ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اڻپورو انصاف

Editorial-Article-Aijaz Mangi

لطيف لکيو آ:

“نه ڪنهن ماريا جنگ ۾، نه ڪنهن سور ٻري

روئان ڪيئن ڪري؟ مادر ملاحن کي؟”

سنڌ جا ٻه نوجوان ڳڀرو جيڪي لٺين ۽ پٿرن سان ڪٽي قيمو ڪيا ويا، انهن جون وڊيوز ڏسي ڏيل ڏري رهيو آهي. اهو ڪجهه رات جي انڌيري ۾ نه پر ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ٿيو آهي. هو جيڪي هڪ موبائل ڪمپنيءَ جا ملازم هئا. هو جيڪي ڪمپنيءَ جي هدايت تي “مڇر ڪالوني” ۾ سگنل چيڪ ڪرڻ ويا هئا. انهن جي ساهن جا سگنل سيمينٽ جي بلاڪن ۽ ڏنڊن سان اهڙا جيم ڪيا ويا جو اهي وري ڪڏهن به ريڪور Recover ٿي نه ٿا سگهن.

ايمن جاويد ۽ نثار پنهور سان پيش آيل ڪلور کي ڏسندي صرف اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ اهڙو ڪلور ٿي سگهي ٿو؟ هن شهر ۾ اڳ به ڪيترائي واقعا رونما ٿيا آهن. جڏهن خلق ڪنهن ڦوروءَ کي ڦر ڪندي پڪڙيندي آهي ته انهن سان ڀيانڪ سلوڪ ڪندي آهي پر هي ته ٻيئي معصوم هئا. هو ٻيئي پنهنجي ڊيوٽي ڏيڻ ويا هئا. انهن سان اهڙي وحشت وارو واقعو ڇو پيش آيو؟

جنهن وقت جاويد ۽ نثار پنهنجي جان بچائڻ جي لا دانهون ڪري رهيا هئا، ان وقت پوليس ڇا پئي ڪيو؟ اهو واقعو پوليس جي موجودگيءَ ۾ پيش آيو آهي. ڇو ته جنهن وقت معصوم نوجوانن جي مٿان وحشي وار ٿي رهيا هئا، ان وقت پوليس موجود هئي پر انهن مڇريل هجوم کي هٽائڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه نه ڪيو. ڇو نه ڪيو؟ ڇا ان سوال جو جواب آهي؟ سنڌ سرڪار وٽ!! جيڪڏهن پوليس جي تربيت ٺيڪ هجي ها ۽ جيڪڏهن انهن کي هدايتون مليل هجن ها ته ڪنهن به طرح سان هو مظلوم نوجوانن کي بچائڻ جي سلسلي ۾ ڪو ڪردار ادا ڪن ها. پر اڪثر طور تي اهو ڏٺو ويو آهي ته پوليس اهلڪار ڪنهن به جرم جي موقعي تي مزاحمت نه ڪندا آهن. انهن جو خيال هوندو آهي ته جيڪڏهن ڪجهه ٿي پيو ته انهن جي مٿان ڪا مصيبت اچي ويندي. مڇر ڪالونيءَ واري واقعي ۾ ته پوليس جو ڪردار ان حد تائين لاپرواهيءَ وارو آهي جو ٻن نوجوانن جي قتل ٿيڻ بعد ٻن ڪلاڪن کان بعد ۾ پوليس پهتي آهي.

سنڌ سرڪار جو سخت احتساب ان حوالي سان به ٿيڻ گهرجي ته ان واقعي جي باري ۾ سنڌ جي عوام کي آفيشل تفصيل پيش نه ڪيو آهي ته آخر اهو واقعو ڪيئن پيش آيو ۽ ان واقعي ۾ ڪير ملوث آهي ۽ ڪهڙي طرح ان قسم جي واقعن کي مستقبل ۾ ڪهڙي ريت ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو؟ سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ ڪجهه به نه ڪيو آهي. صرف پنهنجي جان ڇڏائڻ جي لاءِ حڪومت مقتولن جي لاءِ پنجاهه پنجاهه لکن جو اعلان ڪيو آهي. ڇا اهو اعلان انصاف آهي؟ امداد جو اعلان ڪنهن به طرح سان انصاف ٿي نه ٿو سگهي. مقتول ۽ مظلوم نوجوانن جي وارثن کي امداد به گهرجي پر انهن کي امداد کان اڳ ۾ انصاف گهرجي. ڇو ته امداد انصاف جو نعم البدل ناهي. ۽ نه ٿي سگهي ٿي.

