ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

يورپ ۾ نيٽو ۽ روس جون ائٽمي جنگِي مشقون

Editorial-Article- Muhammad Yousif Bhutto

جيئن جيئن روس يوڪرين جنگ جا ڏينھن گذرندا وڃن، تيئن تيئن جنگ جي ميدان تان نيون نيون ۽ ڇرڪائيندڙ خبرون سامھون اچن پيون. ھن جنگ دنيا کي عدم تحفظ جي احساس ۾ گهيري ڇڏيو آھي. دنيا جي آئيندي بابت سوال پيدا ٿي رھيا آھن.
جنھن وقت ھي آرٽيڪل لکي رھيو ھئس، عين ان وقت يعني 28 آڪٽوبر جي ڏينھن عالمي ميڊيا ھيءَ خبر رپورٽ ڪري رھي ھئي ته روسي صدر پيوٽن روس جو ائٽم بم ھلائڻ وارو Dead Hand System ايڪٽِوِ ڪري ڇڏيو آھي. جنھن سان سڄي دنيا ۾ سخت ڳڻتي جي لھر ڇانئجي وئي آھي. پيوٽن ھيءَ جيڪو سسٽم ايڪٽيويٽ ڪيو آھي. ان سان تباھي ۽ برباديءَ جو فقط اندازو ئي ڪري سگھجي ٿو. عالمي ميڊيا ذريعي مليل ڄاڻ موجب ھن ڊيڊ ھينڊ سسٽم کي روس ۾ Perimeter System طور به ڄاتو وڃي ٿو. Dead Hand System نيوڪليئر حملي کي ان جي Life, Radiation ۽ خونخوار Activity سان Detect ڪري ٿو. ھيءَ سسٽم دشمن جي ائٽمي حملي دؤران پاڻمرادو Activate ٿي وڃي ٿو. ٽاپ جي ڪمانڊر جا آرڊر ملندي ئي راڪيٽ گرانڊ سسٽم مان راڪيٽ لانچ ٿي وڃن ٿا. ان سان گڏ ڊيڊ ھينڊ سسٽم تحت Intercontinental Cruise Missiles لانچ ٿي وڃن ٿا. خبر آھي ته روس وٽ ھن وقت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ 6000 ائٽم بم آھن، جن مان 1600 ايڪٽو ڪيا ويا آھن. ڊيڊ ھينڊ سسٽم تحت ائٽمي بمن سان ليس ميزائل آبدوزن ۾ محفوظ رھن ٿا، جيڪي ائٽمي حملي جي صورت ۾ ائٽمي حملي سان جواب ڏين ٿا.
افسوس جو دنيا ۾ ائٽمي ڊوڙ شروع ٿي وئي آھي. ڏکڻ چيني سمنڊ کان آسٽريليا تائين، ھوڏانھن يورپ کان آمريڪا تائين ائٽمي ھٿيارن جي ڊوڙ ٿي نظر اچي. عالمي ميڊيا ۾ ذري ذري اھڙيون خبرون رپورٽ ٿين پيون.
توڙي جو ھن يوڪرين جنگ جي شروع ٿيڻ کانپوءِ اولهه جا ملڪ، نيٽو پلس آمريڪا ۽ روس ھڪٻئي کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ اکيون ڏيکارڻ تائين محدود ھئا پر ھاڻي ڳالهھ ان کان اڳتي وڌي وئي آھي. ڇو جو اھي ھڪٻئي سان نه ٺھندڙ ملڪ باقاعدي ائٽمي جنگي مشقن تائين پھڇي ويا آھن. ھن وقت يورپ ائٽمي جنگي مشقن جو مرڪز بڻيل آھي. ائٽمي ھٿيارن جي سکيا ۽ تعيناتي زور شور سان جاري آھي. ھيءَ سڀ ڪجھه روس سان ائٽمي جنگ جي خطري جي پيشِ نظر تيارين جو حصو سڏجي پيو. آمريڪي اڳواڻي ۾ يورپي ملڪ روس تي دٻاءُ وجھڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن. اولهه جي ملڪن جي اھڙين ڪوششن سان معاملا حل ٿيڻ بدران سخت ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا آھن.
