ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪراچيءَ ۾ مڇريل ميڙ جو تشدد

Editorial

پاڪستان ۾ ميڙ هٿان ماڻهن کي پٿر هڻي مارڻ، باهه وسيلي ساڙڻ يا لٺيون هڻي مارڻ جا واقعا عام جام ٿيندا رهيا آهن. تازو ڪراچيءَ ۾ به ٻن سنڌي نوجوانن کي مڇر ڪالونيءَ ۾ مڇريل ماڻهن بنا ڪنهن سبب جي تشدد ڪري ماري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ گرفتاريون پڻ عمل ۾ آيون آهن ۽ ڏوهارين جي سڃاڻپ پڻ ڪئي وئي آهي. ملڪ ۾ ميڙ پاران ماڻهن کي ماري انصاف ڪرڻ وارو رويو بنهه گهڻو خطرناڪ آهي ۽ جيڪڏهن اهو سلسلو ائين هلندو رهيو ته ان قسم جي واقعن کي رياستي سطح تي روڪڻ ڏکيو ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته ميڙ اهو طئي وٺندو آهي ته ڪير ڏوهاري آهي ۽ ان مان ذاتي باهه ڪڍڻ لاءِ ماڻهن کي مارڻ ۾ دير ناهي ڪندو. ڪراچي واري واقعي جي نوعيت به ڪجهه اهڙي ئي آهي. جيڪي خبرون رپورٽ ٿيون آهن، انهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته موبائيل ڪمپنيءَ جي اداري جا ملازم مڇر ڪالونيءَ ۾ ٿنڀو ٺيڪ ڪرڻ ويا هئا، جن کي هڪ مولوي ٻارن کي اغوا ڪندڙ ڄاڻائي ماڻهن کي مڇرايو ۽ نوجوانن کي پٿر هڻي قتل ڪيو ويو. جن جا مڙهه سندس ڳوٺن ڏانهن موڪليا ويا آهن.
ڪراچيءَ ۾ ميڙ هٿان بيدرديءَ سان قتل ڪيل موبائيل ڪمپني جي ملازم ايمن جاويد جي مڪلي ۾ جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي، هجوم هٿان وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪيل ڊرائيور اسحاق پنهور جي ٺارو شاهه ويجهو ڳوٺ محمد هاشم پنهور ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جڏهن ته مڙهه آلين اکين سان مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيا ويا،بيدرديءَ سان قتل ڪيل ٻنهي ملازمن جي جنازي ۾ ڪو به چونڊيل نمائندو شريڪ نه ٿيو. گذريل ڏينهن ٻنهي ملازمن کي مڇر ڪالونيءَ ۾ جنوني ماڻهن جي ميڙ پٿر، سروٽا ۽ ڏنڊا هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو هو. ٻنهي ملازمن کي بچائڻ جي ڪوشش دوران 4 پوليس اهلڪار به زخمي ٿي پيا هئا، ٻنهي مقتولن جي وارثن قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن مڇر ڪالونيءَ ۾ ميڙ هٿان بيدردي سان قتل ڪيل موبائل ڪمپنيءَ جي ٻن ملازمن جو قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. مقتول اسحاق جي چاچي جي فرياد تي ڊاڪس ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.ڪيس ۾ 15 سڃاتل ۽ 250 اڻ سڃاتل جوابدار نامزد آهن، پوليس هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گذريل ڏينهن موبائل ٽاور جا سگنل چيڪ ڪرڻ لاءِ ويل ٻن ملازمن ٺٽو واسي ايمن جاويد ۽ نوشهروفيروز واسي اسحاق پنهور کي اغواڪار ڄاڻائي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هو. ڪالهه به اها خبر رپورٽ ٿي ته واقعي جي مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن کي هڪ مذهبي تنظيم جا ماڻهو ٿاڻي تان ڇڏائي ويا. جنهن کي وري گرفتار ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن قانون انهن ماڻهن آڏو ايترو بيوس آهي ته پوءِ قانون تي ڪنهن به ريت عمل نٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي ان سان ماڻهن کي انصاف ملي سگهندو. هن وقت تائين اسان اهو ئي ڏٺو آهي ته اهڙن واقعن جا ڪيس ڀلي داخل به ٿيندا هجن پر تنهن هوندي به مقتولن جي وارثن سان انصاف نه ٿي سگهندو آهي. ڪراچيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، اهو ملڪ ۾ سماجي طور قانون هٿ ۾ کڻي پنهنجي منهن انصاف ڪرڻ جو طريقو آهي. ان کان سواءِ سماج ۾ اسهپ جي حد آهي تنهنڪري ماڻهو سمجهڻ ٿا ته ڪنهن کي مارڻ يا قتل ڪرڻ ڪو ڏوهه ناهي پر اهي پنهنجي پر ۾ انصاف ڪري سماج کي پاڪ صاف ڪري رهيا آهن. جڏهن ته اهي وڏا ڏوهاري آهن. جيڪي پنهنجي منهن ڪنهن بيگناهه کي ماري ان کي انصاف سمجهن ٿا.

اسين سمجهون ٿا ته هن واقعي کان پوءِ ملڪ جي هڪ ڀيرو وري بدنامي ٿي آهي. تنهنڪري جيڪي ماڻهو به ڪراچي واقعي ۾ ملوث آهن، انهن کي گرفتار ڪيو وڃي. انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ سزائون ڏنيون وڃن. بنا ڪنهن دٻاءُ جي سڀ قانوني گهرجون پوريون ڪيون وڃن ته ايندڙ وقت ۾ اهڙن واقعن کان بچي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button