سنڌ

”باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيو“ شهرين جو احتجاجي مظاهرو

باڊهه کي تعلقي جو درجو نه ملڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو. باڊهه تعلقي موومينٽ جي اڳواڻ زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ باڊھه پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي علي انور عسڪري، اصغر نوناري، عبدالله بروهي، صاحب خان سومرو، نواب پٺاڻ، سرائي سوڍو سولنگي، امين سيال، مظهر نوشاد ڦلپوٽو، عرفان ڦلپوٽو، مهراڻ راڄپر، افضل سانڀل، مور سنڌي، شڪيل ملاڻو، عابد حسين مسڻ ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته پ پ قيادت ۽ مقامي چونڊيل نمائيندا هر اليڪشن ۾ باڊھه جي عوام سان اهو واعدو ڪري ووٽ وٺي ويا ته اقتدار ۾ اچڻ شرط باڊھه کي تعلقي جو درجو ڏيارائينداسين، پر 14 سال گذرڻ باوجود پ پ حڪمرانن جو هڪ واعدو وفا نه ٿيو آهي. هنن چيو ته نااهل چونڊيل نمائيندن سبب برساتي پاڻي جو نيڪال نه ٿي سگهيو ۽ باڊھه شھر به پاڻي ۾ ٻڏل رهيو، مٿان وري امدادي سامان جي ورهاست سياسي طور ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پ پ جي من پسند ۽ منظور نظر ماڻھن کي امدادي سامان ته مليو پر اصل برسات متاثر ماڻھو امدادي سامان ۽ راشن ملڻ کان محروم رهجي ويا. هنن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن باڊھه شھر کي تعلقي جو درجو مليل هجي ها ته انتظامي نظام مقامي سطح تي مضبوط هجي ها ۽ شھر به تباهي کان بچي وڃي ها. هنن وزيراعليٰ سنڌ کان پرزور مطالبو ڪيو ته فوري طور باڊھه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button