ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

“ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو، مٿو اگهاڙو”

Editorial-Article-Suleman Dahri

هيءَ ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ زرعي صوبو ليکيو وڃي ٿو. عوام جي اڪثريت جو ڪاروهنوار زراعت تي آھي. جيتوڻيڪ زراعت ۾ مشينري گهڻي اچي وئي آھي. ڳاهه ۽ واٽر جي جاءِ تي ٿريشر، ڍڳن جي هر ۽ ڪيڻ جي جاءِ تي ٽريڪٽر، پوکائي ۽ ڪٽائيءَ جون مشينون. کيت مزدور به ڪافي حد تائين هاريءَ جي جڳھه والاري ڇڏي آھي. جديد زرعي اوزارن جي ڪري جسماني پورهيي ۾ آساني ٿي آھي. ڪوڏر سان کاٽي ۽ گُڏ جي جاءِ تي به مشينري اچي وئي آھي. اڌ تي ڪم ڪندڙ ھارين جي جاءِ تي چوٿڙيا سرڙيا هاري ۽ معاوضي تي مزدوريءَ جو رواج وڌيو آھي. پر سوال اهو آھي ته ايتري تبديليءَ جي باوجود هارپ ۽ مزدوريءَ تي ڪم ڪندڙ ھاري پورهيت جي سماجي زندگيءَ تي ڪهڙو اثر ٿيو آھي؟ ڪو سڌارو ڪو واڌارو ٿيو آهي يا اڳي وانگر ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگھه. بنيادي ڳالهھ رواج ۽ نظام جي آھي. مسڪين پورهيت هاري سندس خاندان، اولاد ۽ ٻار ٻچا غلام در غلام آھن. هو پيدائشي طور ڄاوا نپنا ئي ڪنڌ ھيٺ ڪري هلڻ لاءِ آھن. ڪپڙا ڦاٽل تن تي پاتل ليڙون ليڙون پوتي، انگ اگهاڙا ٻارڙا، ڪکاوان گهر ۽ ڀونگيون، پيٽ بکايل. نه کاڌو نه لٽو ڪپڙو. نه اجهو نه گهر گهاٽ. نه پنهنجي مالڪيءِ جي رهڻ جي جاءِ. جڏهن به لڏائڻ ۽ ٽپڙ کڻائڻ تي اچن ته لڏائي ڇڏين. بيدخل ڪن.
جس کيیت سي دہقان ڪو میسر نه روزي
اس کيیت ڪي ہر گوشه گندم ڪو جلا دو
سندن حاضريون کپنديون، هٿ ٻڌي سائين سائين ڪجي. ووٽ ڪهڙي حالت ۾ به کپي. باقي ٻين ڳالهين سان ٻڌل ڪونه آهن. سماج ۾ پاڻ هرتو بادشاهي ڇانيل آھي. جيڪي هتي اسان وٽ پاڻيءَ جو گلاس پيئڻ لاءِ به هلاک آھن، اھي ساڳيا ٻاهرين ملڪن ۽ وڏن شھرن ۾ قطارن ۾ بيهي سڀ ڪم پاڻ ڪن ٿا. هتي پورهيت هارين جي ڪابه مرضي نه ٿي هلي سگهي. ننڍي کنڊ ۾ ھندستان جي ورهاڱي کان اڳي هاري ڪميٽي ٺھي. تنهن دوُر جي اُڀار ۾ طاقتور سياسي سگھه رکندڙ ھاري پارٽي اڀري آئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪامورڪي ڪرسيءَ کي لت هڻي هارين جي حقن لاءِ آواز اٿاريو. هن ۽ سندس ساٿين جي جدوجهد رنگ لاتو ۽ نيٺ 1950ع ڌاري ٽيننسي ايڪٽ ٺھيو. جڏهن ته ان وقت نوابشاهه جي ڪليڪٽر مسعود کدرپوش جي هارين بابت رپورٽ کي چئن سالن تائين لڪائي 1954ع ۾ پڌرو ڪيو ويو. جيڪڏهن اها رپورٽ ٽيننسي ايڪٽ ٺھڻ کان اڳ ۾ پڌري ٿئي ها ته ٽيننسي ايڪٽ وڌيڪ واضح ۽ هارين جي حقن لاءِ سڀ طرفو ضمانت جوڳو ٺهي سگهي ها. اهوئي سبب آھي جو ٽيننسي ايڪٽ فقط هاري مسئلن کي بيان ڪرڻ جي حد تائين رهيو. جڏهن ته حقن جي حفاظت ۽ پورائي جو ضامن بڻجي نه سگهيو. ٽيننسي ايڪٽ ۾ ڏنل محدود حقن جي عملي حاصلات به نه ٿي سگهي.