آمريڪا ۽ برطانيا توڙي نيٽو جو سڄو زور روس کي جھڪائڻ تي آھي، ايستائين جو عالمي ميڊيا ۾ آمريڪا ۽ برطانيا جي سپاھين جون يوڪرين پاران جنگ ۾ وڙھڻ جون رپورٽون به سامھون آيون آھن.
روسي حملي جي خوف سبب نيٽو اتحاد نيوڪليئر وار مشقون شروع ڪري ڇڏيون آھن. جن ۾ 14 ملڪ حصو وٺن پيا. ھيءَ مشقون 17 کان 30 آڪٽوبر تائين يورپ ۾ جاري رھنديون. ھيءَ مشقون روس کان رڳو ھڪ ھزار ڪلوميٽر پري ٿي رھيون آھن. مشقن ۾ بي 52 ۽ ٻين خطرناڪ ھٿيارن جو Display ڪيو پيو وڃي.
روس پاران به ھنن مشقن جي جواب ۾ ھن ئي مھيني يعني آڪٽوبر جي آخر ۾ ساڳئي نوعيت جي جنگي مشقن جو اعلان ڪيو ويو.
روس جي ساٿاري ملڪ بيلاروس جي Ministry Of Emergency Services جي ھيڊ چيو آھي ته سندن ملڪ ۾ روس جا ھٿيار جمع ڪيا پيا وڃن. اطلاع آھن ته تازو بيلا روس ۾ 9 ھزار روسي فوجي يوڪرين تي قھر وسائڻ لاءِ تعينات ڪيا ويا آھن پر عالمي تجزيي نگارن موجب پيوٽن جيڪڏهن يوڪرين تي ائٽمي حملو ڪيو ته اھو بيلاروس مان ڪندو. ڇو ته بيلاروس يوڪرين جي اتر ۾ واقع آھي، يوڪرين جي سرحد جو وڏو حصو بيلاروس سان ملي ٿو. مطلب ته يوڪرين آمريڪا ۽ نيٽو جي چوڻ مان نه نڪتو ۽ معاملا حل ڪرڻ لاءِ ڳالھين جي ميز ڏانهن ڌيان نه ڏنو ته پوءِ يوڪرين لاءِ عافيت جا امڪان بنھه محدود ٿي ويندا. ڇو ته آمريڪا ۽ برطانيا ھڪڙي روس سان دشمني نڀائڻ لاءِ نه رڳو نيٽو اتحاد سان لاڳاپيل ڪئين ملڪن جو سھارو وٺي رھيا آھن پر کين بندوق ھلائڻ لاءِ ڪنھن پرائي ڪلھي جي به ڳولا ھئي، جيڪو يوڪرين جي عقل کان عاري صدر زيلنسڪي فراھم ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ يوڪرين مان تباھيءَ جا اھي طوفان اٿيا آھن جن جو ڪڏھن به يوڪريني ماڻھن سوچيو به نه ھوندو. دربدريءَ جو درد يوڪرينين کي ڀوڳڻو پيو پوي.
دنيا ۾ ھٿيارن جي ڊوڙ وڏي پئماني تي جاري آھي، دنيا جنھن مستقل پائيدار امن جي ڳولا ۾ ھئي سو عالمي طاقتن جي ضد ۽ انا پرستيءَ جي ور چڙھي ھڪ خواب بڻجي ويو آھي.
اطلاع آھن ته روس ڊونيسڪ تي فاسفورس بم سان حملو ڪيو آھي. شايد ھيءَ ٻيو موقعو آھي جو روس يوڪرين ۾ انتھائي خطرناڪ فاسفورس بم اڇلايو آھي. ان کان اڳ ايزوپ اسٽيل پلانٽ تي پڻ ڪجھه مھينا اڳ روس ساڳيو خطرناڪ بم استعمال ڪيو جنھن تي دنيا ۾ روس تي گھڻي تنقيد به ڪئي وئي.
