ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تقليد پسندي، ذهني غلامي ۽ لطيف جو فڪر

Editorial-Article-Waheed Chandeo

غلامي سڀني خراب حالتن ۾ وڌيڪ خطرناڪ حالت آهي. اِها ايترو ته خطرناڪ آهي جو ڪنهن به فردَ، گروهه، قبيلي ۽ قومَ جي تباهي جو مکيه ۽ بنيادي ڪارڻ بڻجي ٿي. غلامي جي سڀني صورتن ۾ وري ذهني غلامي واري صورتحال سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ ٿئي ٿي. ذهني غلامي مان مراد آهي، ڪنهن به شئي، ڳالهه ۽ حڪم کي بنا ڪنهن للڪار جي، بنا ڪنهن سوچڻ لوچڻ جي، بنا ڪنهن سوال ڪرڻ جي، ڊپ ۽ خوف وچان ۽ انڌي تقليد ڪندي قبول ڪرڻ. غلامن کان جسماني پورهيو ته انساني قوت برداشت کان وڌيڪ ورتو ويندو رهيو آهي ۽ کين کائڻ لا پيٽ جي ضرورت کان گهٽ ڏنو ويندو رهيو آهي. اهڙي جُٺِ اڪثر ڪري مفتوح قومن سان ٿيندي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته زرخريد غلام ۽ فاتح هٿان مفتوح بڻجي ويل ماڻهو پنهنجي آقا ۽ فاتح جي ڪنهن به ڳالهه ۽ حڪم جي انحرافي ناهن ڪري سگهندا. اها صورتحال، خراب صورت تڏهن اختيار ڪري وڃي ٿي، جڏهن اها ذهني غلاميءَ جي عروج تي پهچي وڃي ٿي. ذهني غلاميءَ کي صرف تنقيدي شعورَ ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو، تنقيدي شعور فلسفي کانسواءِ ممڪن ئي ڪونهي. مان سمجهان ٿو ته سنڌ اندر ذهني غلاميءَ جي موذي مرض کي لطيف جي شاعراڻي فڪر ۽ فلسفي ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڪن حالتن ۾ جيڪا ڳالهه واضح لفظن ۾ نه ٿي ڪري سگهجي اها شاعريءَ ذريعي ڪري سگهجي ٿي. شاعرن تمام وڏيون ڳالهيون تصوراتي ۽ علامتي ٻوليءَ (شاعريءَ) ذريعي ڪيون آهن. لطيف بنيادي طور تي هڪ شاعر هيو، تنهنڪري هُن به علامتي استعارن کان ڪم ورتو آهي. لطيف شاعريءَ ذريعي هر قسم جي غلاميءَ خلاف علم بلند ڪندي نظر اچي ٿو. جيئن هيٺيان بيت اهو ظاهر ڪن ٿا ته لطيف سائين کي غلاميءَ کان ڪيتري نفرت هُئي؛

“جي فارسي سکيو، گولو توءِ غلامَ،
جو ٻَڌو ٻِن ڳالهئين، سو ڪيئن چائي ڄامَ،
اُڃيو تان آبَ گهري، بُکيو تان طعامَ،
ايءَ عامنَ سندو عامَ، خاصنَ منجهان نه ٿئي.”

سنڌ ۽ سمورن بيٺڪي ملڪن اندر اڄ به اهو تصور ڪيو وڃي ٿو ته جنهن ماڻهوءَ کي سٺي انگريزي اچي ٿي ۽ فر فر انگريزي ڳالهائي ٿو، ان جهڙو هوشيار ۽ علمي ماڻهو خطي ۾ ٻيو ڪير ڪونهي. اهو انهن ماڻهن جو ڏوهه به ناهي ڇاڪاڻ جو بيٺڪي نظام اندر غلام بڻجي ويل قومن جي فردن جي سوچَ ان نوعيت جي ٿئي ٿي، لطيف سائينءَ جي دور اندر به اها حالت ڪار فرما هُئي. ان دور ۾ فارسي ائين ئي مقبول هُئي جيئن اڄ انگريزي آهي. پر لطيف ان کي ڪونه قبوليو ۽ سنڌي زبان ڇڏي ڪري فارسي زبان ڳالهائڻ ۽ فارسي زبان سکڻ توڙي فارسيءَ ۾ لکڻ کي غلامي واري صورتحال ڪوٺيو آهي.
پنهنجي وطن ۽ اتان جي رهاڪن سان محبت کي لطيف ايمان جو حصو سمجهي ٿو (ايمان مان مراد روايتي ايمان ناهي پر لطيف وٽ ايمان هڪ اهڙي آدرش جو نالو آهي، جنهن کان بنا انسان اڌورو آهي ۽ اهو آهي ماڻهوءَ اندر پنهنجي اصولن ۽ پنهنجي ڳالهين سان سچو ۽ وفادار رهڻ). تڏهن ته هيٺين شعر ۾ لطيف ساڳي صورتحال کي ڪجهه هن ريت بيان ڪري ٿو؛

مارو، مٽ ملير جا، ساريم سڀيئي،
“حب الوطن من الايمان” اندر ۾ ايهي،
پکن ۾ پيهي، شال محلن جي مر ڌئان.

پنهنجي وطن سان محبت غلاميءَ سان نفرت جو هڪ اعليٰ مثال آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪو پنهنجي وطن سان محبت ڪري ٿو، ظاهر آهي ان کي پنهنجي وطن ۽ ماڻهن جي غلامي موت کان وڌيڪ بدتر لڳي ٿي. انهن ماڻهن جا خيال ايترا ته پختا آهن جو هو موت قبولين ٿا پر غلامي قبول نه ٿا ڪن. اهڙا خيال رکندڙ ماڻهن جي لطيف سر مارئي اندر هيٺين شعر ذريعي تصوير چِٽي آهي؛

“واجھائي وطن کي، آءٌ جي هِتِ مُياسِ؛
گورَ مُنهِنجي سُومِرا! ڪَجِ پَنوَهارنِ پاسِ؛
ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيهَه جِي، مَنجھان وَلِڙِيُنِ واسِ؛
مُيائِي جياسِ، جي وَڃي مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.”

ماڻهوءَ کي غلام بنائيندڙ صرف فاتح ناهن هوندا پر انهن پاران ڇڏيل ڄئورون (سامراج پاران نئين بيٺيڪت Neo-colonalism ذريعي پنهنجا ايجنٽ ويهاري ڇڏيا آهن، ظاهري طور تي پاڻ آزاد آهيون پر حقيقت ۾ اسان کي پنهنجن ايجنٽن ذريعي ٻاهران ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو) پڻ سماجي غلامي جو سبب بڻجن ٿيون. اُهي ڄئورون مختلف مُنهنَ سان سماجَ اندر گهمنديون ڦرنديون رهن ٿيون. اها ماڻهوءَ وٽ وطن سان محبت هوندي آهي ۽ لازم طور تنقيدي شعور هوندو آهي جيڪو کيس انهن ڄئورن مان ڇوٽڪاري لا سوچڻ تي مجبور ڪندو آهي. بلڪل اهڙيءَ طرح ٻين غلامين وانگي مذهبي غلامي انسان کي اعتقاد پسند ڪري ڇڏي ٿي، کيس تنقيدي شعور کان پاسي ڪريو ڇڏي. غير عقلي ۽ تقليديت پسندي اندر رهندڙ ماڻهو ذهني غلام مريض ۽ ذهني صلاحيتن کان مفلوج بڻجي وڃي ٿو. هُو شين، عقيدن، ڪرامتن، پڙ باسڻ ۽ چلا ڪاٽڻ جي تصورن کي بنا ڪنهن تنقيدي ڇنڊڇاڻ جي عقيدي جي دائرن اندر جيئن جو تيئن قبول ڪري ڇڏي ٿو. اهڙن سماجن اندر پير پرستيءَ ۽ انڌي تقليد کي سمجهڻ لا نه ڪا تحقيق نه ئي معلومات گڏُ ڪئي وڃي ٿي، بس اگر ڪنهن ٻه ڪتاب پڙهيل ۽ هڪ ٻه مضمون لکندڙ ماڻهوءَ، ملان، پادري، رشي ۽ پنڊت جيڪو ڪجهه چئي ڇڏيو ته ائين ئي هوندو واري رويي تحت قبول ڪري ڇڏڻ.

سر مارئي ۾ اهڙي ذهني غلاميءَ واري ڪيفيتن اندر رهندڙ ماڻهن لا لطيف ڪمال جي ڳالهه ڪئي آهي.

“ڌُرِيان ئِي ڌارَ، جي وَڍي وَڻَ جُدا ڪِيا،
تِنِ سُڪَنِ ڪَھِڙِي سارَ، ڪہ اُٺا مِينھَن مَليرَ ۾؟”

مطلب ته جن وڻن کي سندن پاڙ ۽ وجود کان ڪپي ڌار ڪيو ويو هجي،(انسان جي وجود جو سڀَ کان اهم حصو سندس ذهن آهي جنهن کي استعمال ڪندي انسان تمام وڏيون منزلون طئه ڪيون آهن، تنهنڪري انسان جي ترقي ۽ وجود جي بچاءَ جون پاڙون سندس تنقيدي شعورَ ۾ کُپيل آهن) تن سُڪي ويل وڻن کي ڪھڙي سُڌ پوندي ته ملير ۾ به ڪي مينھن پيا آهن؟
اهڙن تقليد پسند ماڻهن کي سمجهائڻ به پنهنجو پاڻ ۾ انقلاب کان گهٽ ڪونهي ڇاڪاڻ ته انقلابي تحريڪن کان پهرين اوهان کي انقلابي سوچَ رکندڙ فردن جي ضرورت پوي ٿي. ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جن کي ڪيترو به سمجهائجي پر سندن وائيءَ ۾ ڪو بدلا ڪونه ايندو آهي. اهڙن ماڻهن لا لطيف ڪمال جون ۽ معنيٰ خيز سٽون ڪتب آنديون آهن؛

چانگي چَئي چُڪياسِ، مَٿان اَڪَ نه اُلھي،
جِنهِن وَلِ گَهڻا وِھاٽِئا، اُنَ سِين آر لَڳِياسِ،
چوڌاري چَندَنَ وَڻَ، پَچِي پُوڄَ پِياسِ،
رئاري رَتُ ڪِياسِ، ھِنَ ڪُڌاتُوري ڪَرَھي.

