سنڌ

اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن جا مختلف شهرن ۾ احتجاج

اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس 2013ع جي اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ اميدوارن محمد جمن عارباڻي، ماجد علي تونيو، سعيد احمد، بلاول زنگيجو، وقار احمد چنه، ڪامران علي جتوئي، محمد بخش مغيري ۽ ٻين آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. قمبر ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن محمد رفيق چچو، جنيد احمد تنيو، خورشيد احمد، امير فيصل، علي نواز واهوچو، عبدالحفيظ انصاري، عبدالمجيب، مير محمد بلوچ ۽ ٻين اميدوارن احتجاجي مظاهرو ڪيو. بدين ۾ ماجد رستماڻي، ايسر داس، امين ميمڻ، فهيم مغل، فهيم ميمڻ، زاهد پٺاڻ ولي محمد، فياض سومرو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرا ڪيا. [ گولاڙچي ۾ غلام ميمڻ، عبدالجبار عطاري، راشد محمود، علي نواز شورو، غلام رسول جت ۽ ٻين مظاهرا ڪيا. ماتلي ۾ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوارن شعيب ڀرڳڙي، حق نواز کوسو , ادريس نظاماڻي، نرمل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو آفر آرڊر ڏيڻ لاءِ ماتلي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. دادو ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس 2013 جي اميدوارن مرڪزي سڏ تي دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرين فدا حسين لغاري، جاويد لغاري، منور سيال، ساجد ڪنڀر،علي شير ڪلهوڙو، تسليم پنهور، بينظير سولنگي ۽ ٻين ڪئي. ٽنڊوباگو ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن ماجد رستماڻي، آفتاب رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اميدوارن دانهيندي چيو ته سال 2013ع دوران تعليم کاتي ۾ ڀرتين لاءِ اين ٽي ايس ذريعي ٽيسٽ ڏئي 60 کان 97 مارڪون کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي پر ان وقت جي تعليم کاتي جي آفيسرن، ڪلارڪن ۽ سياستدان جي ملي ڀڳت سان اسان کي نظرانداز ڪري جعلي ڀرتيون ڪيون تازو آءِ بي اي طرفان ورتل ٽيسٽ ۾ فعل اميدوارن کي پاس ڪري نوڪريون ڏنيون ويون جيڪو عمل اسان جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي جڏهن ته اسان لڳاتار احتجاجن جي نتيجي ۾ تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه اسان جي مرڪزي عهديدارن کي احتجاج دوران گهرائي واعدو ڪيو ته رهيل اين ٽي ايس اميدوارن کي ايندڙ مهيني ۾ ايڊجسٽ ڪنداسين پر بعد ۾ هو پنهنجي واعدي تان ڦري ويا ۽ هينئر سردار شاهه بيان جاري ڪندي چئي رهيو آهي ته اين ٽي ايس وارن ڪاپي ڪئي ۽ هينئر انهن کي ايڊجسٽ ڪري نٿا سگهون ۽ سندن جو ڪيس پراڻو آهي. هنن چيو ته اسان بک، بدحالي ۽ بيروزگاري واري زندگي گذاري رهيا آهيون.. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان کي آفر آرڊر جاري ڪري روزگار فراہم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button