هن ملڪ ۾ اها گندي روايت جڙ پڪڙي چڪي آهي ته جڏهن به ڪو وڏو ڪلور ٿئي ٿو، تڏهن حڪومت ڪجهه لکن جو اعلان ڪري پنهنجي جان آجي ڪري ٿي. ان کان پوءِ انصاف جي سلسلي ۾ ڪجهه به نه ٿو ڪيو وڃي. حڪومت سمجهي ٿي ته اهو ئي انصاف آهي. جڏهن ته امداد انصاف ناهي. امداد انصاف جو صرف هڪ معمولي حصو آهي ۽ بس. مظلومن کي مڪمل انصاف تڏهن ملي سگهي ٿو، جڏهن انهن جا قاتل فوري طور تي گرفتار ٿين. انهن ظلم جي پوري ۽ گهري ۽ اڻ ڌري جاچ ٿئي. ان جا سبب معلوم ٿين. قاتلن کي قانون مطابق سزا ملي. ان ڏوهه ۾ حڪومت ۽ انتظاميه جو جيڪو به حصو هجي، ان کي به قانون مطابق سزا سان توازن ۾ آندو وڃي. مقتول شخص جي خاندان لاءِ مناسب گذر سفر جو رستو ٺاهڻ ۽ انهن جي ٻارن جي تعليم ۽ صحت جو ڪو معقول ۽ مستقل حل پيش ڪرڻ ۽ ان کان اهو تمام اهم آهي ته سرڪاري سطح تي اهڙا اپاءَ وٺڻ جنهن ايندڙ وقت ۾ ان قسم جا واقعا پيش نه اچن.

هيءَ حڪومت پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ٻڌائي ته هن مهل تائين ان امداد جو اعلان ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ان ڪجهه به ڪيو آهي ته ان جا تفصيل سنڌ جي عوام آڏو هن مهل تائين پيش ڇو نه ٿيا آهن؟ صرف امداد جو اعلان ڪرڻ سان سنڌ سرڪار پنهنجي فرضن کان آجي نه ٿيندي. ان ڏس ۾ هن کي گهڻ طرفيون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هن مهل تائين اهڙي ڪا طاقت ناهي، جيڪا حڪومت کي دٻاءَ هيٺ آڻي، هن کي سڌي رستي تي هلڻ لاءِ مجبور ڪري. سوشل ميڊيا جو زور به هڪ حد تائين هلي ٿو. ان سبب حڪومت جيترو ڪرڻ چاهي ٿي، ايترو ڪري ٿي. پر اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته سوشل ميڊيا جو دٻاءُ ايترو شديد ناهي جو حڪومت تمام گهڻي پريشر ۾ اچي اهو ڪجهه ڪري، جيڪو ڪجهه هن کي قانون ۽ آئين جي حوالي سان ڪرڻ گهرجي. سوشل ميڊيا جو شور هڪ ته وقتي هجي ٿو ۽ ٻيو ته اهو غيرعملي آهي. ان ڪري ان سان حڪمرانن کي پنهنجيون ڪرسيون لڏنديون محسوس نه ٿيون ٿين. جيڪڏهن حڪومت جي مٿان ان سوشل ميڊيا جو دٻاءُ واقعي ڪارگر هجي ها ته هوند تمام گهڻا اهم معاملا حل ٿي چڪا هجن ها. پر حڪومت جون پنهنجيون ترجيحون آهن. حڪومت جا پنهنجا مفاد آهن. سوشل ميڊيا جي حوالي سان اها به شڪايت آهي ته ان ۾ هر اشو مخصوص وقت تائين جيئرو رهي ٿو. جڏهن ٻيو اشو اچي ٿو ته پراڻو اشو ڪل پن وانگر ڇڻي ڪري پوي ٿو. اسان پنهنجي ويجهي وقت ۾ تمام گهڻا شدت ڀريا اشوز ڏٺا پر اسان کي اهو به نظر آيو ته ڪجهه وقت بعد اشوز سوشل ميڊيا کان وسري ويا. سوشل ميڊيا ڪنهن به مسئلي کي مستقل طور تي کڻي ان کي حل تائين پهچائڻ ۾ يقين نه ٿي رکي. سوشل ميڊيا آئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن نئين اشو جي تلاش ۾ رهي ٿي. اهوئي سبب آهي ته سوشل ميڊيا جن اشوز کي کنيو، اڄ اهي اشو ڪهڙي حال ۾ آهن؟ انهن طرف هن ميڊيا مڙي منهن به نه ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا پاڻ تڪڙي آهي. اها اشو کڻڻ ۾ به تڪڙي آهي. اها اشو ڇڏڻ ۾ به تڪڙي آهي. هيءَ ميڊيا پنهنجي اندر مان پيدا ٿيل دٻاءَ تي هلي ٿي ۽ اها ڪنهن به وقت ڪنهن اهم ترين اشو کان ائين هٿ ڪڍي ٿي وڃي، ڄڻ ته ان سان هن جو ڪو تعلق ئي نه هو. هن مهل به جيڪڏهن اسان ياد ڪيون ته تمام گهڻا اشوز اٿيا پر انهن سان سوشل ميڊيا گهڻي وقت تائين ساٿ نه ڏنو. ان جي نتيجي ۾ اهي اشوز تمام گهڻا غلط طريقي سان گم ڪيا ويا. سوشل ميڊيا تي هن مهل ڪراچيءَ ۾ قتل ٿيل نوجوانن جو ڪيس شدت سان انصاف جو طلبگار آهي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هن مهل تائين سوشل ميڊيا اشو جي تهه تائين پهچڻ جي ڪا به ڪوشش نه ٿي ڪري. اها صرف ڇاڇر ۾ ڇيڙون هڻڻ واري روش سان ريجهيل آهي. جڏهن ته ڪراچيءَ جي مڇر ڪالونيءَ ۾ قتل ٿيل انهن ٻن نوجوانن جو واقعو لونءَ ڪانڊاريندڙ آهي. هي واقعو مڪمل ذميواريءَ سان کڻڻ گهرجي. هن واقعي جي حوالي سان اسان کي ڀرپور معلومات ۽ تمام سائنسي تجزئي سان حل تلاش ڪرڻ واري واٽ وٺڻ گهرجي. باقي حڪومت جي پاران پنجاهه لکن جو اعلان ڪرڻ سان حقيقي انصاف جون تقاضائون پوريون ٿي نه ٿيون سگهن.

