سنڌ

ڏوڪري ۾ شهيد ڀٽو پاران عنايت عمراڻي جي گرفتاري خلاف احتجاج

ڏوڪري ۾ پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو اڳواڻ عنايت علي عمراڻي جي گرفتاري خلاف تعلقي ڏوڪري جي صدر طارق مراد منگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي طارق مراد منگي، اعجاز علي سومرو، ڀٽو باغي مسڻ، وسيم مسڻ ۽ محمد ايوب ڦلپوٽو ڳالهائيندي چيو ته عنايت عمراڻي خلاف هڪ گهري سازش تحت ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي اسان شهيد ڀٽو پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ۽ فاطمه ڀٽو فالوورز اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هنن آءِ جي سنڌ توڙي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته عنايت علي عمراڻي مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button