ملڪ جي اڄوڪين حالتن جو جائزو وٺجي ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته اڄ کان ڪئين ڏهاڪا اڳ به اهي ساڳيون حالتون هيون. اهي ساڳيا مسئلا هئا، جن کي عوام منهن ڏئي رهيو هو. احتجاج ڪري رهيو هو ۽ پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ دانهين رهيو هو. پر ڇا ڪڏهن ان ڳالهه تي سوچيو ويو آهي ته اهي مسئلا جيئن جو تيئن ڇو آهن ۽ ماڻهن لاءِ مسئلن جي نوعيت تبديل ڇو ناهي ٿي. گذريل 14 سالن کان سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي ۽ وفاق ۾ ٻيو ڀيرو نواز ليگ جي حڪومت هلي رهي آهي پر ماڻهو جنهن رليف جي گهر ڪن ٿا، اهو رليف عوام کي ڪونه ملي سگهيو آهي ۽ نه ئي ان رليف جي ڪا اميد نظر اچي رهي آهي. اهڙي ريت عام معاملا جيڪي بنا ڪنهن رنڊڪ يا پريشانيءَ جي حل ٿيڻ گهرجن، اهي حل نه ٿي رهيا آهن. عوام جي پريشانين ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رهي آهي. بنيادي سهولتن کان عوام، شهر ۽ علائقا وانجهيل لڳي رهيا آهن. جنهن ڪري نه رڳو عوام جي حالت بهتر ناهي پر شهرن جي حالت ۾ به سڌارو ڪونه آيو آهي. جيڪڏهن هيترن سالن ۾ چونڊيل نمائندا پنهنجي انتظامڪاريءَ کي بهتر نه ڪري سگهيا آهن ته اها عوام جي ڪوتاهي ناهي بلڪه اها انهن چونڊيل نمائندن جي ڪوتاهي آهي، جيڪي هيتري وقت ۾ عوام لاءِ ڪي بهتر فيصلا نه ڪري سگهيا آهن. جڏهن ته چونڊيل نمائندا ان وعدي سان ئي اقتدار ۾ ايندا رهيا آهن ته اهي عوامي مسئلن کي حل ڪندا، عوام جي هر مطالبي کي ٻڌي ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. ملڪ مان ٻيروزگاري ۽ غربت جو خاتمو ڪندا، جڏهن ته انهن وعدن تي عمل هن وقت تائين ڪونه ٿي سگهيو آهي. نتيجي ۾ نه رڳو عوام کي هر حوالي سان ڀوڳڻو پيو آهي پر ان کي سياستدانن کان به نفرت ٿي وئي آهي.
جيڪڏهن رڳو سنڌ جي ڳالهه ڪجي ته اقتدار جون واڳون پيپلز پارٽي وٽ آهن. هاڻوڪي ٻوڏ دوران به اسان ڏٺوسين ته ڪهڙي ريت مس منيئجمينٽ ڪئي وئي هئي، جنهن ڪري ماڻهن کي گهڻو ڀوڳڻو پيو، اهي دربدر ٿيا، انهن جا فصل ٻڏي ويا، ڪاروبار تباهه ٿي ويا ۽ کين پنهنجا اجها ڇڏي روڊن تي وقت گذارڻو پيو. پر اهڙي حالت ۾ به اهي پنهنجو وقت ڪٽيندا رهيا ۽ هاڻ ته حالت اها آهي جو اهي پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن واپس وڃڻ ٿا چاهين. حڪومتي دعوائن موجب ٻوڏ متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ڪري انهن جي واپسي هاڻي ممڪن ٿي سگهي ٿي. ان ڳالهه ۾ ڪيتري سچائي آهي، ان جي خبر ته تڏهن پوندي جڏهن ٻوڏ متاثر پنهنجن پنهنجن علائقن ڏانهن ويندا ۽ اتي پهچي صورتحال جو جائزو وٺندا. ملڪ ۽ عوام سان لاڳاپيل جيڪي به معاملا آهن، اهي سڀ چونڊيل نمائندن کي حل ڪرڻا آهن. انهن جي ڪوششڻ سان ئي اهي معاملا حل ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن اهي عوامي معاملن کي به حل ڪرڻ جي صلاحيت نٿا رکن ته پوءِ کين حڪومت ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي. رڳو گذريل چئن سالن جو جائزو وٺجي ته ملڪن کي ڪيترا بحران ڏسڻا پيا آهن، هڪڙا بحران ته سياسي آهن، جيڪي سڌي اڻ سڌي ريت عوام تي اثرانداز ٿين ٿا. پر ٻيا اهڙا بحران آهن، جن ۾ عوام جي حالت بنهه گهڻي خراب ٿي ويندي آهي. مثال طور هن وقت ملڪ ۾ دوائن جي کوٽ جو بحران هلي رهيو آهي. دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنيون پنهنجي مرضيءَ جا اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ حڪومت کي بليڪ ميل ڪري دوائون جي تياري بند ڪري چڪيون آهن. ان کان سواءِ اٽي جو بحران آهي. اٽي جي بحران سبب عوام مهانگو اٽو وٺي رهيو آهي. جڏهن ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ ڪڻڪ پيدا ڪرڻ ۾ به پاڻڀرو آهي. پر تنهن هوندي به ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ ۽ اٽي جو بحران جاري رهندو پيو اچي.
اسين سمجهون ٿا جيڪي مسئلا به عوام سان لاڳاپيل آهن، انهن کي ترت حل ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ان حوالي سان جيڪڏهن چونڊيل نمائندا ڪي عذر پيش ڪن ٿا ته پوءِ اهي ڪم ڪرڻ يا مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. جڏهن ته مسئلن جي نوعيت ڪنهن به ريت اهڙي ناهي جو اهي حل نه ٿي سگهندا هجن. تنهنڪري عوامي سطح جي مسئلن کي حل ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي.