ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

“پاڻيءَ مَنجهه پَساهه!!”

Editorial-Article- Irshad Leghari

سال 2022 آڪٽوبر جي 26هين تاريخ واري منجهند پاڻ کي هاڻ ان ڪري به سدا ياد رهندي، جو انهي تاريخ پاڻ کي هڪ ڀيرو ٻيهر اها مشھور مشاهداتي چوڻي ڄڻ کولي سمجهائي ته “چَرٻٽ راڄا جو راڄ” ڪيئن هوندو آهي!؟ اها تاريخ جنهن ۾ پاڻ کي ماحوليات تي تحقيق ڪندڙ اداري “پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار اڪئيٽيبل ڊيولپمينٽ (PRIED)” پاران سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ ٿرڪول رٿا سبب ٿر جي زميني پاڻي جي تباهي بابت جاري ڪيل هڪ تحقيقي رپورٽ ورڪشاپ ۾ شرڪت جو موقعو مليو. اهو رپورٽ ورڪشاپ جنهن ۾ جڳ مشهور تحقيقي ماهر ۽ سماجي اڳواڻ عارف حسن کان ويندي انساني حقن جي مشهور اڳواڻ محترمه انيس هارون تائين ۽ ماحولياتي رپورٽ سان لاڳاپيل تحقيقي اداري PRIED جي نمائندگي ڪندڙ اظهر لاشاري کان ويندي ٿرڪول بلاڪ ٽُو ۽ وَن جي متاثر ڳوٺن جا نوجوان نمائندا ڪارڪن توڙي اڳواڻ موجود هئا، تنهن رپورٽ ورڪشاپ جي نتيجن موجب ته ٿر ڄڻ ڏينهون ڏينهن هٿن مان وڃي پيو.
واضح رهي ته ان تقريب ۾ توانائي جي شعبي سان لاڳاپيل ايڊيشنل سيڪريٽري کان ويندي ڊائريڪٽر سطح جا اهي سرڪاري نمائنده پڻ شامل هئا، جن جي ڇسائي جي حد اها هئي جو هو چئي رهيا هئا ته ڪير ٿو چوي گوڙاڻي ڊيم سبب ٿر ۾ تباهي آئي آهي!! سندن چوڻ موجب گوڙاڻو ڊيم ته هاڻ هڪ تفريحي ۽ معاشي اُپت وارو ماڳ بڻجي چڪو آهي. جتي وڏي تعداد ۾ مڇي مري ٿي، پکي لهن ٿا ۽ توھين اُتي بوٽنگ مان پڻ لطف وٺي سگهو ٿا. اهي سڀ ڳالهيون توانائي شعبي جو اهو هڪ اوپرو ڊائريڪٽر ڪري رهيو هو، جنهن چيو پئي ته هو پاڻ گوڙاڻي ڊيم جا اهي سڀ رنگ بوٽنگ ڪري ڏسي آيو آهي. هاڻ انهي سرڪاري موقف مان ئي پاڻ سمجهي ٿا سگهون ته هتان جا حڪمران ترقي ڇا کي ٿا سمجهن!؟ انهن نِرڄن حڪمرانن ۽ سندن عملدارن کي گوڙاڻي ڊيم جي نتيجي ۾ اهي اڻ ڳڻيا مِٺا کوھه ياد نٿا اچن، جيڪي ڊيم جي زهريلي پاڻ سبب هاڻ ڪڙا زهر بڻجي چڪا آهن. انهن عملدارن کي اها تباهي به نظر نٿي اچي، جنهن ۾ 1500 سئو ايڪڙن تي پکڙيل ان ڊيم سوين ڪنڊيون ۽ روهيڙي جهڙا سونا وڻ ساڙي ڇڏيا. انهن کي گوڙاڻي ڊيم جي اها تباهي به نظر نٿي اچي، جنهن ۾ ڊيم جي آسپاس پيدا ٿيل چِڪڻ ۾ اتان جي مارو لوڪ جون ڍڳيون، ڏاچيون توڙي رڍون ٻڪريون ڦاسي مرنديون رهيون آهن. بس انهن کي جيڪڏهن ياد آهي ته اها بوٽنگ، جنهن ۾ جديد موٽر بوٽس تي چڙهي هو مارئي جي وطن جو شڪار ڪري موٽيا هئا. سچ پڇو ته پاڻ ان تحقيقي رپورٽ ورڪشاپ کان پوءِ لڳاتار پِڄري رهيا آهيون. ڇاڪاڻ ته ان ورڪشاپ ۾ سرڪاري عملدارن جي موقف مان اهو واضح نياپو ملي رهيو هو ته حڪمرانن کي اسان جي نسلن جي زندگين سان ڪوبه سروڪار ناهي. انهن کي هر صورت ۾ اهو ڪوئلو گهرجي، جنهن جي کوٽائي ٿر لاءِ قاتل زهر ثابت ٿي رهي آهي.
