مان جڏهن مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ داخل ٿيس ته ان وقت مون کي ٿورو گهڻو سياسي شعور اچڻ شروع ٿيو. جمهوريت ۽ مارشل لا ۾ فرق ڏسڻ شروع ڪيوسين ته واقعي جمھوري سرشتي ۾ لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي مڪمل آزادي آهي يا رڳو نالي ماتر جمھوريت آهي. هيءُ زمانو هو جولائي 1967 ۾ مسلم ڪاليج کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ داخلا وارو جنھن دوران جنرل ايوب خان ۽ جنرل يحيٰ خان جي حڪومتن جي خلاف شيخ مجيب الرحمان، مولانا ڀاشاني، عبدالولي خان، غوث بخش بزنجو، سردار عطا الله مينگل، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو ۽ ڪجهه وقت اندر ايوب خان جي حڪومت مان استعيفا ڏيئي، هڪ وڏو مخالف ليڊر بڻجي ويل ذوالفقار علي ڀٽو جي جلسن ۽ جلوسن ۾ وياسين. سندس ڪرشماتي شخصيت ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ فوجي جنتا خلاف تقريرن اسان جوان جماڻ شاگردن سان گڏوگڏ پوڙهن پڪن جو من به موھي ڇڏيو هو. جڏهن شيخ مجيب الرحمان جي اڪثريت کي قبول ڪرڻ بدران ڀٽو پاڻ جنرلن جو ساٿاري بڻجي بنگالي قوم خلاف سازش ڪئي ته ان وقت سندس واکاڻ ۾ ڪتاب “سيد ۽ ڀٽو” لکڻ وارو اسان جو استاد رسول بخش پليجو بنگالين جي حق ۾ مضمون لکي ڀٽي جي نندا ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته شڪارپور جي اشراف سياسي اڳواڻ آغا غلام نبي پٺاڻ 1970 واري اليڪشن کان اڳ ۾ انٽرڪانٽيننٽل ھوٽل ڪراچيءَ ۾ شيخ مجيب جي مان ۾ وڏي دعوت ڪئي ان ۾ پليجو صاحب ۽ شھيد فاضل راهو سان گڏ آئون به شريڪ ٿيو ھئس. شيخ مجيب الرحمان سنڌين ۽ بلوچ سياسي اڳواڻن کي پنجابين ۽ مھاجرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڀانئيندو ھو. سندس مرضي ھئي ته عوامي ليگ کان پوءِ مغربي پاڪستان جي وڏي اڪثريتي پيپلز پارٽي جي ليڊر کي نائب وزيراعظم مقرر ڪريان پر ڀٽو اقتدار ۾ ڪنھن جو ماتحت ٿيڻ لاءِ تيار نه هو ان ڪري ئي شيخ مجيب خلاف تڏهوڪي اسٽيبلشمينٽ سان سازش ۾ ڀائيوار ٿي ھن بنگالي عوام خلاف فوجي آپريشن ڪرائي ڇڏيو ۽ جنرل يحي خان جو ساٿ ڏيڻ لڳو. سندس جمھوريت دشمن سلوڪ جي ڪري نه رڳو سڀ کان صاف سٿري اليڪشن کٽيندڙ بنگالي عوام جو ڪوس ڪيو ويو پر جنرل يحيٰ مارچ 1970 ۾ ٿيل چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي اڪثريت کي اقتدار منتقل ڪرڻ بدران پاڻ آهڙو مست ٿي ويو جو ان وقت تائين تخت تان نه لٿو جيسين بنگلاديش قائم ٿيو. سورھين ڊسمبر 1971 ھندستان جي فوجي سپاهه سالار جنرل اروڙا آڏو پاڪستان جي اسي هزار فوجي آفيسرن ۽ سپاهين ھٿيار ڦوٽا ڪيا ۽ 21 ڊسمبر تي يحيٰ خان کي جنرل گل حسن جڏهن گرفتار ڪري نظربند ڪيو ته آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن جي حڪم تي اسٽيبلشمينٽ وارن اقتدار ڀٽو صاحب حوالي ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ اسان جنهن شئي کي جمهوريت سمجهي قبول ڪيو سا بدترين سويلين آمريت بڻجي باقي بچيل پاڪستان جي بنيادن کي کوکلو ڪندي رهي. اخباري مالڪن ۽ صحافين کان سواءِ سنڌي ڪتابن رسالن ۽ انهن جي ايڊيٽرن سان جيڪي ظلم ڪيا، انهن تي ھڪ ٻيو ڪتاب لکي سگهجي ٿو.
