اسان وٽ ميڊيا ۾ اهم موضوع سياست تي بحث ڪرڻ جو رواج آهي. پر گهڻا چرچائي ڪالم نگار، ليکڪ ۽ ڪارٽونسٽ ان بحث ۾ وري چرچي ۽ لطيفي وارو پهلو ڳولي وٺندا آهن. گهڻا تجزيي نگار چون ٿا ته شيخ رشيد عام طور تي هر ڪابينا ۾ گيٽ نمبر 4 مان اچڻ جي ڪري وزير هوندو آهي. پر ٻيا چون ٿا ته کيس انهيءَ مزاح جي ڪري هر ڪابينا ۾ وزير طور رکڻ جي ضرورت پوندي رهي ٿي. انڊين ليکڪ ۽ صحافي خشونت سنگهه جڏهن پارليامينٽ جو ميمبر ٿيو ته هن پارليامينٽ جي ڪجهه ميمبرن جو نالو وٺڻ کان سواءِ ڪجهه ڪالم لکيا. جن ۾ اهو به لکيو ته پارليامينٽ جي اجلاس ۾ هڪ ميمبر ايترو ته بور ڪيو جو هن پنهنجي ٿولهه جي ڪري ويهڻ واري جاءِ جو هڪ پاسو ڇڪي زور سان ڦرڙاٽ ڪڍائي سڪون حاصل ڪيو. ان ڪري چرچائي مزاج وارن ميمبرن جي هر ڪابينا ۽ اسيمبليءَ کي ضرورت پوندي آهي.
چون ٿا ته ممبئيءَ کان سنڌ جي آزادي کان پوءِ واري سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن ۾ جڏهن ٻن ڏينهن تائين بجيٽ اجلاس ۾ هڪ رپئي جي ڪٽوتي تي هلندڙ بحث نه کٽو ته ان دور جي هڪ معزز ميمبر چڙ ۾ چيو ته ٻن ڏينهن کان رپيو رپيو ٻڌي ڪن پچي پيا آهن. هي وٺو مون کان رپيو، ٻي ڪا نئين ڳالهه ڪيو. مرحوم نوابزاده نصرلله کي باباءِ جمهوريت سڏيو ويندو آهي. پر ڪالم نگارن ۽ ڪارٽونسٽن وٽ سندس ترڪي ٽوپي ۽ حقو تمام گهڻو مشهور هو. هو عام طور تي سڄي ڄمار اپوزيشن ۾ رهيو. رڳو هڪڙي ڀيري محترمه شهيد بينظير ڀٽو کيس ڪشمير ڪميٽي جو اڳواڻ مقرر ڪيو هو. جنهن تي اسلامي ملڪ جي سفير وري نوابزاده نصر الله جي ڪشمير ڊپلوميسي ۾ حقي جي ڪردار وارو ڪالم لکي ورتو.
1970ع واري اليڪشن ۾ صدر يحيٰ خان هر سياسي اڳواڻ کي پي ٽي وي ۽ ريڊيو تي پارٽيءَ جو منشور پيش ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪيو. ان زماني ۾ هر ڳوٺ ۽ هر علائقي ۾ پي ٽي وي جي رسيپشن وڏو مسئلو هوندي هئي. ان ڪري پي ٽي وي جي بهتر رسيپشن جي لاءِ اينٽينا ۾ ڪجهه اضافي ٿالهيون وغيره لڳايو وينديون هيون. سو ستر واري اليڪشن ۾ جڏهن نوابزاده نصرالله جي پارٽيءَ کي پنهنجو منشور پيش ڪرڻ جو ٽائيم مليو ته ان خبر تي ڪارٽونسٽ نوابزاده تي خوبصورت ڪارٽون ٺاهيو. جنهن ۾ سندس تقرير ٽي وي تي ڏسڻ لاءِ هن کي اينٽينا ۾ حقو ٻڌندي ڏيکاريو ويو هو. ڳالهه حقي جي نڪتي آهي ته جيئن هينئر پيٽرول پمپ تي پيٽرول وٺڻ وقت موبائل فون هلائڻ جي منع ڪيل هوندي آهي. ائين اڳوڻن پمپن تي وري پيٽرول وٺڻ وقت حقو نه ڇڪڻ جو اشتهار لکيل هوندو هو. هڪڙي اهڙي پراڻي پمپ تي جڏهن اهڙو حقي وارو لکيل اشتهار لڳل ڏٺو ته گاڏيءَ ۾ ويٺل هڪڙي ڇوڪري مان ته مائٽ ڦاسي ويا، هو پڇي ته اهو حقو ڇا آهي. پمپ وارن حقو ڇو لکيو آهي. مجبورن ان ڇوڪري جي پيءُ کي پنهنجي پٽ جي جنرل ناليج وڌائڻ لاءِ هڪ غير قانوني”شيشي” واري ڪيفي تي وٺي وڃڻو پيو.
چون ٿا ته اڪبر بادشاهه کي پنهنجي ڏاهي وزير بيربل سان گڏوگڏ چرچائي مزاج واري ملا دوپيازو به پنهنجي نو رتنن ۾ شامل ڪيو هو. اڪبر بادشاهه جا نو رتن ايڏا ته مشهور ٿيا جو سائين جي ايم سيد کي هندستان جي سياست تي لکيل ڪتاب جو نالو “هندستان جي سياست جا نو رتن” رکڻو پئجي ويو. خبر ناهي سائين کي ڪتاب جي نالي جي پورائي لاءِ يا فقط هندستان جا ليڊر ئي اهڙي سطح 9 ئي لڌا، جن جي سياسي زندگي جو تفصيلي احوال لکي ڪتاب پورو ڪيو آهي. خبر ناهي اڄ جي دور جي هندستان جي سياست جي 9 رتن جو ذڪر ڪندي ليکڪ ڪهڙا سياستدان شامل ڪندو. مودي ان ۾ شامل هوندو. جنهن هندستان جي سياست ۾ گانڌي ليگيسي جي پاڙ ئي اکوڙي ڇڏيو آهي.
موديءَ جي پاڙ اکوڙڻ لاءِ وري نئون پکي ڪجريوال پهتل آهي. جنهن دنيا ۾ سڀ کان وڏي مسلمان ملڪ انڊونيشيا جي سڪي ۾ ڀڳوان گڻيش جي مورتي جي تصوير جو مثال ڏيندي، انڊيا جي سڪي ۾ اهڙي مورتي ڏيڻ جي ڳالهه ڪري موديءَ جي هندتوا کي لوڏي ڇڏيو آهي. ڪجريوال دهليءَ تي پنهنجي وڏ وزارت جو جهنڊو کوڙڻ کان پوءِ پنجاب ۾ اچا شملا جٽ دا چئي پهچڻ کان پوءِ مودي جي گهر گجرات جي صوبائي اليڪشن ۾ اچي موديءَ کي ڦيريون ڏياري ڇڏيون آهن. ليکڪ ان ڪتاب ۾ بهار جي اڳوڻي وڏي وزير لالو پرساد ياديو کي ته ضرور ڪتاب ۾ شامل ڪندو. جڏهن هو ڪرپشن ۾ نااهل ٿيو ته هن پنهنجي زال راٻڙي ديوي کي بهار لاءِ سي ايم مقرر ڪيو هو. ميڊيا وارن جڏهن لالو کان پڇيو ته راٻڙي ديوي کي سياست سان دلچسپي آهي. هن چيو ته ڇو نه. پڇيائونس ڪيئن؟ هن مثال ڏيندي چيو “هن کي ڍڳي ڏهڻ اچي ٿي ۽ کير ولوڙي مکڻ ڪڍڻ ڄاڻي ٿي. هندستان جي سياست ۾ ڍڳي جي جيتري اهميت آهي ۽ کير ولوڙي مکڻ ڪڍڻ جيڪو ڄاڻي ٿو. اهو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.” ڪنهن پڇيو ته اڄڪلهه اخبارن ۾ چرچائي ڪالم نگار ڪهڙا پيا لکن ۽ ٽي وي ۾ ڀوڳائي پروگرام ڪهڙا پيا هلن. ٻڌندڙ چيو ته اڄڪلهه جيڪي به چرچائي ۽ ڀوڳائي ليکڪ آهن، انهن کي سوشل ميڊيا وارن پيڊ ڪري ڇڏيو آهي. نه ته اهڙا لطيفا واٽس ايپ ۽ فيس بوڪ تي ڪٿان هلن ها.
هڪڙي سوشل ميڊيا جي تجزيي نگار قائم علي شاهه جي وڏ وزارت ختم ٿيڻ جي ڪاميابي سوشل ميڊيا کي ڏيڻ لڳو. ان جو جواب ڏيندڙ جهانگارا باجارا وارن جو خزاني جي وزارت ۾ اثر رسوخ جا ڪيترائي مثال ڏنا، پر هو موٽ ۾ وٽس رڪارڊ ۾ رکيل سائين قائم علي شاهه تي ٺهيل لطيفا ڏيکارڻ لڳو. هڪڙي آرڪيالاجسٽ پاڪستان جي تاريخي قبرستان مڪليءَ تي اهم تحقيقي ڪم ڪيو. هن جي سڄي تحقيق اتي اچي رڪجي وئي، چئي هڪ بزرگ ملان لٽر جي مقبري تي دعا گهرڻ جي باوجود ماڻهو کلندا ڇو آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ ميچ ۾ زمبابوي کان ڇا هارايو آهي، ٻن ٽمين مان ظاهر آهي ته هڪڙي کٽڻي آهي. پر فيس بوڪ تي هڪڙو ڏاڏو ڪرڪيٽ ڪمينٽيٽر جو بنا ڪجهه ڳالهائڻ جو رڳو ٽهڪ ڏئي ٻڏڻ وارو لطيفو ٽاپ تي پهتل آهي.
چون ٿا سياست کي لطيفي ۾ تبديل ڪرڻ جي وڏي مهارت موجوده سنڌ حڪومت کي اچي ٿي. جنهن جو اندازو ان وقت ٿيو، جڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ جو اڳواڻ ۽ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ سوشل ميڊيا تي لاهور مان ٻڌايو ته آئون ته لاهور ۾ خان جي لانگ مارچ ۾ شريڪ آهيان. پر مون کي ڄاڻ ڏني وئي آهي ته منهنجي گهر واري دعا ڀٽو منهنجي خلاف خلع وٺڻ لاءِ عدالت پهتي آهي. هوڏانهن ڀلي ڪي اين شاهه يا جهڏي وارا هجن، اهي هر وقت ان ڳالهه کي لطيفو ئي سمجهندا رهيا آهن. جڏهن سنڌ جو هڪڙو صوبائي وزير ٻوڏ متاثرن جي بحالي جا انگ اکر ٻڌائيندي ٻڌائيندي اوچتو ڪنهن صحافيءَ جي سوال جي جواب ۾ ان اصل ڳالهه کي اڌ ۾ ڇڏي، هو لاڏلي سياستدان جي ڳالهين ۾ ايڏي ته دلچسپي وٺڻ لڳي ٿو جو ٻوڏ متاثرن واري ڳالهه ئي سڄي پريس ڪانفرنس مان گم ٿيو وڃي. متاثر هڪ ٻئي کان پڇندا آهن. ڀلا وزير صاحب ڪو پاڻي ڪڍائڻ واري ڳالهه ڪئي؟
فيس بوڪ تي جڏهن لاهور مان خان صاحب جي لانگ مارچ کي ڪي ڪامياب، ڪي ناڪام سڏي رهيا هئا ته هڪڙو ڪمينٽ ڏاڍو دلچسپ لڳو. جنهن ۾ ڪمينٽ واري سنجيدگي سان چيو هو ته خان جي جي لانگ مارچ کي “سادو” نه سمجهو. ان تي تاريخ جو هڪڙو واقعو ياد اچي ويو، جڏهن مهاتما گانڌي 21 ڏينهن واري بک هڙتال ڪئي هئي. چرچل برطانيا جو وزير اعظم هو. هو لمحي لمحي جي هندستان جي وائسراءِ کان گانڌي جي بک هڙتال بابت پڇي رهيو هو ۽ طنزيه طور تي چوندو هو ته ڏي خبر پوڙهي کڳ جي. انهن ئي ڏينهن ۾ چرچل الجزائر ۾ ڪنهن اجلاس ۾ ويو ته اتي به هو هر لمحي گانڌي بابت پڇندو رهيو. ڪانسا بلانڪا جي اجلاس ۾ هئڻ دوران اتي موجود آفريڪا جي هڪ انگريز عملدار چرچل کي چيو هو، ان پٺن اگهاڙي ۽ گوڏ ٻڌل گانڌيءَ کي ايڏو سادو نه وٺو.