ٻئي پاسي خبر آھي ته جرمنيءَ جي جنگي جھازن تي High Energy Laser Weapon تعينات ڪيا ويا آھن، جرمني ليزر ھٿيارن جو تجربو به ڪيو آھي. ھيءَ سڀ تياريون مستقبل جي ڪنھن وڏي جنگ لاءِ نه آھن ته پوءِ ڇا لاءِ آھن؟
ھوڏانھن آخرڪار نيٽو جي ائٽمي جنگي مشقن کانپوءِ آمريڪي ڌمڪين باوجود روس پنھنجون ائٽمي جنگي مشقون شروع ڪري ڇڏيون آھن. روس جديد ترين ائٽمي ھٿيارن جا تجربا پڻ ڪري آمريڪا کي جواب ڏنو آھي ته روس آمريڪا کان ڊنل نه آھي. انھن تازين ھلندڙ ائٽمي جنگي مشقن جي موقعي تي پيوٽن پاران نيٽو کي سمنڊ مان چتاءُ سامھون آيو آھي. روس جي ائٽمي جنگي مشقن مان ايندڙ تصويرن نيٽو جي ڳڻتين ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو آھي. دنيا ڄاڻي ٿي ته يوڪرين ۾ سوڀ ماڻڻ لاءِ پيوٽن ڪجھه به ڪري سگھي ٿو. انھن جنگي مشقن ۾ روس پاران سينيوا Intercontinental ballistic missile (بين البراعظمي ميزائل) تجربي يوڪرين جي جنگ ۾ روس خلاف ساٿ ڏيندڙ ملڪن لاءِ به خوف پيدا ڪري ڇڏيو آھي. ڇو جو ھن ميزائل کي اسٽولا نالي ان ائٽمي آبدوز مان فائر ڪيو ويو آھي، جنھن کي تمام گھڻو خطرناڪ ٻڌايو وڃي ٿو. 14 ڏهائي 8 ميٽر ڊگھو اھو ميزائل 8300 ڪلوميٽرن تائين مار ڪري سگھي ٿو. اھو روس کان سڌو آمريڪا کي ٽارگيٽ ڪري سگھي ٿو. ھن ميزائل بابت عالمي ميڊيا ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ھيءَ ميزائل ھڪ ئي وقت 4 وار ھيڊ کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ھن ميزائل جي لانچنگ Delta فور ڪلاس آبدوز مان ڪئي وئي. انھن ائٽمي جنگي مشقن ۾ روس ائٽمي جنگي جھاز به اڏايا آھن جن ۾ جديد ترين Tu 95 جو تجربو پڻ شامل آھي. جيڪو ڪروز ميزائلن ۽ ائٽم بمن سان حملو ڪري سگھي ٿو. جنھن کي نيٽو BEAR جو نالو ڏنو آھي. ھن جھاز جي گوڙ جي ڪري ان تي اھو نالو پيو آھي. ھي جھاز 12500 ڪلوميٽرن تائين ائٽمي حملو ڪرڻ جي سگھه رکي ٿو. چون ٿا ته روس انھن ائٽمي جنگي ھٿيارن سان روس مخالف ملڪن خاص طور تي آمريڪا ۽ نيٽو ملڪن کي سڌو چتاءُ ڏنو آھي. روس جي سرڪاري ٽي وي تان جڏھن انھن ائٽمي جنگي مشقن کي ڏيکاريو پئي ويو ته روسي صدر انھن جو پاڻ معائنو ڪري رھيو ھو. جڏھن ته روس پنھنجي ھڪ ٻئي انتھائي جديد ترين ھائپر سونڪ رفتار جي حامل بين البراعظمي ائٽمي ميزائل Yars جو تجربو پڻ ڪري ورتو آھي. ان جي رينج 11000 ڪلوميٽر آھي ۽ رفتار 24500 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آھي. جنھن سان روس دنيا جي ڪنهن به کنڊ تي حملو ڪري سگھي ٿو. عالمي ميڊيا رپورٽ ڪيو آھي ته پيوٽن رڳو 30 سيڪنڊن ۾ اھو ميزائل لانچ ڪيو آھي جنھن کي خوف جو ٻيو نالو ڏنو پيو وڃي. پيوٽن جي ھنن ھٿيارن جو ٽوڙ ڪنھن ملڪ وٽ ناھي. روس جي يارس ميزائل جي رفتار آواز کان 20 ڀيرا تيز آھي. يارس بيلسٽڪ ميزائل جو ٽارگيٽ منٽن ۾ ختم ٿي سگھي ٿو. پيوٽن ٽي وي اسڪرين تي جنگي مشقن دؤران ھن ميزائل جي طاقت ڏسي رھيو ھو. پيوٽن روس ۾ 15 ميزائل بيس تيار ڪري رکيا آھن. ھر بيس تي ائٽمي ميزائل تعينات ڪيل آھن.
ھوڏانھن نيٽو ملڪن جون جنگي مشقون جاري آھن، جيڪي 30 آڪٽوبر تائين جاري رھنديون. جن ۾ پڻ ائٽمي ھٿيارن جو نماءُ ڪيو پيو وڃي.
ھاڻي صورتحال اھا آھي ته يوڪرين جو سڄو زور روس کان پنھنجا قبضي وارا علائقا واپس وٺڻ تي آھي. يوڪرين جي وڏن پٺڀرائي ڪندڙ ملڪن ۾ آمريڪا سرفھرست آھي، جڏھن ته تاريخ شاھد آھي ته “آمريڪا دوستي” بي اعتبار رھي آھي، جنھن ۾ آمريڪا جي وفا ڪنھن کي راس نه آئي آھي. خير، روس ۽ يوڪرين ٻنھي ملڪن جي فوجن پاران ھڪٻئي تي حملن ۾ شدت ايندي پئي وڃي. روس پنھنجي فوج ۾ ٽي لک نيون ڀرتيون ڪيون آھن ۽ ٻياسي ھزار روسي جوانن کي جنگ جي مورچن تي به موڪليو ويو آھي. انھيءَ دوران ڇنڇر ڏھاڙي 29 آڪٽوبر تي برطانوي ميڊيا جي حوالي سان عالمي ميڊيا ۾ ھڪ خبر سامھون آئي آھي، جنھن ۾ برطانوي ميڊيا جي اھا دعويٰ ٻڌائي وئي ته روسي صدر پيوٽن عالمي جنگ جي تياري ڪري رھيو آھي. دعويٰ رڳو ايستائين نه آھي بلڪه اھو به ٻڌايو ويو ته روسي ماڻھو کاڌي پيتي جون شيون گڏ ڪري رھيا آھن. ان دعويٰ کان پوءِ اھي سوال اٿڻ شروع ٿي ويا آھن ته ڇا اھا WW3 جي تياري آھي؟

ھوڏانھن پيوٽن جي وڊيو سامھون آئي آھي جنھن ۾ خطاب ڪندي ھن ٻين ڳالھين سان گڏ ھڪ ڳالهھ اھا به ڪندي مغربي ملڪن کي ڌمڪي ڏني تہ “حالتون عالمي جنگ کان به ڀوائتيون ٿي سگھن ٿيون”.

جن دوستن کي تاريخ جي ڄاڻ آھي ۽ خاص ڪري جن پھرين ۽ ٻي مھاڀاري جنگين جون حالتون ۽ واقعا ۽ سبب پڙھيا آھن، اھي ان حقيقت جو ادراڪ رکن ٿا ته دنيا جي ٻين قومن ۽ ملڪن جي ڀيٽ ۾ يورپي قومون ۽ ملڪ ھڪٻئي سان وڌيڪ جھيڙيندڙ رھيا آھن. انھيءَ جو سبب اھو آھي ته انھن جا جھيڙا ۽ تڪرار ان نھج تي پھچي ويا جو اھي پھرين ۽ ٻي مھاڀاري لڙائي شروع ڪري ويٺا. ھاڻي به دنيا ۾ جيڪي ٽي مھاڀاري لڙائيءَ جا آثار پيدا ٿيڻ لڳا آھن. ان جو گرائونڊ به يورپ ۾ تيار ٿيندي نظر اچي پيو، جيڪو عين ممڪن آھي ته اھو يوڪرين ئي ھجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button