ان کان پوءِ جنرل ضيا الحق جي دور ۾ پڻ صحافت جي آزاديءَ کي جيلن،ڦٽڪن ۽ ٽارچر کان سواءِ ڪجهه نه مليو. پر اھا حقيقت واضح ڪري ڇڏيان ته صحافين ۽ ميڊيا جي مالڪن کي قتل ڪرائڻ جو ڪوبه ھانءُ ڏاريندڙ واقعو ڪجهه وقت بعد مارشل لا مڙھڻ واري جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ به نه ٿيو.
اچرج ۾ وجهندڙ حقيقت ھي آهي ته ميان نواز شريف، عمران خان ۽ آصف زرداري جي جمھوري راڄ ۾ صحافين ۽ سوشل ورڪرن جي اغوا ۽ قتل جا گهڻا واقعا ٿيندا رهيا آهن. پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جي دور ۾ نوشهري فيروز جو بھادر صحافي عزيز ميمڻ، سکر جو اجئي لالواڻي، سندس قتل جو مکيه شاهد ھريش ڪمار ۽ ڪراچيءَ ۾ ماحوليات دوست ڪارڪن ناظم جوکيو شهيد کي اھڙي ظالماڻي طريقي سان ماريو ويو جو سندن قاتلن جي دنيا جھان کي ڄاڻ هوندي به کين گرفتار ڪرڻ بجاءِ بچايو پيو وڃي
جيتوڻيڪ پاڪستان جي نامياري صحافي ۽ ٽي وي چينلز تي تجزيو ڪندڙ ارشد شھيد جي المناڪ قتل کان گهڻو اڳ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ھاڻوڪي لانگ مارچ يا آزادي مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو پر ارشد شريف جي شهادت جي نتيجي ۾ خدا جي خلق جيتري ڏکويل ٿي آهي، انهيءَ عوامي ھمدردي جو به عمران خان کي وڏو فائدو مليو آهي. نوجوان نسل جي پڙھندڙن جي ڄاڻ لاءِ اھا تاريخي حقيقت ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته لانگ مارچ جو اعلان ۽ عمل سڀ کان پهرين دنيا جي ھڪ عظيم سوشلسٽ رهبر ۽ انقلابي ڪامريڊ مائوزي تنگ 1945 ڌاري ڪيو ھو. اھو تمام وڏو سفر ھو چين جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين! سالن تائين جاري رهندڙ ڪروڙين مظلومن جو ھزارين ميلن وارو اھو ڊگهو جنگاڻ، ويڙهاند ۽ ڳڻپ کان ٻاهر جانيون قربان ڪرڻ وارو پيرين پنڌ سفر اڄڪلهه واري فيشني نموني سان سينگاريل ايئرڪنڊيشنڊ ڪنٽينر ۾ آرام سان ھفتي ڏيڍ جي سفر جيان نه ھو جنهن ۾ ليڊر سک سان ويٺل ھوندو آھي جڏھن ته رتوڇاڻ مھل عوام جو رت رستن ۽ گهٽين ۾ وھندو رهندو آهي. ڏکوئيندڙ سچ اهو آهي ته ھاڻوڪي ڇڪتاڻ فقط اقتدار خاطر ۽ سرمائيداري سرشتي کي بچائڻ ڪاڻ آهي. اصل لانگ مارچ ته اسان جي پاڙيسري ملڪ چين ۾ مارڪسوادي اڳواڻن ۽ سندن ساٿين، سندن مائرن ڀينرن ڪيو جنھن جي نتيجي طور 1948 ۾ چائنا مان نه رڳو انسان دشمن جاگيرداري سماج ختم ٿيو بلڪ ان جي جاءِ تي غريب ھارين جي اولاد جو برابري وارو عوامي راڄ قائم ٿيو مان ٻه ڀيرا چائنا ويو آهيان ۽ اتان جي سماجي ۽ معاشي نظام ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل کي اکين سان ڏٺو اٿم. ذري گهٽ سوا ارب انسانن جي ھن وطن ۾ ڪوبه شخص قرضي ناهي ڇاڪاڻ ته سوشلسٽ انقلاب جي نتيجي ۾ سامراجي مالياتي ادارن ۽ عوامي بئنڪن چين کي ڪڏهن به قرض نه ڏنو. نه ئي وري چيني قيادت اھڙي قرض جي مرض ۾ پنهنجي قوم کي ڦاسايو.
