ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياست ۽ حڪمران طبقو

Editorial-Article- Yameen Jatoi

سياست سماجي زندگيءَ جو هڪ مخصوص دائرو آهي، جيڪا طبقن ۽ قومن سميت مختلف سماجي تهن وچ ۾، موجود تعلق کي اظهاري ٿي. پر ان جو بنيادي فريضو رياستي اقتدار کي فتح ڪرڻ ۽ فتحيابيءَ کان پوءِ، ان کي برقرار رکڻ هوندو آهي. سياست جو ڳر عمومي طور سماج ۽ خصوصي طور رياستي اقتدار جي تنظيم ڪاري آهي. يعني سياست معنيٰ، سماجي تنظيم سان گڏ رياستي معاملن ۾ شموليت، رياست جي رخ کي متعين ڪرڻ، رياستي سرگرميءَ جي ماهيت، فريضن ۽ شڪلين جي وضاحت ڪرڻ هوندو آهي. آخري تجزئي ۾، سياست جو ڳر هميشه طبقاتي مفادن وسيلي متعين ٿئي ٿو. ڪو به سماجي مسئلو، جيڪڏهن ان جو نبيرو اقتدار جي سوال يا طبقاتي مفادن سان سڌيءَ يا اڻسڌيءَ طرح تعلق رکي ٿو، سياسي رخ وٺي ٿو. صحت هجي يا تعليم، پورهيت طبقي ۽ محنت ڪش عوام جي هر مسئلي جو حل اقتدار جي سوال ۽ طبقاتي مفادن سان تعلق رکي ٿو، تنهنڪري اهو سياسي آهي. اهو ئي سبب آهي، جو حڪمران طبقا هر وقت ان ڪوشش ۾ هوندا آهن ته، عوام کي پنهنجن طبقاتي مفادن جي حاصلات جي سلسلي ۾، سياسي لڙاين کان روڪجي ته، متان ڪٿي هو، انهن وسيلي رياستي اقتدار جون واڳون سنڀالي، سندن طبقاتي حڪمرانيءَ جو خاتمو نه آڻي ڇڏين. اهڙي نموني عوام ۾، غيرسياسي رويي جو لاڙو پيدا ڪرڻ لاءِ حڪمران طبقا پنهنجي نظرياتي پروپئگنڊا سميت مختلف هٿڪنڊا ۽ ٽول استعمال ڪندا آهن.
غير سياسي رويو دراصل اهو سماجي مظهر آهي، جيڪو سماجي زندگيءَ ۽ سياسي سرگرميءَ ڏانهن لاتعلقي واري عمل ۾ پاڻ کي اظهاري ٿو. غيرسياسي رويي جي جيڪڏهن درجابندي ڪجي ته، ان کي ٻن سطحن تي ورهائي سگهجي ٿو. ان جي پهرين سطح ۾، سماج جا اهي پٺتي پيل پرت اچي وڃن ٿا، جيڪي پنهنجي بدترين سماجي پسماندگيءَ جي پيشنظر ڪنهن به سياسي عمل جو حصو ٿيڻ کان رهجي وڃن ٿا، اهڙو غيرسياسي رويو بورجوا سماج جي پسمانده ۽ گهٽ طبقاتي شعور رکندڙ آباديءَ جي پرتن ۾ ملي ٿو. انهن مان به انفرادي سطح تي ڪي سياسي عمل جو حصو ٿي سگهن ٿا، پر جيئن ته، انهن جي اجتماعي طور سياست کان لاتعلقي منجهن غيرسياسي رويي جي واڌ ويجهه جي آبياري ڪري ٿي، تنهنڪري مجموعي طور انهن کي غيرسياسي رويي جي ڪيٽيگري ۾ آندو وڃي ٿو. پر ان سطح جي غير سياسي رويي جو مقابلو ڪرڻ، ان ڪري به آسان آهي، جو منجهن ٿورو به سياسي ڪم ڪرڻ سان کين سياسي عمل جو حصو بڻائي سگهجي ٿو.