مان پنھنجي اُٺَ کي چئي ۽ سمجهائي ٿڪجي پيو آھيان پر ھُو اَڪ جا پَن ۽ ٽارِيُون کائڻ کان مڙڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي، (جيڪي اُٺ لا تمام گهڻا نقصانڪار آھن). جنھن وَلِ يا ٻوٽي گهڻن کي ڪم کان ويهاري ڇڏيو ۽ کين سخت نقصان پھچايو آھي، ھِنَ اٺ جو فقط اُن سان وڃي پيار ٿيو آھي. جڏھن ته سندس چوڌاري گهڻا ئي چَندَنَ جا وَڻَ (جن جا پَنَ ھِنَ لا فائديمند به آھن ۽ ھن کي پسند به اچڻ گهرجن) تيار بيٺا آھن. ھن ڪميڻي اُٺَ ته مونکي رَتُ روئاري ڇڏيو آھي.
هن شعر ۾ دراصل اُٺ آهي اهو انسان جيڪو عقل کي ڇڏي تقليد جو پاسو وٺي ٿو ۽ اڪُ اهو غير عقلي عقيدو آهي جيڪو کيس ذهني طور معذور ڪري ڇڏي ٿو ۽ چندن اهو علمي، عقلي ۽ فڪري نظريا آهن جيڪي سندس چوڌاري آهن پر اهو بي عقل انهن جي ويجهو وڃي ئي نه ٿو.
ڦِلاڻي هيئن چيو ڦِلاڻي هونئن چيو، ابا! انهن ته ائين چيو پر توهان جي پنهنجي تنقيدي ڇنڊڇاڻ انهن بابت ڇا ٿي چوي؟ انهن جي ڪيل هٿ ٺوڪين ڳالهين تي اوهان پنهنجو ڪيترو مٿو کپايو آهي؟ درست ڇنڊڇاڻ ڪئي به آهي يا نه؟ پنهنجي تحقيق مطابق ڇا ٿا چئو؟ اوهان جي انهيءَ معاملي ۾ ڪهڙي قسم جي تحقيق آهي؟ انهيءَ شڪ، سوال ڪرڻ واري عمل ذريعي ڪيل تحقيق جي مرحلي کي تنقيدي شعور چئجي ٿو. اسان وٽ تحقيق نالي ڪا شئي ڪونهي اسين شين کي جيئن جو تيئن قبولڻ جا عادي بڻجي ويا هون ڇاڪاڻ جو انهن ڪمن ۾ ڪا تڪليف ناهي ۽ ڪائي تحقيق ڪرڻي نه ٿي پوي. تحقيقي ڪم ۾ محنت ۽ وقت درڪار آهي ۽ پاڻ وٽ سٺن ڪمن لا وقت آهي ئي ڪونه.
جيئن ڪنهن لوهه جي شئي کي لڳل ڪٽُ لاهڻ لا روات جي ضرورت هوندي آهي، تيئن ئي تعليم ماڻهن جي ذهنن مٿان چڙهيل ڪٽُ کي لاهڻ لا روات جو ڪم ڪندي آهي. ڇاڪاڻ ته تعليم انسان کي تنقيدي شعورَ سان سرشار ڪري ٿي ۽ تنقيدي شعور ئي سماجن جون تقديرون (هتي تقدير مان منهنجو مقصد ڪنهن مافوق الفطرت هستيءَ پاران جوڙيل تقدير ناهي، پر تقدير مان منهنجو مقصد سامراجي سرمائيدارڻي نظام اندر انسان جي ٺاهيل تقدير متعلق آهي) تبديل ڪري ٿي. سامراجي سرمائيداراڻي نظام اندر علم جي حيثيت صرف ۽ صرف مال ڪمائڻ جي حد تائين وڃي بچي آهي. سرمائيداري نظام اندر علم ڏانهن رويو ناڪاري ۽ رجعت پسنداڻو آهي، تنهنڪري پاڻ جنهن تنقيدي شعورَ ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهيون اهو صرف ۽ صرف ترقي پسند ليکڪن جي لکڻين اندر ملي سگهي ٿو. لطيف سائينءَ جي شاعريءَ اندر علم ڏانهن رويو ترقي پسنداڻو رهيو آهي. هن ماحول ۾ جتي سنڌ جي وڏن تعليمي درسگاهن اندر انتها پسنديءَ جو ٻج ڇٽڻ جي انتهائي خطرناڪ ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button