هن رپورٽ مان واضح آھي ته ورهاڱي کان اڳ ۾ هارين جي پارٽي سياسي طور طاقتور ٿي اُڀري هئي. ايتري قدر جو اسيمبلي ٽڪيٽون ورهائڻ ۽ اليڪشنون کٽڻ جي پوزيشن حاصل هئي. ٽيننسي ايڪٽ ھجڻ جي باوجود پورهيت هاري پنهنجي حقن جي حاصلات يا گهر ڪري سگهڻ کان لاچار رهيو. عزت ۽ ننگن جي عدم تحفظ سبب ماٺ جون مهرون لڳل رهيون. جيڪڏهن ڪنهن آواز اٿاريو ته ڪوڙن ڪيسن ۾ ٽنگجي ويندو. سندن مسئلن کي عدليه ۾ کڻي وڃڻ بدران اختيار انتظاميه روينيو آفيسرن کي ڏنا ويا. ٽيننسي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي هارين جو ريڪارڊ ۾ داخلا جو نالو نشان نه رهيو. ڇيڙ بيگر کي جائز قرار ڏنو ويو.
اتفاق اهڙو ٿيو جو هڪ هاري غلام علي لغاري پاران روينيو آفيسر جي فيصلي کي وڪيل معرفت آئيني پٽيشن ذريعي سال 2016ع ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ حيدرآباد ۾ چئلينج ڪيو. هن پٽيشن جي ٻڌڻي 2019ع ۾ ٿي. ڪورٽ پٽيشنر جي وڪيلن علي احمد پلھه، عبدالستار سرڪي سميت ٻين سينيئر وڪيلن جهمٽ ڄيٺانند، نورالحق قريشي، سليمان ڏاهري ۽ راجا جواد ساهڙ کي به ڪورٽ جي مددگار طور مقرر ڪيو. قانوني ماهرن جي قيمتي راين جي روشنيءَ ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهيءَ ۾ ڊويزنل بئنچ 60/ 62 صفحن تي ٻڌل آڪٽوبر 2019ع ۾ تاريخي فيصلو ڏنو.
ھن ججمينٽ ۾ ملڪي قانون ۽ آئين سان گڏوگڏ دنيا جي مختلف ملڪن، اسلام ۽ ٻين مذهبن، انساني ڀلائيءَ جي نظرين، خاص طور تي گڏيل قومن جي 2012ع ۽ 2016ع جي هاري پورهيت مزدورن جي بنيادي حقن لاءِ پاس ڪيل تفصيلي قراردادن دنيا جي ملڪن مٿان انهن تي عمل ڪرائڻ جو پابند بنائڻ ۽ اهڙي روشنيءَ ۾ ٽيننسي ايڪٽ ۾ سڌارا ۽ واڌارا ڪرڻ لاءِ مقرر مدي ۾ حڪومت کي قانونسازي ڪرڻ لاءِ فيصلو ڏنو ويو. جنهن موجب: هارين ڏانهن رويو، بنيادي حقن جي ضمانت، اوچتو بيدخليءَ جي روڪٿام ۽ بيدخليءَ جي حالت ۾ معاوضو، تعليم جي ضمانت، انصاف جي حاصلات لاءِ عدليه جو آسان نظام، صحت جي ضمانت، ٻارن جي تعليم، عورتن کي تحفظ، ايڪسيڊنٽ جي حالت ۾ فوتگيءَ جو معاوضو، نياڻين جي شادين جو بندوبست ۽ خرچ وغيره متعلق عملي اپائن لاءِ مختصر مقرر مدت ۾ قانونسازي ڪرڻ.
هن فيصلي تي فوري طور عمل ڪرڻ بدران سنڌ حڪومت پاران ان کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو.
هاڻ ھينئر ويجهڙائيءَ ۾ ڪجھه مهينا اڳ هارين جي حقن جي ڳالهھ ٿي. ھاري مارچ، ٽريڪٽر مارچ ٿيو ۽ اڃان اڳتي به ٿيندو. ان ڳالهھ مان واضح آھي ته هارين پورهيتن جي معاشي سماجي حالت انتهائي پسمانده ۽ بدحاليءَ واري آھي. وس وارن توڻي شاهوڪار طبقي وارن جيڪڏهن اهو آواز اٿاريو آھي ته پوءِ ان کي حقيقي روپ ڏيارڻ لاءِ هارين جي ڀلائيءَ ۾آيل هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ کي واپس وٺي ترت قانونسازي ڪري عمل ڪيو وڃي. ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي ڀلي نه چئبي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button