ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آءِ جو بيانيو

Editorial-Article-Muhammad Ali Leghari

ڪجهه وقت کان وٺي پاڪستان ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي روايت وڌي وئي آهي، سياستدان، وزير مشير ۽ صحافي پنهنجو موقف ڏيڻ لاءِ پريس ڪلب وڃي پريس ڪانفرنس ڪندا آهن ۽ ان پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجو عذر يا موقف يا سچ ڪوڙ پنهنجي زباني پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا وسيلي عوام اڳيان رکندا آهن. تحريڪ انصاف پنهنجي حڪومت وڃائڻ کان پوءِ تسلسل سان پريس ڪانفرنسون ۽ ميڊيا ٽاڪس ڪندي رهي آهي. تقريبن هر روز عمران خان ۽ پي ٽي آ جا مرڪزي اڳواڻ ميڊيا تي اچي پنهنجو ۽ پارٽي موقف ڏيندا آهن يا عمران خان جي موقف جي تائيد ڪندا آهن.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان پي ڊي ايم جي حڪومت ۽ اپوزيشن پي ٽي آ طرفان پريس ڪانفرنسون ٿي رهيون آهن ۽ تسلسل سان ٿي رهيون آهيون پر پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غيرمعمولي طور پاڪستان جي طاقتور ترين اداري آ ايس آ جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم آ ايس پي آر سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجي اداري کي مليل ڄاڻ ۽ بحيثيت سربراهه موقف پيش ڪيو آهي.
هي پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ملڪ جي طاقتور اداري طرفان اهڙي قسم جي ميڊيا ٽاڪ ڪئي هجي. پي ٽي آ طرفان ٿيندڙ پريس ڪانفرنسن ۾ عمران خان ۽ پي ٽي آ جي مرڪزي قيادت طرفان موجوده پي ڊي ايم جي حڪومت (ن) ليگ ۽ اسٽبلشمينٽ تي ڇتي تنقيد جاري آهي. سندن موقف عوام ۾ مقبول ٿي رهيو آهي ۽ ان جي جواب ۾ پي ڊي ايم جي قيادت ۽ حڪومت طرفان پي ٽي آ جي بيانيي کي ڪوڙو ۽ سازشي قرار ڏيندي تنقيد جي جواب ۾ تنقيد جاري آهي ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي سهاري وزيراعظم بڻيو ۽ چار سال ‘سيم پيج’ جو ڊرامو ڪندڙ هاڻ ڪهڙي منهن سان اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد جا تير وسائي رهيو آهي؟
پي ٽي آ حقيقت کي قبول ڪرڻ کان ڇو انڪاري آهي؟ اسين ته قانوني آئيني طريقي سان سندس حڪومت هٽائي اقتدار ۾ آيا آهيون، پوءِ هي ٻاهرين سازش جي روش ڇو ۽ ڇا لاءِ؟؟ اپريل کان هلندڙ هن رساڪشي ۾ نيٺ اسٽيبلشمينٽ محسوس ڪيو آهي ته پي ڊي ايم جي ڪمزور ۽ گڏيل حڪومت عمران خان جي سازشي بيانيي جي جواب ۾ ڪو به مضبوط بيانيو اختيار نه ڪري سگهي آهي، جنهن سان عمران خان نيازي جي مقبوليت ۾ گهٽتائي اچي ۽ سندس سازشي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وڃي. ان ڪري مجبور ٿي ملٽري اسٽيبلشمينٽ پنهنجي اداري جي ترجمان ميڊيا ونگ آ ايس پي آر طرفان ٿيندڙ پريس ڪانفرنس ۾ ڊي جي آ ايس آ ليفٽيننت جنرل نديم انجم کي ميدان ۾ لاٿو آهي. فوج جي ٻنهي ادارن جي سربراهن ڊي جي آ ايس پي آر ۽ ڊي جي آ ايس آ طرفان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا ويا آهن ته عمران خان نيازي طرفان آرمي چيف کي پي ڊي ايم جي تحريڪ عدم اعتماد کي ناڪام ڪرڻ عيوض آرمي چيف جي ملازمت ۾ اڻڄاڻايل مدي تائين واڌ سميت پرڪشش مراعتن جي آڇ ڪئي وئي هئي، پر آرمي چيف طرفان آئينده ڪنهن به قسم جي مدد کان انڪار ڪيو ويو ۽ جڏهن آرمي چيف پاڪستاني سفارت خاني مان آيل سائفر تي حڪومت طرفان احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ چيو ته ان تي عمران خان بهاني بازي ڪندو رهيو ته اهڙا سائفر روز ايندا آهن، اوهان بس عدم اعتماد واري تحريڪ تي اسان سان پنهنجو ساٿ ڏيو! جنهن تي آرمي چيف طرفان انڪار ڪيو ويو. جڏهن عمران خان کي هر پاسي کان مايوسي ٿي ته هن عوامي جلسي ۾ ڪوڙو خط لهرائي عدم اعتماد کي ٻاهرين سازش سان جوڙي پنهنجي مقبوليت وڌائڻ چاهي ۽ هاڻ به ڪينيا ۾ قتل ٿيل ارشد شريف جي قتل کي بنياد بڻائي اڻ سڌي ريت اسان سان جوڙي پنهنجي سياسي مقبوليت وڌائڻ چاهي ٿو. جڏهن ته ڪينيا جي پوليس پاران ارشد شريف جي قتل کي ‘سڃاڻپ ۾ غلطي’ قرار ڏنو ويو آهي. ان باوجود عمران خان نيازي ارشد شريف جي قتل ۾ پنهنجي ملڪي ادارن کي مبينه طور ملوث قرار ڏئي رهيو آهي. ڊي جي آ ايس آ طرفان اڳتي هلي اهو به واضح ڪيو ته عمران خان فقط پنهنجي سياسي فائدي لاءِ سمورن ادارن کي تڪراري بڻائي عوام کي گمراهه ڪري رهيو آهي ته فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه کي اڄ مير جعفر سڏيندڙ ماضي ۾ سندس شان ۾ قصيدا ڇو چوندو رهيو آهي؟ رات جي اونداهي ۾ آرمي چيف ۽ ڊي جي آ ايس آ سان ملاقاتون ڪهڙي حيثيت ۾ ڪري ٿو؟ ۽ صبح جو وري اسان تي تنقيد ۽ غداري سان جوڙي ٿو.
