سنڌ

سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا لائي انٽري ٽيسٽ، پهرين مرحلي ۾ 8960 اميدوار شريڪ

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2023ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامز جي 70 کان وڌيڪ شعبن ۾ داخلائن لاءِ مرحليوار پري انٽري ٽيسٽ منعقد ٿي، جنهن جي پهرئين مرحلي ۾ 1600 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 8960 اميدوارن ٽيسٽ ۾ حصو ورتو. وائيس چانسلر محمد صديق ڪلهوڙو امتحاني عمل جو جائزو ورتو ۽ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. انٽري ٽيسٽ صبح سوا ڏهين وڳي شروع ٿي، جيڪا 90 منٽ (ڏيڍ ڪلاڪ) جاري رهي. انٽري ٽيسٽ لاءِ 1600 شاگردياڻين لاءِ بايو ڪيمسٽري، بايو ٽيڪنالاجي ۽ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر ۾ الڳ امتحاني بلاڪ قائم ڪيا ويا، جڏهن ته 7360 شاگردن لاءِ آرٽس فئڪلٽي، ماس ڪميونيڪيشن، زولاجي شعبن ۽ فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ امتحاني هال قائم ڪيا ويا. انٽري ٽيسٽ جي پهرين مرحلي جي پهرين ڏينهن سنڌ جي 14 ضلعن دادو، لاڙڪاڻو، قمبر-شهدادڪوٽ، گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، سکر، خيرپور ميرس، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ ڪراچي ۽ عمرڪوٽ کان علاوه پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخواه ۽ گلگت بلتستان صوبن جي اميدوارن حصو ورتو. انٽري ٽيسٽ شروع ٿيڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر محمد صديق ڪلهوڙي ڳالهائيندي چيو ته اڄ پهرين مرحلي ۾ 7360 شاگرد ۽ 1600 شاگردياڻيون ٽيسٽ ۾ حصو وٺي رهيا آهن، جن جو مجموعي انگ 8960 آهي. ھن چيو ته بھترين حڪمت عملي سبب ٽيسٽ پرامن طريقي سان ٿي وئي ۽ ڪو معمولي واقعو به پيش نه آيو، ھن چيو ته ٻن مرحلن ۾ ٽيسٽ منعقد ڪرڻ سان خرچن ۾ گھٽتائي اچڻ سميت اميدوارن کي گھڻي رش ٿيڻ سبب پريشانيءَ کان به بچڻ جو موقعو مليو. ھن چيو ته تازو ٻوڏ جي تباهين باوجود گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ھيل وڌيڪ اميدوارن داخلا لاءِ درخواستون جمع ڪرايون، جيڪو حقيقت ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وڌندڙ ساک تي اعتماد جو اظھار آھي. ھن چيو ته ھائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد پاران 2015ع کان ھيل تائين يونيورسٽي جي بجيٽ ۾ ھڪ رپئي جي به واڌ ناھي ڪئي، جنھن سبب يونيورسٽي بحران جو شڪار آهي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ يونيورسٽي جي بجيٽ ۾ گذريل ٻن ٽن سالن دوران ضرور واڌ ڪئي آھي پر اداري کي ھڪ ارب رپين جي سالياني بجيٽ جي کوٽ سبب وڌيڪ فنڊ جي ضرورت آھي. ھوڏانهن انٽري ٽيسٽ دوران ماس ڪميونيڪيشن، آرٽس فئڪلٽي ۽ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر سميت مختلف امتحاني مرڪزن ۾ عارضي ميڊيڪل ڊسپينسريون به قائم ڪيون ويون ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايمبولينس جو اهتمام ڪيو ويو، جڏهن ته سيڪيورٽي جو جوڳو بندوبست ڪيو ويو ۽ اميدوارن کي ٽيسٽ دوران انتهائي دوستاڻو ۽ پرامن ماحول فراهم ڪيو ويو. مختلف ڪئمپسز جا فوڪل پرسنز ۽ ڊين موجود رهيا. ڪنٽرول روم ڊين سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جي آفيس ۾ قائم ڪيو ويو. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو موجب مرحليوار ٿيندڙ انٽري ٽيسٽ جا نتيجا ساڳئي ڏينهن جاري ڪيا ويندا. ٻئي طرف اميدوارن سان گڏ ايندڙ والدين (مردن لاءِ) فاطمه جناح گرلز جمنازيم ۽ عورتن لاءِ سيد پناهه شاهه ماڊل اسڪول ۾ ويهڻ جو انتظام ڪيو ويو. واضح رهي پوائنٽ بسون حيدرآباد مان ٽائيم تي هلايون ويون، جڏهن ته شاگردياڻين لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو انتظام اسٽيشن روڊ، شاگردن لاءِ سنڌالاجي گيٽ ۽ استادن، آفيسرن ۽ ملازمن لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو گيٽ باب الاسلام رکيو ويو. ٻئي مرحلي ۾ انٽري ٽيسٽ 6 نومبر تي منعقد ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button