بهرحال اول اچو ته ٿورو مختصر طور اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته ٿرڪول رٿا وارو معاملو آهي ڇا؟ اصل ۾ پاڪستان اندر توانائي جي سمورن وسيلن مان پيدا ٿيندڙ بجلي جو تيرنهن سيڪڙو ڪوئلي مان پيدا ڪيو ويندو آهي ۽ دنيا ۾ ڪوئلي جي سمورن وڏن ذخيرن مان ٿر جو ڪوئلو ڇهين نمبر تي آهي. جنهن ۾ هن وقت مقامي حڪمرانن ۽ عالمي سرمائيدار ڪمپنين جون اکيون کتل آهن. ٿر جي ڪوئلي وارو ذخيرو جنهن جو اندازو هڪ سئو ڇهاسي ارب ٽن ٻڌايو وڃي ٿو، تنهن مان هڪ سئو ڇاهتر ارب ٽن هڪ ئي ڳتيل جُوءِ ۾ موجود آهي ۽ اهڙي ريت 900 چئورس ڪلوميٽر تي پکڙيل ان سموري ڪول ايريا ۾ ڪل تيرنهن بلاڪ جُڙڻا آهن، جن مان بلاڪ وَن ۽ ٽُو ڪم ڪرڻ شروع ٿي ويا آهن. پاڻ هن وقت جيڪي تباهيون ڀوڳي رهيا آهيون، سي ته فقط ٻن بلاڪن جي شروعات جون تباهيون آهن. جڏهن تيرنهن ئي بلاڪ ڪم ڪرڻ لڳا ته ٿر ۾ باقي ڇا بچندو؟ پر عالمي سرمائيدار ڪمپنين ۽ سندن جوڙيوال ڪوتاھه نظر مقامي حڪمرانن کي ان سموري بربادي جي ڪهڙي پرواهه؟ انهن جي نظر ته انهن مفادن ۾ آهي، جنهن لاءِ هو ٻه سئو سالن تائين ٿر جي ڪوئلي مان 100,000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري کپائڻ جون اهي رٿائون رِٿين ٿا، جن رٿائن ۾ هو هينئر کان ئي پنهنجيون ٽِجوڙيون ڀري رهيا آهن ۽ اسان جي هزارين سالن جي تهذيب اجڙي رهي آهي.
واضح ڪندا هلون ته ڪوئلي واري رٿا جي تباهي جا هونئن ته ڪيترائي پاسا آهن پر پنهنجو اڄوڪو موضوع ان رٿا سبب ٿر جي زميني پاڻي جي تباهي آهي. ٿر جيڪو آهي ئي ابر آسري، تنهن ۾ جيڪا زمين اندر ٿوري گھڻي پاڻي لپ موجود آهي، سا لپ به جيڪڏهن ٿرڪول واري ارڙ بلا ڳيهي وئي ته ٿر ۾ زندگي جا ڪيترا امڪان بچندا؟ بهرحال اچو ته اول اهو ڏسون ته ٿرڪول رٿا وارا ٿر جي زميني پاڻي کي ڪيئن گندو ڪري رهيا آهن ۽ پاڻ پنهنجي ٿر کي ڪيئن بچائي سگهون ٿا.
