سنڌ

ٻوڏ جو پاڻي 70 سيڪڙو نيڪال ٿي چڪو آهي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ گورنر پنجاب بليغ الرحمان سان گڏ سيوهڻ شريف جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل علائقن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ايم اين اي سڪندر راهپوٽو ، پي پي پي اڳواڻ رئيس امان ا لله شاهاڻي ، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ، ڊي آئي جي حيدرآباد سيد پير محمد شاهه، ڊي سي ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفيٰ، ايس ايس پي عمران قريشي، ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات رفيق احمد سولنگي گڏ هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر پنجاب سيوهڻ شريف ۾ حضرت لعل شهباز قلندر تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ توڙي قوم جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي گورنر پنجاب بليغ الرحمان چيو ته عمران خان جي ٻوڏ تي ڪڏهن به توجهه نه رهي آهي، سندس ڌيان فقط عام چونڊن تي آهي، جيڪي پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون. هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي ڪري وڏي تباهي آئي آهي. هن ٻڌايو ته پنجاب جي خانگي شعبي جي ماڻهن سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ 11 هزار راشن بيگس عطيو ڪيا آهن، جڏهن ته وڌيڪ پڻ مدد ڪئي ويندي. هن وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ بلاول ڀٽو جي محبت ۽ مهمان نوازي جو شڪريو ادا ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گورنر پنجاب جو سيوهڻ جو دورو ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته ٻوڏ ڪري اسان جي عوام کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ آئون پنجاب جي دوستن جو ٿورائتو آهيان جن ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي آهي. سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته اسان پوري سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪالي کي جلد کان جلد يقيني بڻايون ته جيئن معمول واري زندگي ٻيهر بحال ٿي سگهي. هن ٻڌايو ته هن وقت تائين 70 سيڪڙو ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪالي ٿي چڪي آهي، جڏهن ته باقي پاڻي جي نيڪالي تمام جلد مڪمل ٿي ويندي ۽ انشاالله اسان ربيع جي فصل جي پوکي ڪري سگهنداسين. ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ نوجوانن جي قتل واري واقعي تي وڏي وزير افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته تمام جلد قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته هي وقت سياست کان وڌيڪ عوام جي مدد ڪرڻ جو آهي، جڏهن ته پي ٽي آئي جي لانگ مارچ کي پنجاب حڪومت جي حمايت هوندي به اها موٽ نه ملي آهي. جڏهن ته ان کان اڳ منڇر ڍنڍ ويجهو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنر پنجاب سان گڏجي متاثرن ۾ راشن ورهايو _بعد ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنر پنجاب بليغ الرحمان سان گڏ عبدالله شاهه انسٽيٽوٽ ميڊيڪل سائنس سيوهڻ جو دورو ڪيو ۽ انسٽيٽيوٽ جا مختلف وارڊ گهمي ڏٺا ۽ مريضن جي عيادت ڪئي. جنهن بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنر پنجاب بليغ الرحمان کي ايئر پورٽ تي الوداع ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button