سنڌ

ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي ريلي ۽ مظاهرو

ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سجاد احمد بروهي، شعيب ڊومڪي، عبدالغفور لاشاري، مهراڻ ڪلوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نادرا چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پوليس جي نااهلي سبب 3 مهينا گذرڻ باوجود قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪن عبدالغفور لاشاري جي موٽرسائيڪل واپس نه ٿي سگهي آهي. هنن چيو ته گڊو ٿاڻي جي حد پٺاڻ پاڙي مان معصوم ٻار سرفراز خان کي گهر ٻاهران کيڏندي اغوا ڪيو ويو آهي. هنن ايس ايس پي ڪشمور ۽ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪشمور ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي عبدالغفور لاشاري جي موٽرسائيڪل واپس ڪئي وڃي. ڪشمور ٿاڻي ٻاهران لڳل ڌرڻي واري هنڌ ايس ايڇ او اقتدار حسين پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري پوليس کي هڪ هفتي جو ٽائيم ڏئي ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button