ٿئي هيئن پيو جو ڪول ڪمپنيون ٿر جي پاڻي کي ٽن پاسن کان تباھه ڪري رهيون آهن. جنهن ۾ هڪڙو پاسو کاڻين جي اها کوٽائي آهي، جنهن دوران زمين جي بلڪل هيٺئين تهه مان پاڻي کنيو ويندو آهي، جنهن سان ٿر جا اهي کوھه، جيڪي اتان جي انساني آبادي توڙي مال متاع لاءِ پاڻي جو واحد وسيلو آهن، سي سُڪي رهيا آهن. ٻي تباهي اهي ري انجيڪشن پلانٽ ڪري رهيا آهن، جن وسيلي پاڻي استعمال ۾ اچڻ کان پوءِ ٻيهر زمين ۾ مشيني طريقي سان داخل ڪيو ويندو آهي. اهڙي ري انجيڪشن پلانٽ جي پيڙا وڃي ڪو ميگهي جي تڙ وارن کان پڇي، جتي اهو پلانٽ هنيو ويو آهي. ميگهي جي تڙ جا اهي رهواسي، جن کي هر وقت ڪول اختياريون مختلف دٻائن وسيلي ايترو ته سوگھو ڪيو هلن، جو ان تڙ جا ڳوٺاڻا ڪنهن سان ڪُڇي به نٿا سگهن. پاڻي کي زمين ۾ مشيني انداز ۾ ٻيهر داخل ڪرڻ جا هاڃيڪار نتيجا جيڪي ماهر ٻڌائين ٿا تن ۾ زلزلا به اچي سگهن ٿا. ڇو ته ان غيرفطري ۽ ماحول دشمن طريقي سان زمين ۾ ٻيهر پاڻي وڏي زورائتي انداز ۾ داخل ٿيندو آهي، جيڪو زمين هيٺ جاري پاڻي جي قدرتي ڌارائن جو رُخ موڙي ٿو ۽ ٻيو ته پاڻي جا اهي قدرتي ذخيرا گدلا ۽ زهريلا به ٿيو وڃن.
ٽين تباهي ڪوئلي جي گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ جوڙيل اهي ڊيم ڪري رهيا آهن، جن مان گوڙاڻي جي تباهي کان ته سڄو جڳ جهان واقف ٿي چڪو آهي پر حالت اها آهي جو گوڙاڻي وارن سان انصاف رهيو پنهنجي جاءِ تي، الٽو اڳيان هاڻ گوڙاڻي کان ڏھه ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ڌُڪڙڇي واري اها حسين ٿر جي وادي به تباھه ڪئي پئي وڃي، جنهن وادي جو زميني پاڻي پڻ گوڙاڻي وانگر مٺو آهي. ڌُڪَڙڇو، جيڪو اسان جي اتهاس جي بهادر نُک ڀيل ذات جو اڪثريتي ڳوٺ آهي. جتي ٻيرين جا باغ آهن، ڌُڪڙڇي جي اها سڀاڳي ڌرتي، جتي جا مقامي ماڻهو ٻڌائين ٿا ته جيڪڏھن وٽن پاڻي جا وسيلا هجن ته ڌُڪڙڇي جي زمين ۾ ڪڻڪ ۽ ڀاڄيون به ڀليون ٿي سگهن ٿيون. پر هاڻ اها سموري زمين ڪوئلي جي زهريلي پاڻي سان ڀرجي ويندي. ۽ وري ڪو توانائي شعبي جو عملدار اسان کي ٻُڌائي رهيو هوندو ته اتي بوٽنگ ڪري سگهجي ٿي ۽ مڇيون ماري ٿيون سگهجن!!
۽ ها ان سان گڏ اسان جي مارو لوڪ کي جيڪا وڌيڪ ناانصافي اداس ڪري ڇڏي ٿي، سا فرش مکي ريگيوليٽر وٽان نڪرندڙ اها شاخ آهي، جنهن ۾ ٻه سئو ڪيوسڪ پاڻي ٻارهو ئي وهائي نبي سر وٽ جوڙيل هڪ وڏي ڊيم ۾ گڏ ڪري، اتان پائپ لائينن وسيلي ڪول پلانٽن تائين پهچايو پيو وڃي پر اهڙي شاخ اڄ ڏينهن تائين ٿر جي اڃايل آبادي لاءِ پنجهتر سالن ۾ وهائڻ جو نه سوچيو ويو ته جيئن مارو لوڪ مٺو پاڻي پي سگهي ها.
سو اها آهي ٿرڪول جي اها ترقي جنهن ۾ پاڻي جي تباهي جو هي هڪڙو پاسو پاڻ ذڪر هيٺ آندو آهي. اهو پاڻي، جنهن ۾ ٿر جي مارو لوڪ جو پساهه آهي، سو جڏھن زهريلو ٿي ويو ته پوءِ پساهه به ڄڻ پورو ٿيو. تنھن ڪري ٿر جي نوجوانن کي ان پاسي خاص ڌيان ڏيئي، پنهنجي قانوني، انساني ۽ ماحولياتي حق لاءِ اڳيان اچي جدوجهد ڪرڻ گهرجي ته جيئن پاڻ پنهنجو پاڻي ۾ پساهه بچائي سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button