حڪومت جڏهن ڪنهن تمام خطرناڪ واقعي کي امداد جي مٽيءَ سان دفن ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪري ته هوءَ تاريخ جو تمام وڏو ڏوهه ٿي ڪري. ڇو ته امداد جو اعلان ڪري، ڪنهن به واقعي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو عمل تمام گهڻو غيرذميواريءَ ۽ انتهائي نقصانڪار نتيجن جو سبب بڻجي ٿو. ڇو ته سرڪار جڏهن ڪنهن به سانحي کي دٻائڻ ۽ ڇپائڻ جي ڪوشش ٿي ڪري ته ان سان اهو واقعو وقتي طور تي ته دٻجي وڃي ٿو پر ان سانحي جا سبب موجود رهن ٿا ۽ وڌيڪ سانحن کي جنم ڏيڻ جو باعث بڻجن ٿا. ان کان سواءِ جڏهن به ڪا چونڊيل ۽ پاڻ کي جمهوري حڪومت سڏرائيندڙ سرڪار صرف امداد ڏيڻ سان انصاف جون تقاضائون مڪمل سمجهي ٿي ته ان مهل اها حڪومت ثابت ٿي ڪري هن جو ذهن، ضمير ۽ هن جي روش مڪمل طور تي وڏيرڪي آهي. جهڙي ريت وڏيرڪي ۽ جاگيرداري نظام ۾ صرف ڏوهه ڏنڊ وجهي معاملي کي رفع دفع ڪيو ويندو آهي، تهڙي طرح اسان جا نام نهاد جمهوري حڪمران به ان قسم جي لاڙن جو شڪار آهن. اهوئي سبب آهي ته هو هر ڏوهه کي ڏنڊ سان مشروط ڪري اصل ۾ ڏوهارين جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. ناظم جوکيو ڪيس ۾ به اهو ئي ڪجهه ٿيو. اسان کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته جهڙي طرح ناظم ڪيس ۾ ڏوهاري حڪمران جماعت سان تعلق رکندڙ هئا، ان ڪري حڪومت ان سلسلي ۾ راڄوڻي ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

نثار پنهور ۽ جاويد جي ڪيس جي حوالي سان هن مهل تائين ايندڙ خبرن جي حوالي سان جيڪا بهتر خبر آهي ته اها سنڌ جي چيف جسٽس پاران سوئو موٽو وٺڻ جي آهي. اهو نهايت بهتر عمل آهي ته سنڌ جي عدليا مٿين سطح تي هن ڪيس جو نوٽيس ورتو آهي. پر ان حوالي سان انصاف جون تقاضائون تڏهن پوريون ٿينديون، جڏهن هن ڪيس جي هڪ هڪ پهلوءَ تي باريڪيءَ سان غور ڪيو وڃي ۽ انهن سببن کي معلوم ڪري انهن جي خاتمي جا اپاءَ وٺجن، جن جي ڪري هي دلخراش واقعو پيش آيو. ان کان سواءِ سنڌ جي اعليٰ عدالت انصاف جون سموريون تقاضائون پوريون ڪري ۽ ان ڪيس ۾ جيڪو حڪومت جو ڏوهه آهي ته اهو ڏوهه حڪومت کي ڏيڻ به ضروري آهي. ڇو ته حڪومت کي هر غيرذميواري ڦٻي وڃي ٿي. هن ڀيري سنڌ جي اعليٰ عدليا کي پنهنجي فيصلي جي صورت حڪومت کي سمجهائڻ گهرجي ته “امداد اڻپورو انصاف آهي.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button