سنڌ

نصيرآباد جي صحافي کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

نصيرآباد جي سينيئر صحافي بشير احمد لغاري مٿان قاتلاڻو حملو ۽ ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ممتاز علي لنجواڻي، الله بخش قريشي، اعجاز علي شيخ، احمد بخش ڏيپر،رياض منگي ،نظير احمد مسڻ، غلام نبي منگي، اڪرم شيخ رستم علي لغاري، الطاف ڪانڌڙو، پير محمد شيخ، حاڪم ڪلھوڙو، حبدار نوناري، عبدالوحيد باداڻي، معشوق ڦلپوٽو، سينگار نوناري، خدابخش سانگھرو، مولانا ياسين ڪانڌڙو سميت شھرين نصيرآباد پريس ڪلب کان احتجاجي جلوس ڪڍي شھر جي مختلف رستن جو مارچ ڪرڻ بعد نصيرآباد ٿاڻي جي گيٽ اڳيان ڌرڻو ھنيو. هنن سينيئر صحافي مٿان حملي ۽ ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ھنن چيو تہ نصيرآباد قلم ڌڻي سان ايڏي وڏي واردات بعد پوليس ڪجھه نه ڪيو آھي. ايس ايچ او اگھور ننڊ ۾ ستل آھي. ننڊ پيل امن امان جي رکوالن کي جاڳائڻ لا اسان ميدان تي نڪتا آھيون. ھنن چيو ته جوابدارن جي گرفتاري تائين سخت احتجاج جاري رھندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button