اهي جمھوري حڪومت جي گھرن سان گڏوگڏ فوجين جي ٽينڪن ۽ گاڏين ھيٺيان سمھي پيا. نيٺ انھن ٻئي ڏينھن صبح جو فوجين کي پنھنجي قابو ۾ آڻي ڇڏيو. جبر جي حڪومت ھنن نه پئي قبول ڪئي. انھن جو چوڻ ھو ته جيڪڏھن نئين حڪومت ٺاھڻي آھي ته انھيءَ جو فيصلو به عوام کي ڪرڻو پوندو.
ترقي يافته ملڪن ۾ ماڻھو توڙي ڪنھن اداري جو ڪامورو، جاگيردار توڙي ايم پي اي ۽ ايم اين اي ڪنھن به اداري جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندا آھن. ھر حڪومتي عملدار جا ڪم قانون موجب ورھايل ھوندا آھن.
مداخلتون ۽ دخل اندازيون فقط سنڌ جي معاملن ۾ ٿينديون آھن. ائين کڻي چئجي ته قانون ۾ اسان جي ڪامورن، جاگيردارن توڙي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز لاءِ به ڪم ورھايل آھن پر انھن جي سدائين ھر اداري اندر مداخلت ھوندي آھي. مثال طور جيڪڏھن ڪنھن به ترقياتي ڪم جو ٺيڪو نڪري ٿو ته ڪرسيءَ تي ويٺل سرڪاري عملدار اھو ئي چوندو آھي ته اھي ٺيڪا اسان کي يا اسان جي ويجھن مائٽن يا دوستن کي ملڻ گھرجن.
پوءِ انھن سببن جي ڪري اھي ڪم سدائين اڻ پورا رھجي ويندا آھن. سنڌ جي ترقياتي ڪمن لاءِ ڪروڙين ۽ اربين روپيا رکيا ٿا وڃن. انھن ڪمن جو جيڪڏھن سرسي جائزو وٺجي ته اھي پيسا صحيح نموني خرچ نه ٿيندا آھن. اھي ترقياتي ڪمن بدران ڪرپشن جي ور چڙھي ويندا آھن يا وري وقت سر ڪم نه ٿيڻ ڪري ليپس ٿي ويندا آهن. نتيجي ۾ جيڪي به عوامي ڀلائي واريون رٿائون آهن، انهن جو لاپ عوام کي ڪونه ملي سگهندو آهي. ھن سفارشي نظام ۾ حقيقي طور سنڌ ڌرتيءَ جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آھي. ھن وقت سنڌ توڙي پاڪستان جي ماڻھن لاءِ ھڪ سنگين مسئلو آھي، اھو انڊس ھاءِ وي روڊ آھي. انڊس ھاءِ وي جنھن کي دنيا جي خطرناڪ رستن ۾ شمار ڪيو ويندو آھي. انڊس ھاءِ وي سنگل روڊ ھجڻ ڪري ھر آئي ڏينهن ڪو نه ڪو حادثي جو واقعو پيش ٿيندو آھي. انڊس ھاءِ وي تي ھلڻ لاءِ عام رواجي طور اھي ڳالھايون مشھور آھن ته هتي موت جي سواري ڪرڻي آھي. انھيءَ روڊ تي ھر ماڻھو آس ۽ اميد لڳائي سفر ڪندو آھي. مسافرن کي اھا خبر نه ھوندي آھي ته هو خير سان پنهنجي منزل تي پهچندو يا اڇي ڪپڙي ۾ ويڙھجي پنھنجي ڳوٺ واپس ويندو.
انڊس ھاءِ وي جيڪو ڄامشوري، سيوھڻ کان ويندي لاڙڪاڻي تائين پکڙيل آھي، ڄامشوري کان مانجھند ۽ سيوھڻ وچ ۾ اڪثر حادثا پيش اچن ٿا. لاڙڪاڻي کان پوءِ انھن تڪن کي پ پ جو قلعو چيو وڃي ٿو.
سيوھڻ تان مراد علي شاهه ۽ مانجھند – ڪوٽڙي مان ملڪ اسد سڪندر چونڊون کٽيندا رهيا آهن. اهي ٻئي پ پ اڳواڻ سنڌ اسيمبلي ميمبر آھن. وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه به انھي تڪ جو آھي. پوءِ فقط ان معاملي کي نوٽيس تائين محدود ڇو رکيو ويٺو آھي؟
ڪوٽڙي ۽ مانجھند تعلقن جي ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر حادثن وارن معاملن تي ڪو واضح موقف ڪونه ڏنو آھي. ڇا ايم پي اي کي انڊس هاءِ وي حالت جي خبر نه آھي. ڊي سي ڄامشورو معاملي تي مڪمل خاموشي اختيار ڪري ويٺو آھي. ڪنھن حڪومتي ڌر جي ماڻھن مان انڊس ھاءِ وي (خوني روڊ) تي پيش ايندڙ حادثن تي ڪير ڳالھائي نه ٿو سگھي.
جيڪڏھن 6 آڪٽوبر 2022ع کان گذريل پنجن سالن جي حادثن جو ڪاٿو لڳايون ته انڊس ھاءِ وي روڊ مڪمل ڊبل نه ٿيڻ سبب سنڌ جي ھزارين ماڻهن جون جانيون ڳڙڪائي ويو آھي. ڪيترن ئي ماڻھن کي اپاهج ۽ ڪيترين ئي مائرن جون خوشيون، عورتن کان سندس جو سھاڳ ۽ والدين کان اولاد کسي ورتو آھي.
روڊ تي حادثا فقط ئي فقط قانون جي صحيح پاسداري نه ٿيڻ ڪري ٿين ٿا. گهڻو ڪري حڪومت کان انھيءَ معاملي تي اھو ٻڌڻ لاءِ مليو آهي ته وفاق پيسا نه ٿو ڏئي پر ھاڻي ته وفاق ۾ به پي ڊي ايم جي گڏيل حڪومت آھي. انھن جا اتحادي ويٺل آھن. ڪجھه وقت لاءِ اھو کڻي مڃي به وٺجي ته پيسا نه مليا آھن پر ماڻھن لاءِ محفوظ سفر جا انتظام ته ڪري ڏيو.
جن وڏين گاڏين جي تيز رفتاري سبب اڪثر حادثا پيش اچن ٿا، انھن گاڏين جو اتان اچڻ بند ڪيو وڃي. ھڪڙي پاسي اسان جي حڪمرانن وٽان اھي بيان ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا ته پيسا نه آھن جو روڊ جو ڪم مڪمل ڪرائي سگھجي پر ٻئي پاسي انھن وڏين گاڏين جي روڪٿام يا اتان انھن جي اچ وڃ بند ڪرڻ ته صوبائي حڪومت جي ھٿ وس آھي.
انھيءَ معاملي تي سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪندس ته انڊس ھاءِ وي تي روز جي معمول مطابق وڌندڙ حادثن بابت تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي وفاقي توڙي صوبائي حڪومت، تڪ جي ايم پي اي، ايم اين اي ۽ ڊي سي کان پڇاڻو ڪيو وڃي. ان کان سواءِ ان مسئلي تي ڪيتري حد تائين ايوان ۾ آواز بلند ڪيو ويو آھي؟ ڊي سي کان پڇاڻو ٿئي ته ڊي سي مٿي اختيارين کي ڪيترا خط لکيا آھن. انھيءَ معاملي تي ھن وقت سوشل ميڊيا تي نئين تحريڪ پئي ھلي. انڊس ھاءِ وي لاءِ انھن دوستن کي اھو چوڻ چاھيندس ته انھي تحريڪ کي ماٺ ٿيڻ نه ڏيو. جيئن اھا تحريڪ حڪومت کي بار بار انھي مسئلي طرف ڌيان ڇڪائي ۽ حڪومت سخت ايڪشن وٺي سدائين لاءِ اھو معاملو سدائين لاءِ حل ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button