اصل مسئلو ٻي ڪيٽيگريءَ جي غيرسياسي رويي جو آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ نسبتن ڏکيو پئي رهندو آيو آهي. اها ٻي ڪيٽيگري حڪمران طبقي جي منظم پروپئگنڊا سان تعلق رکي ٿي. تنهنڪري ان غيرسياسي رويي کي ڄاڻايل غيرسياسي رويي کان الڳ ڪري، ان جو ڇيد ڪرڻ جي به ضرورت آهي. ٻي سطح جو غيرسياسي رويو رجعتي ۽ قدامت پسند طبقن (سرمائيدار ۽ جاگيردار وغيره) جي نظرئيدانن جي شعوري پروپئگنڊا جو نتيجو هوندو آهي. انهن رجعت پسند ۽ قدامت پسند طبقن جي پوري ڪوشش هوندي آهي ته، هو پنهنجي نظريي جي طبقاتي ڳر کي لڪائين ۽ ان کي هڪ اهڙي نظريي طور پيش ڪن، جنهن مان بظاهر اهو ڀاسڻ لڳي ته، اهو نظريو سماج جي مجموعي مفادن جو ضامن نظريو آهي. ان سموري عمل جو اولين مقصد حاڪم طبقن جي بالادستيءَ کي مضبوط ڪرڻ ۽ پورهيت عوام کي پنهنجن طبقاتي مفادن جي جدوجهد کان پري رکڻ هوندو آهي. غيرسياسي رويي جي ان ڪيٽيگري، جيڪا حڪمران طبقي جي پروپئگنڊا جو نتيجو هوندي آهي، جون مختلف شڪليون ٿي سگهن ٿيون ۽ ٿينديون آهن. اهڙي نوعيت جو غيرسياسي رويو سڀ کان پهرين پنهنجي پاڻ کي “غيرطبقاتي” سياست جي متي ۾ اظهاريندو آهي، جڏهن ته “غيرجانبداري” قانون ۽ رياست جي طبقاتي ڪردار جي نفي ڪندي، انهن کي طبقن کان مٿانهين حيثيت ڏيڻ، “خالص” سائنس ۽ “فن براءِ فن” جا متا به دراصل غيرسياسي رويي جون ئي صورتون آهن.
حڪمران طبقا سماج اندر ان غيرسياسي رويي جي اوسر جي سلسلي ۾، مختلف ذريعا ۽ هٿيار استعمال ڪن ٿا ۽ انهن مڙني ذريعن مان بورجوا ميڊيا بنهه موثر ذريعو هوندي آهي، مثال طور پاڻ پاڪستان جي “قومي” ميڊيا جي ڪردار کي جيڪڏهن آڏو رکنداسين ته، اسان کي غيرسياسي رويي جي واڌ ويجهه جي عمل ۾، ان جي اثرائتي ڪردار جا کوڙ سارا مثال ملي پوندا. ٿوري دير لاءِ، اهو فرض ٿا ڪيون ته، پاڪستان اندر پنجاهه ٽي وي چئنل آهن. انهن مان 15 جي لڳ ڀڳ اوهان کي مذهبي چئنل ملندا ۽ انهن مذهبي ٽي وي چئنلن تي اوهان کي ڏينهن رات اها سخت قسم جي پروپئگنڊا ملندي ته، عوام جي معاشي، طبي ۽ نفسياتي مسئلن جو سمورو حل سماجي نه پر سماج کان “مٿانهان” بنياد رکي ٿو. فلاڻو فلاڻو ورد هيترا ڀيرا ڪرڻ سان اوهان جا مالي ۽ سماجي مسئلا “حل” ٿي ويندا. فلاڻو ورد هيترا ڀيرا ڪيو اوهان جي روزگار جا مسئلا حل ٿي ويندا، فلاڻو هيترو ورد ڪيو، اوهان جي فلاڻي بيماري ختم ٿي ويندي يا ماڻهو اڄ جيڪڏهن شديد نوعيت جي روحاني/ذهني ڪرب مان گذري ٿو ته، ان جو سبب سندس پنهنجا “بداعمال” آهن. يا انسان اڄ ان ڪري “ذليل ۽ خوار” آهي، جو هن فلاڻي رسيءَ کي پڪڙڻ ڇڏي ڏنو آهي، وغيره. اهي مذهبي چئنل اوهان کي اهو ڪڏهن به نه ٻڌائيندا ته، انهن سمورن سماجي مرضن جو سبب هن طبقاتي نظام جون اهي بڇڙايون آهن، جيڪي حڪمران طبقي جي استحصالي پاليسين جو منطقي نتيجو آهن، جن کي هو رياستي اقتدار تي قبضي ذريعي سڄي سماج تي “قانون” جي شڪل ۾ مڙهي ٿو ۽ پوءِ جيڪو ان “قانون” جي طبقاتي ڪردار کي وائکو ڪندي، سماج جي مظلوم تهن کي پروميٿيئس جيان سياسي شعور ڏيڻ لاءِ جدوجهد ٿو ڪري ته، ساڻس نذير عباسي شهيد جهڙو حشر ٿئي ٿو. ٿلهي ليکي مذهبي چئنلن تي ٿيندڙ پروپئگنڊا هڪ پاسي عوام کي سياسي عمل کان ڪٽي، منجهن غيرسياسي رويي کي اڀارڻ جو منظم هٿڪنڊو آهي ته، ٻئي طرف ان بنياد پرست ذهنيت لاءِ به خام مال فراهم ڪرڻ آهي. ساڳو حال وري نيوز چئنلن جو به آهي، (۽ اتي به وڏي پئماني تي مذهبي پروگرام هلن ٿا.) جيڪي سڄو ڏينهن رياست، قانون ۽ هن عوام دشمن نظام جي فرمانبرداريءَ جا درس ڏيندي ملندا. اهي چئنل هن سرمائيداراڻي نظام جي براين تي ٻڙڪ به ٻاهر نه ٿا ڪڍن! اهي چئنل اهو سچ اوهان کي ڪڏهن به نه ٻڌائيندا ته، معاشي ڏيوالي کان دهشتگرديءَ جي ناسور تائين هي جيڪو انتشار آهي، اهو مجموعي طور پاڪستان جي حڪمران طبقي ۽ ان جي سرمائيداراڻي نظام جي بحران جو نتيجو آهي، تنهنڪري ان بحران جو ڪردار به طبقاتي آهي. هي چئنل اهو اوهان کي ڪڏهن به نه ٻڌائيندا ته، ان سرمائيداراڻي نظام جو حل هڪ ٻيو معاشي ۽ سياسي نطام آهي. اهي چئنل اوهان کي چوويهه ڪلاڪ اهو منهن مٿو پٽيندي ملندا ته، هئه! ظلم ٿي ويو، ڪرپشن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. ڪرپشن کي ختم ڪيو، مسئلو ئي حل ٿي ويندو. پر اهو ڪڏهن به نه ٻڌائيندا ته، ڪرپشن سرمائيداريءَ جو ئي نتيجو آهي ۽ ان جو جياپو آهي، ان جي خاتمي کانسواءِ ڪرپشن جو خاتمو ممڪن ئي نه آهي. تنهنڪري انهن نيوز چئنلن جو به، بنيادي فريضو سماج کي غيرسياسي بڻائڻ آهي.
رهيل ڪسر وري “مصالحه” چئنل ذريعي پوري ڪئي وڃي ٿي، لذيذ کاڌا ڪيئن تيار ڪجن، منهن تي داغ ڌٻا آهن ته، انهن کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪهڙا نسخا ۽ جڙي ٻوٽيون استعمال ڪجن، هاڻي بس سماج لاءِ اهي موضوع وڃي بچيا آهن. حڪمران طبقا سڄي سماج جي منهن تي دانگي ملي ويٺا آهن، ان جي صفائيءَ لاءِ وٽن ڪي به نسخا نه آهن. سڄو سماج ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آهي، هليا آهن ان کي لذيذ کاڌا تيار ڪرڻ جون “تربيتون” ڏيڻ! سکڻي انٽرٽيمينٽ يا تفريح جي ذريعن جي ڀرمار، پورنوگرافي، فردي تسڪين، انفراديت پسنديءَ جي پروپئگنڊا، سهل پسندي، اجايون مادي آسائشون ۽ ڪنزيومر نفسيات به عوام کي پنهنجن بنيادي سياسي مسئلن کان پري رکڻ جي شعوري رٿابندي آهي. اهي سڀ حڪمران طبقي جي نظرياتي پروپئگنڊا جا ڪرشما آهن ته، عوام جو وڌ ۾ وڌ سياسي شعور مڏو ڪري، پنهنجن طبقاتي مفادن جي آسانيءَ سان پوئواري ڪجي.
بورجوا سماج ۽ حڪمران طبقي جي منظم پروپئگنڊا ذريعي پيدا ٿيل ان غيرسياسي رويي جي ابتڙ، پورهيت طبقي جي نجات جو نظريو مارڪسزم-ليننزم سياست جي طبقاتي ڪردار جو تعين ڪندي، سرمائيداريءَ ۽ ان جي سياست کي سمورين سماجي بيمارين جو ذميوار قرار ڏيئي ٿو. مارڪسزم-ليننزم غيرسياسي رويي جي برعڪس، هر فرد جي سماجي ذميواريءَ جي متي جا سائنسي بنياد فراهم ڪري ٿو. مارڪسزم-ليننزم رياست، قانون ۽ حڪمران طبقي جي نطرياتي پروپئگنڊا جي طبقاتي ڪردار کي وائکو ڪندي، نظريي (Ideology) جي مڙني شڪلين جي طبقاتي جوهر کي واضح ڪري ٿو. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾، اڄ پورهيت تحريڪ جون ڪي واضح نظرياتي ۽ سياسي شڪليون نه هئڻ جي ڪري، حڪمران طبقي لاءِ اهو اڃا به آسان ٿي پيو آهي ته، هو پنهنجي نظرياتي پروپئگنڊا کي پورهيت عوام جي ذهنن اندر لاهي، منجهن غيرسياسي رويي جي واڌ ويجهه ڪري. تنهنڪري اها اڄ انهن بيرحم سياسي حالتن جي ئي گهر آهي ته، هڪ انقلابي ڪميونسٽ ڪارڪن حڪمران طبقي جي ان پروپئگنڊا ۽ غيرسياسي رويي خلاف جدوجهد ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button