ڊي جي آ ايس آ طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته فوجي سربراهه ۽ ان جي ماتحت ادارن کي فقط ۽ فقط پي ٽي آ جي غير آئيني ۽ غير قانوني مدد کان انڪار ڪرڻ تي تڪراري بڻائي عوام کي گمراهه ڪيو پيو وڃي. ڊي جي آ ايس پي آر ۽ ڊي جي آ ايس آ طرفان ڪيل پريس ڪانفرنس خاص ڪري ليفٽيننٽ نديم انجم جي موجودگي سبب عمران خان نيازي جي سازشي بيانيي واري ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي. سازشي بيانيو پنهنجو موت پاڻ مري چڪو آهي. گڏوگڏ فوج ۾ ڌڙابندي جون قياس آرايون به ختم ٿي ويون آهن. هن وقت پوري عسڪري قيادت ۾ غير سياسي رهڻ تي مڪمل اتفاق آهي. فوج جي قيادت سمجهي ٿي ته هن وقت فوج حڪومت جي هڪ ماتحت هڪ ادارو آهي. جيڪڏهن حڪومت پي ٽي آ جي لانگ مارچ دوران سول انتظاميا جي مدد لاءِ آرٽيڪل 245 تحت طلب ڪيو ته هو قانون ۽ آئيني موجب ان تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار هوندا.
ان پريس ڪانفرنس ۽ اڳوڻي سينيٽر فيصل واوڊا پاران ڪيل پريس ڪانفرنس کان پو عمران خان نيازي ۽ پي ٽي آ جي موقف ۾ پڻ سختي اچي وئي آهي. عمران خان پنهنجي حڪومت وڃائڻ جو ذميوار عسڪري قيادت کي سمجهندو رهيو آهي خبر هجڻ باوجود اهي منهنجي حڪومت بچائڻ نه آيا. ان ڪري اڻ سڌي ريت نالو وٺڻ بنا ادارن ۽ ان جي سربراهن تي بهتان هڻندو رهيو آهي. ڪڏهن غدار، مير جعفر مير صادق، مشرڪ ۽ هاڻ ڪجهه ڏينهن اڳ آ ايس آ جي اسلام آباد آبپاره ۾ موجود سيڪٽر ڪمانڊر کي ‘ڊرٽي هيري’ چوندڙ عمران خان لاهور کان لانگ مارچ جي قيادت ڪندي هاڻ سڌي ريت ڊي جي آ ايس آ کي مخاطب ٿيندي چوڻ شروع ڪيو آهي ته ‘مون وٽ به ڪي زار آهن پر ملڪي مفادن جي ڪري پبلڪ نٿو ڪيان’ ڪجهه ڏينهن اڳ ايف آ اي هٿان گرفتار ٿيندڙ سينيٽر اعظم سواتي پڻ نالو وٺي ادارن تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي آهي. ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي عسڪري قيادت تقريبن هڪ سال کان وٺي غير سياسي آهي ۽ ان وقت عمران خان ۽ پي ٽي آ جي حڪومت آرمي چيف کي ان ڳالهه تي بليڪ ميل ڪندي رهي، اصرار ڪندي رهي ته اسان ملڪ جا خيرخواه آهيون ۽ پي ڊي ايم جون اپوزيشن جماعتون ملڪ دشمن آهن ان ڪري انهن جي قيادت کي جيل ڀيڙو ڪيو وڃي. جنهن تي آرمي چيف کيس چيو ته اهو اسان جو ڪم ناهي نه وري اهو سٺو عمل آهي جو سياسي انتقامي ڪارروائي لاءِ سموري اپوزيشن کي جيل ڀيڙو ڪجي ۽ طنزيه اهو به چيو ته ائين ڪرڻ لاءِ مون کي اوهان جي ڪرسيءَ تي اچڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button