جڏهن ته اسان جي ملڪ تي جنهن به سياسي پارٽي جي قيادت يا مارشل لا مڙھڻ وارن جنرلن جي راڄ ۾ رڳو پرڏيهي قرضن تي نه پر ڏيهي بئنڪن تي به اڳوڻي وزير اعظم عمران خان سوڌو سمورن حڪمرانن نهايت ھٺ ڌرميءَ سان سدائين ڌاڙا هنيا آهن ۽ نسلن کي قرضدار ڪري ڇڏيو اٿن.
ھاڻي اچون ٿا لاھور کان جمعي ڏينهن شروع ٿيل تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ تي جيڪو اصل ۾ آهي ته بنھه شارٽ مارچ پر پاڪستان جي بدترين سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن ۾ بيروزگاري، مھانگائي، ڪرپشن ۽ پوليس توڙي ٻين طاقتور ادارن ھٿان ستايل ڪروڙين وطن واسين لاءِ ۽ خاص ڪري پنجاب ۽ خيبر پختون خواه جي ماڻهن جي نظر ۾ اميد جو ڪرڻو آهي. هاڻي سوال آهي ته عمران خان خلاف ٽي ڏينهن اڳ ۾ فوجي آفيسرن پاران جاري ڪيل چارج شيٽ جي باوجود لکين مائيون ۽ مرد، جوان ۽ پوڙها پڪا لاھوري ماڻهو پنهنجي اھڙي زبردست اڳواڻ کان آخر ڇو پري ٿي ويا آهن جنهن سڀ کان پهرين بينظير ڀٽو جو رستو روڪڻ خاطر اھو نعرو هڻي کين آٿت ڏني ته:
“جاڳ پنجابي جاڳ، تيري پڳ نون لگ گيا داغ” ڇو آخر سنڌ ۽ پنجاب جي سرحد کان وٺي ھماليه جبل جي دامن ۾ خوبصورت، سادن سودن گلگتي ۽ چترالي ماڻهن جي من کي موھي وڌو آهي عمران خان جي تازي بغاوت؟
انهيءَ سوال جو جواب مان پاڻ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان: “جيئن ئي پاڪستان جو ھندستان مان نازل ٿيل وزير اعظم لياقت علي خان ورھاڱي کان پوءِ اوچتو پاڪستان جو وزير اعظم ٿي ويو ته اوڀر بنگال کان وٺي ڪيٽي بندر تائين ان وقت جا ڌرتيءَ ڌڻي اچرج ۾ پئجي ويا ته لکين ھجرت ڪرڻ وارن سان گڏ ھجرت ڪري آيل ھڪ اوپرو شخص اسان جي وطن جو حاڪم ڪيئن ٿيو؟ ڇا ڪروڙين بنگالين، سنڌين، بلوچن ۾ ڪوبه مقامي سياسي رھنما نه آهي جيڪو ھڪ نئين آزاد ٿيل وطن جو حاڪم ٿي سگهي؟
ان کان پوءِ ھڪ سال اندر قائد اعظم محمد علي جناح جي وفات ٿئي ٿي ۽ ٽن سالن کان پوءِ وزير اعظم لياقت علي کي ان شهر ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو وڃي ٿو جتان ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس نياڻي بينظير جا لاش آيا. بھرحال لياقت علي خان جي قتل بعد پنهنجي اڪثريت جي ووٽ ذريعي بنگالي وزير اعظم خواجه ناظم الدين، حسين شهيد سھروردي، محمد علي بوگره ۽ ٻيا چونڊيل سياسي رھنما مھينن اندر ھٽائڻ واري آخر ڪھڙي طاقت هئي جنهن سمورا غير قانوني، غير آئيني ۽ غير اخلاقي فيصلا ڪروڙين وطن واسين تي پردي پويان ويٺي مڙھيا!
اھو جنرل ايوب خان ھو جنھن جي حد کان وڌيڪ خوشامد محمد علي جناح کي نه وڻندي هئي. جناح صاحب پنهنجي وفات کان اڳ حڪم ڏنو ته هن شخص کي ڪراچيءَ مان ڪڍي بنگال اماڻي ڇڏيو. ان زماني ۾ اسلام آباد نالي پاڪستان ۾ ڪو به شھر نه ھوندو ھو.
اھو ئي ڪارڻ آهي ته 14 آگسٽ 1947 تي پارٽيشن ٿيڻ شرط سنڌ جي گاديءَ واري شهر کي پاڪستان جي گادي ٺاهي، هتان سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ سان گڏوگڏ ھندو سنڌين کان نفرت ڪندڙ ۽ پاڪستان جي پيڙهه جو پٿر رکندڙن کي به ھڪالي ڪڍيو ويو ۽ سڀ ڪجهه وڃائي ھوش ۾ آيا ته سنڌ اسان جي ھٿن مان نڪري چڪي هئي.